داخلا ؛ 4731
پڙهيو ويو ؛ 2776
پسند ڪيو ويو ؛ 4
تاريخ ؛ 2012-11-08


تصويرون


tanked-3.gif
جديد سنڌي ادب- ڪتاب
جديد سنڌي ادب- ڪتاب

tanked-4.gif
شيخ اياز - ڪتاب
شيخ اياز - ڪتاب

tanked-5.gif
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ- ڪتاب
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ- ڪتاب

tanked-2.gif
Plato
Plato

tanked-1.gif
سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري- ڪتاب
سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري- ڪتاب



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تنقيد

ٽائيٽل ؛ تنقيد


شاخ : لفظ

تنقيد (Criticism ):لفظ ’تنقيد‘ جي لغوي معنيٰ آهي پرکڻ يا چڱي ۽ -بري- جو فرق محسوس ڪرڻ. انگريزيءَ ۾ -تنقيد- نگاري (Criticism) جي معنيٰ عدل يا انصاف آهي.
تنقيد (Criticism)بابت -انگريز- نقاد هڊسن لکيو آهي ته: ”ادبي -تنقيد- اُن کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن فن پاري کي سمجهڻ ۽ -ان- تي غور ڪرڻ جي صلاحيت هجي. تنقيدي فن جي ماهر جو ڪم آهي ته فني -تخليق- کي ڏسي، سمجهي، غور ڪري ۽ -ان- جي خوبين ۽ خامين جي جاچ ڪرڻ بعد اُن جي قدر ۽ قيمت جو صحيح اندازو لڳائي“.
پس منظر: -تنقيد- جي -تاريخ- يونان کان شروع ٿئي ٿي. يونان هڪ اهڙو منفرد ملڪ آهي، جنهن جا علم ۽ فن محفوظ رهي سگهيا آهن، -ان- ڪري جڏهن به ڪنهن علم يا فن جي تاريخي سلسلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي آهي ته سلسلو يونان کان کڻبو آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب، ثقافت، -ٻولي- ۽ علم ادب کانئن آڳاٽو هئڻ جي باوجود محفوظ نه رهي سگهڻ ڪري -تاريخ- ۾ ذڪر هيٺ نه ٿو اچي. ٻين سمورن علمن وانگر -ادب ۽ تنقيد- جي ابتدا کي جاچڻ لاءِ پڻ اسان کي يونان ڏانهن نهارڻو ٿو پوي، -جتي- جي شاعرن، اديبن، ڏاهن فلسفين پنهنجي شاعريءَ، بحث مباحثن، ليڪچرن، تقريرن ۽ ڪتابن ۾ شعر ۽ -تنقيد- بابت خيالن جو اظهار ڪري انهيءَ سلسلي جي ابتدا ڪئي، جنهن ۾ ڪي رڳو ”تنقيدي اشارا“ آهن ته ڪي باقاعدي ادبي -تنقيد- جا اصول آهن.
ادبي -تنقيد- جي باقاعدي ابتدا: -تاريخ- موجب ادبي -تنقيد- جي شروعات -ارسطو- (Aristotle وفات:322 ق.م) جي مشهور -تصنيف- پوئيٽڪ (Poetica) سان ٿئي ٿي، پر -ان- کان اڳ سندس -استاد- -افلاطون- (Plato وفات: 347 ق.م) پنهنجي -تصنيف- ريپبلڪ (Republic) ۾ شعر ۽ شاعريءَ تي بحث ۽ اعتراض ڪري چڪو هو. ڏٺو وڃي ته -افلاطون- کان اڳ به سندس -استاد- سقراط (Socrates وفات: 399 ق.م) جنهن سچ لاءِ زهر جو پيالو پيتو هو ۽ اهو ’سچ‘ هڪ قسم جي -تنقيد- به هئي، جيڪا -ان- دور جي رياست، عام عقيدن ۽ معاشري تي ڪئي هئائين. پنهنجي مقدمي جي پيرويءَ دوران ڳالهائيندي سقراط، شاعرن ۽ سندن شاعريءَ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري چڪو هو. انهيءَ مقدمي جي پيرويءَ ۾ سندس بيان (Applogoy) کي ادبي -تنقيد- جي -تاريخ- ۾ -ان- ڪري اهميت حاصل آهي، جو هن انهيءَ ۾ ادبي -تنقيد- کي ادبي عمل (Literary activity) ۾ هڪ جدا ۽ اهم جاءِ ڏني هئي.
سقراط (Socrates) کان اڳ به ڪيترا شاعر ٿي گذريا هئا، -جن- مان ڪن اهم شاعرن جا نالا هي آهن: هومر (Homer) (9-12 صدي ق.م)، هيسئڊ (Hesiod) صدي ق. م)، پنڊار (Pindar) (518-442 ق. م)، جوريس (485-380 ق. م ۽ ارسٽوفينز (Aristophanes) (448-380 م.م) انهن سڀني شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ تنقيدي اشارا ڏنا آهن، -جن- جي بنياد تي ادبي -تنقيد- جي سلسلي کي گهڻو پوئتي کڻي وڃي سگهجي ٿو، بهرحال انهن تنقيدي اشارن کي بيان ڪري سقراط، -افلاطون- ۽ ارسطوءَ تائين يونان ۾ -تنقيد- جي -تاريخ- کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو.
ادبي -تنقيد- جي -باري- ۾ اشارن ۽ انفرادي راين ۾ مختلف ماڻهن جا مختلف نقطهء نظر موجود آهن، منجهن تنقيدي شعور به نظر اچي ٿو، تخليقي عمل جي اهميت به آهي، پر پوءِ به باقاعده طور تي منظم ۽ مربوط ”تنقيد جو فن“ ۽ -ان- سان لاڳاپيل اصطلاح ’افلاطون‘ کان پوءِ سامهون آيا، جيڪو سقراط جو لائق شاگرد هو. هو پهرين هڪ شاعر هو، پر پنهنجي -استاد- جي اثر ۾ پنهنجي شاعريءَ ۽ ڊرامن کي ساڙي فلسفي سان دلچسپي رکيائين.”مڪالما“ (Dialogues) سندس اهڙي -تصنيف- آهي، جنهن مان فلسفي جي باقاعدي روايت -جنم- ورتو، هن -تصنيف- ۾ مختلف موضوعن تي ”مڪالما“ آهن، پر ادب جي حوالي سان سڀن کان وڌيڪ سندس ڪتاب ”ريپبلڪ“ (Republic) کي اهميت حاصل آهي، جنهن ۾ هن هڪ مثالي رياست جو جامع تصور پيش ڪندي، شاعرن کي -ان- مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. -افلاطون- ڪو ادبي نقاد نه هو، نه ئي هن جو مقصد شاعري ۽ شاعرن تي -تنقيد- ڪرڻ هو، بلڪ هن رڳو -ان- وقت جي يونان جي بگڙجندڙ معاشري ۾ ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ لکيل انهيءَ مڪالمي ۾ قانون، سياست، اخلاقيات ۽ مابعد الطبعيات (Metaphysics) جهڙن موضوعن جي حوالي سان ڪي ڳالهيون پيش ڪيون، جيڪي پوءِ ادبي -تنقيد- جا اصول ڳڻجڻ ۾ آيون.
سقراط پنهنجي قلم سان ڪجهه به نه لکيو هو، پر سندس خيالن جو حوالو سندس شاگرد -افلاطون- ڏنو. -ان- کانسواءِ سقراط تي هلايل ڪيس جي ڪارروائي ۾ پڻ سندس فڪر ۽ نقطئه نظر محفوظ ٿي ويو. شاعر ۽ ڊرامه نگار ارسٽوفينز (جيڪو -افلاطون- جي زماني ۾ ئي ٿي گذريو هو) پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ سقراط جو ڪردار پيش ڪيو، جنهن ۾ هن جو مقصد مٿس -تنقيد- ڪرڻ هو، جيڪا هن پنهنجي طنزيه انداز ۾ ڪئي هئي، پر اهڙيءَ ريت هن سقراط جي فلسفي جي ڪن ڳالهين کي محفوظ ڪري ڇڏيو هو.
ارسٽوفينز (Aristophanes) هڪ ڊرامه نگار هو، سندس طربيه ڊرامن ۽ مزاح ۾ طنز سان گڏ تنقيدي اشارا به موجود آهن. هُو هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”خراب شاعر اهڙن ٻوٽن وانگر آهن، -جن- جو ڪو ڦل نه هجي. اهي خالي هوا ۾ آواز ڪندا آهن.“ هو سٺي شاعر لاءِ چوي ٿو ته ”هن جو فن صحيح ۽ سچو هجي ۽ جڏهن سندس ڳالهه آفاقي هجي، تڏهن هو سٺو شاعر سڏبو“.
مجموعي طرح ڏسبو ته -افلاطون- شاعريءَ تي ٻن حوالن سان -تنقيد- ڪئي هئي- پهريون فلسفياڻي بنياد تي، جنهن ۾ هن چيو هو ته شاعري حقيقت کان ٻه ڀيرا پري هوندي آهي ۽ ٻيو اخلاقي بنياد تي جنهن ۾ سندس راءِ هئي ته اها جذبات کي دٻائڻ بدران انهن کي اُڀاري ٿي، -ان- ڪري اخلاق کي خراب ڪري ٿي. -افلاطون- جي دور کان اڄ تائين شاعريءَ تي اهي ئي ٻه اعتراض ٿيندا رهيا آهن. سندس شاگرد ارسطوءَ وري نفسياتي ۽ جمالياتي بنيادن تي شاعريءَ جو بچاءُ ڪيو ۽ ائين شاعريءَ کي خوشي ۽ تسڪين ڏيندڙ سڏيو. اڄ به شاعريءَ جي مواقفت ۾ انهن ئي ڳالهين جو حوالو ڏبو آهي.
تنقيدي ادب جو اوسر: فني لحاظ کان ويهين صديءَ ۾ اڪثر نقاد -ان- ڳالهه تي متفق آهن ته هڪ سٺي ۽ اثرائتي شعر ۾ ضروري جزا هيٺيان آهن: (1) ترنم (Rhythm)، (2) قافيو (Rhyme)، (3) عڪسيت (Imegery)، (4) شاعراڻو خيال (Poetic Thought)، (5) جذبو (Feelings) ۽ -ٻولي- ۽ اسلوب (Diction). اهي سڀ جزا مختلف دورن ۾ مختلف نقادن اعليٰ شاعريءَ ۾ ضروري ڄاڻايا آهن.
ادبي -تنقيد- جي سموري -تاريخ- ۾ ڪي نقاد ادب جي مقصد کي اخلاقيات سان ڳنڍيندا رهيا آهن ته ڪي جمالياتي ۽ نفسياتي رجحان ڏسندا رهيا، خاص ڪري ويهين صديءَ ۾ نفسياتي نظرين جي بنياد تي ادب جي سمجهاڻي ڏيندا رهياآهن، ڪن وري معاشيات کي ادب ۽ معاشري جي تعلق سان اهم ڄاڻايو آهي ۽ سماجي رشتن تي زور ڏنو آهي. اشتراڪي ۽ مارڪسي -تنقيد- جو پس منظر اهو رهيو. ڪن نقادن شاعريءَ جي فارم کي اهميت ڏني ۽ اخلاقي ۽ سماجي رجحانن جي نفي ڪئي. هن -تنقيد- ۾ نقادن زبان، ٽيڪنڪ، وزن ۽ -بحر- کي موضوع کان وڌيڪ اهميت ڏني ته ڪن وري اشارتي -تنقيد- ڪئي، جنهن ۾ ادب جي آفاقيت تي زور ڏئي، -ان- جي دائمي قدر ۽ قيمت مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اشارن ۽ علامتن کي اهميت ڏني. بهرحال ادب اهڙو پيچيدو تخليقي عمل آهي، جنهن جي -تنقيد- لاءِ نقاد کي مختلف علم ۽ فن ڄاڻڻ کانسواءِ -تخليق- جي تجربي کي سمجهڻ جي صلاحيت ۽ زندگيءَ جي ادب سان تعلق جو شعور رکڻ ضروري آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ادبي -تنقيد- به ادب جي دائري ۾ ئي اچي ٿي. اهو اهڙو لٽريچر آهي، جيڪو ”ادب“ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جيڪو زندگيءَ کي سمجهڻ جو فن آهي. مطلب ته زندگيءَ کي ادب ۽ ادب کي -تنقيد- سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
ادبي -تنقيد- لاءِ ڪي مکيه اصول بيان ڪيا ويا آهن، -جن- جي پوئواريءَ سان -تنقيد- غير جانبدار، معروضي ۽ مستند بڻجي سگهي ٿي.
جديد ادبي -تنقيد- جون تقاضائون:
1. -تنقيد- اشتهاري نه هجي: اشتهاري -تنقيد- ۾ ڪي -اخبار- نويس ۽ رسالن ۾ لکندڙ ڪنهن به ڪتاب جي هروڀرو ساراهه ڪندا آهن ۽ غير ضروري اهميت بيان ڪندا آهن. هڪ سٺو نقاد ڪنهن به مضمون يا ڪتاب وغيره تي -تنقيد- ڪرڻ لاءِ اهڙو رويو اختيار ڪرڻ بدران -ان- جي فني پهلوئن تي بحث ڪري، موضوعاتي خوبين کي نمايان ڪري پوءِ لکندو آهي ته -ان- تنقيدي ليک جي ادبي ۽ علمي اهميت مڃي ويندي آهي، نه ته اهو اشتهاري -تنقيد- جي دائري ۾ ايندو.
2. اها تعريفي نه هجي: تعريفي -تنقيد- لکندڙ ڪتاب جي خوبين کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ خامين تي پردو وجهندو آهي. هو ڪتاب جي مصنف جي ذات جي تعريف ۾ پڻ اڳڀرو هوندو آهي. اهڙي -تنقيد- ۾ سندس شخصيت، شهرت ۽ قابليت جي حد کان وڌيڪ واکاڻ ڪيل هوندي آهي. ادبي -تنقيد- جو اهو به اصول آهي ته اهڙي تعريفي -تنقيد- کان -پاسو- ڪيو وڃي.
3. مذمومي -تنقيد- نه ڪرڻ گهرجي: ڪي نقاد ڪنهن اديب سان ذاتي دشمني يا بغض رکندي سندس خوبين کي لڪائي صرف خامين تي لکندا آهن. لکڻيءَ جي به مذمت ڪندا آهن ته ليکڪ کي به ننديندا ۽ لوئيندا آهن. ڪڏهن ڪنهن وڏي اديب يا شاعر جي ڪلام کي چورايل يا ترجمو چئي -ان- جو مقام ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ماضيءَ ۾ ڪشنچند ليکراج عزيز ۽ تازو ويجهي ماضيءَ ۾ شيخ -اياز- جي شاعريءَ جي عظمت ۽ سندس شخصيت کي گهٽائڻ لاءِ اهڙيون ڪوششون ڏسڻ ۾ ڪيون ويون. -تنقيد- نگار کي غير جانبداريءَ سان حقيقتون بيان ڪرڻ گهرجن.
ادبي -تنقيد- جا قسم: ادبي -تنقيد- جا مختلف ادبي نقادن ڪيترائي قسم ڄاڻايا آهن، -جن- ۾: نظرياتي تنقيد، جمالياتي تنقيد، نفسياتي تنقيد، اخلاقي تنقيد، مذهبي تنقيد، سماجياتي -تنقيد- ۽ عملي -تنقيد- وغيره اچي وڃن ٿا. ويهين صديءَ ۾ وڏن ۽ ناليوارن نقادن ادب جي -تنقيد- جي ڏس ۾ مختلف نظريا پيش ڪيا آهن، ولبر اسڪاٽ (Wilbur Scot) ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، انهن کي پنجن اهم رخن يا پهلوئن ۾ ورهايو آهي: (1) اخلاقياتي رخ (Moral Approach)، (2) نفسياتي رخ (Psychological Approach)، (3) سماجياتي رخ (Sociological Approach)، (4) هيئتي رخ (Formatic Approach) ۽ (5) مثالي رخ (Archetypal Approach).
سنڌي ادب ۾ -تنقيد- نگاري: سنڌي ادب جي شروعات بابت مختلف رايا آهن. تاريخي لحاظ کان چيو وڃي ٿو ته سنڌ عرب دورِ حڪومت ۾ علم، ادب ۽ سائنس ۾ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور هئي. جيڪڏهن ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- جي -ان- راءِ سان متفق ٿي وڃجي ته اسين اهو چئي سگهون ٿا ته علم ادب ۾ تنقيدي ادب به ضرور شامل هوندو. اسان وٽ زباني روايتن وارو ادب ته ڪي قدر ملي ٿو، پر تنقيدي ادب جو ڪو واضح اهڃاڻ نه ٿو ملي. البت تاريخن ۾ نائين ۽ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ هڪ شاعر ڪويراج شکِر جو ذڪر ملي ٿو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جا هڪ درجن کن ڪتاب عروض ،ادب، -تاريخ- ۽ -تنقيد- تي مشهور ٿيا. ڪويراج پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ سنڌ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”هتان جي انوکي ادب جي خوبي لاڙ جي ئي شاعرن لاءِ مخصوص آهي. سندن شاعريءَ جي پياري ۽ پسنديده طرز، جنهن جي خصوصيت رنگيني ۽ ظرافت آهي، سا لاڙي طرز جي ئي نالي سان مشهور آهي.“
ان کي پهريون تنقيدي بيان چئي سگهجي ٿو، جنهن جو حوالو مختلف ڪتابن ۾ ملي ٿو. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي رسالي ۾ قاضي قادن جي ستن بيتن مان هڪ -بيت- هو:
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾
تَهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.
ڪلهوڙن جي دور جي هڪ عالم مخدوم ابوالحسن (1661ع) -ان- -بيت- تي -تنقيد- ڪئي هئي، خاص ڪري لفظ ”جوڳيءَ“ جي معنيٰ، مفهوم ۽ استعمال تي هن اعتراض ڪيو هو. هو هڪ ظاهر پرست هو، -ان- ڪري مسلمانن جي رهبري يا سجاڳيءَ لاءِ ڪنهن اهڙي ديسي لفظ جي استعمال کي مناسب نه ٿي سمجهيائين، جيڪو ”مرشد“ جي معنيٰ ظاهر ڪري.. هن -تنقيد- فارسيءَ ۾ ڪئي، جيڪا -ان- وقت علمي زبان هئي.
”نه -جوڳي- ست عارف نه سمني گهي شده هريک ملحد و گمرهي.“
هن جملي مان محسوس ٿئي ٿو ته ابوالحسن”جوڳي“ لفظ کي ”عارف“ جو متبادل يا برابر نه ٿو سمجهي بلڪه مرڳو ئي جوڳيءَ مان الحاد ۽ گمراهيءَ جو شڪ ٿو ظاهر ڪري. -جوڳي- لفظ ”جوڳ“ يا ”يوگ“ مان ٺهيو آهي، جنهن کي سنڌ جو عام ماڻهو سمجهي سگهيو ٿي ۽ هنن وٽ -جوڳ- پچائڻ جو هڪ واضح تصور هو. سنڌ جي -تصوف- واري سلسلي جي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽ سنياسين جو گهڻو ذڪر به انهيءَ سبب ملي ٿو. جيتوڻيڪ قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ اهو لفظ -ان- معنيٰ ۾ پهريون ڀيرو ملي ٿو، پر ضروري ناهي ته هن ئي -ان- کي پهريون ڀيرو استعمال ڪيو هجي. هن کان اڳ جي شاعري ته محفوظ ئي ڪانه ٿي سگهي آهي، -ان- ڪري ائين سمجهي سگهجي ٿو ته جوڳيءَ جي جاڳائڻ واري -ترڪيب- عام ماڻهن جي لاءِ اوپري نه هوندي، -ان- ڪري ئي قاضي قادن -ان- کي ائين ڪتب آندو ته جيئن سنڌ جا هندو توڙي مسلمان -ان- کي گرو، مرشد يا رهبر جي معنيٰ ۾ سمجهي سگهن. بهرحال ابوالحسن جي اعتراض مان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته -ان- وقت جي ماڻهن ۾ اهڙو تنقيدي شعور موجود هو، جنهن سان هو شاعرن ۽ سندن شاعريءَ تي ڪا راءِ ڏئي سگهن. البت -ان- جو اظهار فارسيءَ ۾ هئڻ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌي شاعريءَ تي -تنقيد- لاءِ فارسي زبان کي ذريعو بنايو ويندو هو. اهو ئي ابو الحسن پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن مادري زبان ۾ مڪتبي -تعليم- ڏيڻ لاءِ پهريون معياري سنڌي درسي ڪتاب لکيو، جنهن لاءِ ڪوشش ڪري عربي ۽ فارسي الف ب جي مدد سان سنڌي صورتخطي جوڙي هئائين. -ان- ڪتاب جو نالو ”مقدمه الصلواة“ (نماز جو مهاڳ) هو، پر سنڌيءَ جو پهريون ڪتاب هئڻ جي ڪري ”ابوالحسن جي سنڌي“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
ساڳئي سلسلي کي قائم رکندي محمد -ابراهيم خليل- ٺٽويءَ ”تڪمله مقالات الشعراءَ“ لکيو، جنهن ۾ ڏيڍ سؤ سالن جي عرصي ۾ گذريل انهن شاعرن جو ذڪر آهي، -جن- سنڌ جو هوندي به فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي. اهو سلسلو 1317 هه تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ ڪتاب يعني ”تڪمله مقالات الشعراءَ“ ۾ به تنقيدي اشارا ملن ٿا، مثلاً هڪ شاعر ”احمد“ بابت مصنف لکي ٿو ته ”سندس شاعري فصيح ۽ -ان- جو تاثير بليغ آهي، نظم دلپسند اٿس ۽ نثر ارجمند“.
سيد ثابت علي شاهه (جنم 1810ع) لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي هڪ همعصر شاعر سيد خير شاهه جي لاءِ هجوَ لکي هئي، جنهن جو جواب سيد خير شاهه کيس ساڳئي نموني هجوَ لکي ڏنو هو، انهن شاعراڻين چوٽن ۾ ڪي تنقيدي اشارا ملن ٿا. پر انهن جي -اشاعت- کان اڪثر تذڪري نگارن -پاسو- ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪي ڳالهيون نامناسب به هيون، هجويه ڪلام ۾ شاعر ٻئي شخص جي گلا ۽ برائي ڪندا آهن، جنهن جو مقصد نڪته چيني ڪرڻ هوندو آهي، پر شاعريءَ جو هڪ انداز سنڌيءَ ۾ اهڙو به ملي ٿو، جنهن ۾ ڪن شاعرن ٻين شاعرن جي ساراهه ڪئي آهي ۽ سندن شخصيت سان گڏ ڪلام جي -باري- ۾ به راءِ ڏني آهي ۽ اهڙيءَ ريت ادبي -تنقيد- جو هڪ اڻ چٽو انداز ملي ٿو.
سنڌيءَ ۾ لکيل -تنقيد- جي ڪتابن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا اصولي -تنقيد- جا ڪتاب يا مضمون وغيره ۽ ٻيا عملي -تنقيد- جا ڪتاب ۽ مضمون مقالا وغيره. -ان- کان سواءِ -تحقيق- جي لحاظ کان لکيل ڪتابن کي به مٿين ٻنهي قسمن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب، -جن- ۾ نثر يا نظم جي ڪنهن صنف جي فني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ اصول ۽ قاعدا قانون بيان ڪيا ويا هجن، يا ڪنهن فنپاري جو اصولي تجزيو ڪرڻ لاءِ ماڻ ماپا بيان ڪيا ويا هجن، -تن- کي اصولي يا فني -تنقيد- جي دائري ۾ آڻبو. جڏهن ته ٻيا ڪي اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب -جن- ۾ نثر ۽ نظم جي ڪتابن، افسانن، ناولن، ڊرامن ۽ مضمونن تي تنقيدي خيال کان لکيو ويو هجي ۽ مڪمل نموني ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک ڪري انهن جو ملهه ڪٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هجي. -تن- کي عملي -تنقيد- جو ڪتاب چئبو.
ورهاڱي کان اڳ تنقيد: اصولي -تنقيد- جو پهريون باقاعدي ڪتاب ”ميزان الشعر“ کي چيو ويو آهي، جيڪو سيد محمد فاضل شاهه 1875ع ۾ شايع ڪرايو. هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ علم عروض جي قاعدن ۽ ضابطن جي -باري- ۾ چڱي ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ -ان- لحاظ کان نه صرف عروضي شاعري ڪرڻ وارن جي سکيا لاءِ ڪارآمد آهي، بلڪ علم عروض جي بنياد تي ٿيل سموري شاعريءَ جي پرک ۽ فني تجزئي ڪرڻ لاءِ به ڪم اچي سگهي ٿو. -ان- ۾ شعر جي جدا جدا نمونن جوڙڻ بابت سمجهاڻيون ڏنل آهن ۽ مختلف صنفن لاءِ مثالن سان وضاحتون ڪيل آهن.
اهڙو ئي هڪ ڪتاب مرزا قليچ بيگ ”انشاء سنڌي“ نالي سان لکيو هو، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ خط ڪتابت جي فن جا قاعدا مثالن سان سمجهايل هئا. اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي قسم جو واحد ڪتاب هو، جنهن جهڙو ٻيو ڪو ڪتاب گهڻي عرصي تائين نه لکجي سگهيو. هن ڪتاب جي اصولن موجب نثر جي لکڻ ۽ -ان- جي پرک لاءِ مدد ملي سگهي ٿي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي -تنقيد- جي ابتدا مير عبدالحسين سانگيءَ ڪئي، جنهن ’لطائف لطيفي‘ نالي فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيو، جيڪو قلمي صورت ۾ موجود هو، جڏهن ته مرزا قليچ بيگ به -ان- -تان- مدد ورتي هئي.
مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع) شاهه صاحب جي -باري- ۾ پنهنجو ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ 1887ع ۾ انگريزيءَ ۾ ۽ پوءِ 1897ع ۾ سنڌيءَ ۾ لکيو. هن ڪتاب جو بنيادي ذريعو مير عبدالحسين سانگيءَ کان مليل مواد هو، جيتوڻيڪ هي ڪتاب مرزا قليچ بيگ سانگيءَ کان پوءِ لکيو هو، پر منظر عام اڳ ۾ آيو. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو باقاعدي تنقيدي مواد ملي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ ۾ نثر جي ٻين صنفن وانگر عملي -تنقيد- جي باقاعدي ابتدا به مرزا قليچ بيگ ڪئي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڏهه باب ۽ پنج ضميما آهن. پهرئين باب ۾ ”شاعر ڪنهن کي چئجي“عنوان هيٺ پهرين قديم روايتون بيان ڪيون ويون آهن ۽ پوءِ انهن جي حوالي سان شاهه صاحب جو احوال ڏنو ويو آهي، هن ڪتاب جا پهريان ڇهه باب شاهه صاحب جي سوانح عمريءَ تي مشتمل آهن ۽ باقي ڪتاب ۾ سندس ڪلام جي سُرن وار ورهاست موجب تنقيدي مواد موجود آهي، جنهن ۾ شاهه جي رسالي جو جُڙڻ، جدا جدا ڇاپا ۽ انهن تي راءِ، سندس ڪلام جي خاصيت، شعر جو قسم ۽ -ان- جو نمونو، سرن جي جوڙجڪ، رسالي جا ڀاڱا، شعر جي ماهيت، کان سواءِ شاهه جي ڪلام جي حافظ شيرازيءَ سان ڀيٽ، شعر جون معنائون، -تصوف- جا خاص نڪتا ۽ قرآن شريف ۽ حديثن مان شاهديون، مختلف سُرن ۾ موجود مضمونن ۽ موضوعن تي رايا به ڏنل آهن.
هن ساڳي ئي دور ۾ هڪ تمام اهم ڪتاب ”ساميءَ جا سلوڪ“ ڇپيو هو، جنهن ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ پهريون ڀيرو 1885ع ۾ ساميءَ جو ڪلام هٿ ڪري ڇپايو هو. جنهن ۾ ديوان ڏيارام گدو مل جيڪو مهاڳ لکيو هو، -ان- جو عنوان هو ”ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج“.تاتپرج ۾ سلوڪن اندر موجود فلسفي و اهميت، جنهن ۾ هن ساميءَ جي سلوڪن ۾ بيان ٿيل انساني دشمنن ڪام، ڪروڌ، موهه، مايا ۽ لوڀ وغيره کان پاڻ بچائڻ جي اهميت کي چٽو ڪيو ۽ ساميءَ جي وديا يا علم جو تت پيش ڪيو.
شاهه لطيف تي -ان- کان پوءِ اهم ڪتاب ڇپيو هو ”شاهاڻو شاهه“، جيڪو لعلچند امر ڏني جڳتياڻيءَ 1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ طرفان ڇپرايو هو. هن ڪتاب جي -باري- ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جي راءِ آهي ته ”هي پهريون ڪتاب هو، جنهن ۾ خيال خواه عبارت جي لحاظ کان -تور- -تڪ- ڪيل هئي. شاهه صاحب جي ڪلام جون خوبيون ۽ خاصيتون جدا جدا فڪرن ۾ ڦولهي سمجهايل هيون ۽ هر هڪ خوبيءَ لاءِ ڳپل سلسليوار حوالا پڻ شاهه جي بيتن مان ڏنل هئا، جنهنڪري هي ڪتاب پڙهڻ مان پهريون دفعو مغربي -تنقيد- جي طريقي جو ساءُ پئي آيو.“ منگهارام ملڪاڻيءَ هن ڪتاب جي ليکڪ کي سنڌي -تنقيد- کي سڌريل ترتيب وار ڪڙيءَ تي آڻيندڙ سڏيو آهي. لالچند امر ڏني مل هن ڪتاب ۾ ڪيترائي شاهه جا سُر اهڙا ڄاڻايا، جيڪي سندس خيال موجب شاهه جا ڪو نه هئا ۽ ائين ئي رسالي ۾ اچي ويا هئا. -ان- وقت -تعليم- کاتي پاران ڇپايل شاهه جي رسالي ۾ موجود -جن- سُرن تي لعلچند امر ڏني مل اعتراض ڪيو هو، سي هئا سُر بيراڳ، سُر -بسنت- بهار، سُر هير رانجهو ۽ سُر سينهن ڪيڏارو، سُر مارو، سُر ڍول مارئي، سُر پورب، سُر ڌناسري، سُر ڪاموڏ ۽ سُر ڪارايل. پوءِ وقت ثابت ڪيو ته انهن ڏهن سُرن مان ڪيترن ٻين عالمن به رسالي مان خارج ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ هاڻي سُر مارئي، سُر پورب، سُر ڪاموڏ ۽ سُر ڪارايل کان سواءِ ٻيا سر رسالن ۾ شامل نه ٿا ڪيا وڃن.
لالچند امرڏني مل پنهنجي ساڳيءَ ساهت سوسائٽيءَ پاران 1916ع ۾ ”سونهارو سچل“ ۽ 1917ع ۾ ”بيرنگ -باغ- جو گل سنڌي“ نالي ڪتاب ڪڍيا هئا، -جن- ۾ -ٿورو- گهڻو شاعرن جي ڪلام تي به اظهار خيال ڪيو ويو هو. ”سونهارو سچل“ ۾ هن شاهه ۽ سچل جي ڀيٽ به ڪئي آهي ۽ شاهه جي انداز کي ڌيمو ۽ ماٺيڻو سڏيو آهي ۽ سچل کي گهڻو جوشيلو، شاهه کي شينهن ۽ سچل کي شڪرو شهباز ڪوٺيو آهي. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ 1915ع ۾ ”شاهه ڀٽائيءَ جي حياتي“ نالي ڪتاب ڇپايو هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري شاهه جي زندگيءَ جو احوال هو، پر سندس صوفياڻي فلسفي جي به ڪجهه اپٽار ٿيل هئي. جڏهن ته ڄيٺمل پرسرام هڪ ٻيو ڪتاب ”سچل سرمست“ 1922ع ۾ لکيو ۽ -ان- ۾ شاعر توڙي سندس شاعريءَ جي -باري- ۾ باقاعدي -تنقيد- ڪئي. هن سچل جي ڪلام کي سُرن ۾ ورهايو. هن ڀيٽا ڀيٽي قسم جي -تنقيد- (Comparative criticism) ڪئي، جنهن ۾ سچل حضرت عيسيٰ ۽ پتنجلي وغيره جي فلسفي کي ڀيٽي ”آهيان، ناهيان“ وارو نڪتو سمجهايو. سو اهڙيءَ ريت وحدت الوجود جي فلسفي کي مختلف حوالن سان ڀيٽي نتيجو ڪڍڻ جي روايت پئي.
ڀيرومل مهر چند -آڏواڻي- (1876-1953ع) سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏي -پائي- جو اديب ۽ محقق هو. هن سنڌي ٻولي، -ان- جي گرامر ۽ ادبيات بابت تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا لکي پاڻ مڃايو. سندس اهم ڪتابن ۾ ڪو باقاعدي ڪتاب -تنقيد- تي ڪونهي، البت مختلف رسالن ۾ هو تنقيدي مضمون لکندو رهندو هو. -جن- مان ”سنڌ جو سيلاني“، ”چونڊ ڪلام“ ۽ ”ڀٽائي گهوٽ جي ورسي“ سان گڏ شاهه جي ٻوليءَ تي ڪيترا مضمون لکيا هئائين.
سنڌي ٻوليءَ ۾ -تنقيد- جو سلسلو وڌندو رهيو ۽ اها شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي وڏائي ۽ عظمت چئجي، جو -ان- سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم سندس حوالي سان ٿيو، اهو تنقيدي سلسلو عروج تي تڏهن پهتو، جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ (1884-1947ع) شاهه صاحب جي رسالي جا ٽي جلد ڇپرايا ۽ انهن جو عالماڻو مقدمو (مقدمهء لطيفي: 1936ع) لکيو، جيڪو شاهه تي ٿيل تنقيدن ۾ سڀ کان وڌيڪ علمي، اصولي ۽ عملي -تنقيد- جو مظاهرو هو. اهو مقدمو پوءِ ’مقدمهء لطيفي‘ جي عنوان سان جدا ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو. هن مقدمي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ باقاعدي
تجزياتي (Analytical) انداز ۾ شاهه جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي تنقيدي نظر وجهي لکيو. ڊاڪٽر صاحب لنڊن مان -انگريزي- ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي هئي. سندس مقالي جو موضوع ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“ هو، جنهنڪري هن کي صوفياڻن موضوعن سان دلچسپي پيدا ٿي. هو فارسي ٻوليءَ جو -استاد- به هو.
هن شاهه جي رسالي جو پهريون جلد 1923ع ۾ تيار ڪيو، جنهن لاءِ هن شاهه جي ڪلام جا -ان- وقت تائين ڇپيل ۽ ٻيا قلمي نسخا هٿ ڪري باقاعدي ڀيٽ ڪئي ۽ ڪيترا -بيت- پنهنجي رسالي مان ڪڍي ڇڏيا، جنهنڪري مٿس پوءِ -تنقيد- به ٿي. بيتن جي شرح ۽ سمجهاڻيون ڏيڻ لاءِ باقاعدي لسانيات جي علم جي مدد ورتائين. شاهه صاحب جيئن ته وچولي ۽ لاڙ جو لهجو ڪتب آندو هو، -ان- ڪري -ان- کي ئي قائم رکندي سندس ٻوليءَ جو اڀياس ڪيائين. مقدمي ۾ موجود بابن ۾ شاهه جي حياتيءَ جو احوال، شاهه جو مذهب، ويدانت ۽ تصوف، شعر ۽ شاعري، مضمون ۽ عبارت، شاهه جي سنڌي ۽ -ان- جون نحوي بناوتون تفصيل سان ڏنائين. عام طرح سان عملي -تنقيد- جي اصولن ۾ انهن شاعريءَ جي پهلوئن جي پرک ڪبي، -جن- ۾ فن ۽ فڪر ٻنهي کي بحث هيٺ آڻبو آهي. انهيءَ خيال کان گربخشاڻيءَ جي -تنقيد- کي سائنسي -تنقيد- پڻ چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته مٿي بيان ڪيل هر هڪ باب ۾ سائنسي نموني سان موضوع جي ڇنڊڇاڻ ڪري پوءِ پنهنجي خيال موجب شاهه جي انهن معيارن تي پرک ڪئي اٿس، مثلاً: ڪلام جي فصاحت، بلاغت ۽ سلاست تي لکڻو هئس ته پهرين انهن شاعراڻين خصوصيتن جي وصف بيان ڪري انهن جي شاعريءَ ۾ اهميت بيان ڪيائين ۽ پوءِ شاهه جي ڪلام ۾ اهي خاصيتون ڳوليائين ۽ ڪيترن ئي بيتن جا مثال ڏئي اهي ثابت ڪيائين.
هي مقدمو ڪتابي صورت ۾ 1936ع ۾ ڇپيو هو. هن مقدمي جي -باري- ۾ اُن دور جي عالمن ۽ اديبن جيڪا به راءِ قائم ڪئي، -ان- جو اظهار مختلف رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾ ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت پهريون ڀيرو ڪنهن تنقيدي ڪتاب تي -تنقيد- جو رواج پيو. اهي تنقيدي رايا موافقت ۽ مخالفت جو هڪ سلسلو بنجي ويا. پهريون نقاد جنهن ”مقدمهء لطيفيءَ“ تي -تنقيد- ڪئي، سو ڄيٺمل پرسرام هو. هن ڀار تواسي -اخبار- ۾ اهڙا مضمون لکيا ۽ ڇپايا، -جن- ۾ هن سندس ترتيب ڏنل رسالي ۽ -ان- جي مقدمي مان ڪيتريون غلطيون ڪڍيون، جڏهن ته سندس ساٿ ڏيڻ وارن ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام سنگهه هئا ۽ مخالفن ۾ لعل چند امر ڏنو مل، ڀيرو مل مهرچند -آڏواڻي- ۽ ٻيا هئا، -ان- هوندي به جڏهن ته اهي بحث علمي ادبي سطح جا هئا، -ان- ڪري ڪافي ڪارائتي -تنقيد- معلوم ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي -تنقيد- ڪرڻ وارن جو خيال هو ته هن پنهنجي لکت ۾ اجايا ۽ ڏکيا عربي ۽ فارسي لفظ ڪتب آندا آهن. پهريون پهريون اعتراض لفظ ”مقدمي“ تي ٿيو. ٻين لفظن ۾ سوانح، حوالا، ولادت، سياحت، ملاجعت، متعدد وغيره تي اعتراض ڪيو ويو، ڇو ته انهن لفظن جا متبادل سولا سنڌي لفظ موجود آهن. ٻيا اڃا به ڏکيا اصطلاح، جيڪي اعتراض هيٺ آيا، -تن- ۾ ”مشرقي دماغ، افسانه پردازي، حاذق حڪيم، نوع -انسان- جي طبع جي نبض شناس، شيرين شمال جي سودا“ وغيره شامل آهن.
شاعريءَ جي ڪتابن تي -تنقيد- جي سلسلي کان پوءِ پهريون ڀيرو 1925ع ۾ هڪ نثر جي ڪتاب -تنقيد- ڪئي وئي، جيڪو امر ڏني مل جو انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل هڪ ناول هو. نقاد ڄيٺمل پرسرام ڪتاب جي ٻوليءَ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ اُن کي سولي ۽ سلوڻي سڏيو. گڏوگڏ ڪهاڻيءَ جي مقصديت ۽ دردمنديءَ جي به ساراهه ڪيائين. ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان به هن کي هن ناول ۾ گهڻيون خوبيون نظر آيون، ناول جي -تنقيد- ۾ اُن جي ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردارن، منظر نگاريءَ مڪالمن، مقصد حيات وغيره جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي آهي، سا اهڙي ترتيب سان ڪانه ڪئي وئي (شايد -ان- ڪري جو اهو اصلوڪو نه، پر ترجمو ٿيل ناول هو). -ان- هوندي به -ان- جي اهميت ۽ افاديت تي چڱي روشني وڌي وئي هئي.
مضمون: نثر جي هڪ ٻي صنف مضمون نگاريءَ جي حوالي سان -تنقيد- 1925ع ۾ پهريون ڀيرو لعل چند امر ڏني مل ڪئي، جيڪا پرمانند ميوارام جي مضمونن جي مجموعي ”گل ڦل“ تي هئي. اهي مضمون پرمانند ميوارام پنهنجي -اخبار- ”جوت“ مان چونڊي، گڏ ڇپايا هئا. هن -تنقيد- ۾ ڀيرومل ڪتاب ۾ ڏنل مضمونن جي ٻوليءَ جي ساراهه ڪئي ۽ سنڌيءَ کي جديد معيارن ڏانهن وٺي ويندڙ سڏيو. هن مضمونن جي چونڊ ۾ موضوعن جي گهڻ رنگيءَ کي به ساراهيو. پرمانند جي ٻوليءَ کي سليس ۽ ٻاهرين ڌارين عنصرن کان پاڪ ڄاڻايو ۽ لکيو ته ”هي ڪتاب نه رڳو واندڪائيءَ جي وندر ٿي سگهي ٿو پر گنڀيرتا ۽ سنجيدگيءَ واري سکيا سان به ڀرپور آهي.“
ان دور ۾ نڪرندڙ اڪثر اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ ڀارتواسي ۽ سنڌو وغيره ۾ مختلف ڪتابن، مضمونن ۽ ناٽڪن تي تنقيدي مضمون ڇپبا رهندا هئا يا تبصرا ڪيا ويندا هئا، -جن- ۾ ليکڪن جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيون وينديون هيون ۽ ڪتاب يا ليک جي مختلف پهلوئن تي پڻ -تنقيد- ڪئي ويندي هئي.
ناٽڪ: ناٽڪن جي سلسلي ۾ پهرين -تنقيد- لعل چند امر ڏني ۽ ڊنگي مل ٿڌاڻيءَ جي هڪ ناٽڪ ”سهڻي ميهار“ تي -جنوري- 1941ع ۾ ”سنڌو“ رسالي ۾ شايع ٿي جنهن ۾ ڊرامي جي ٽيڪنڪ ۽ اصولن کي نظر ۾رکي -تنقيد- ڪئي وئي هئي، پر ته به ڪن ٻين ڳالهين تي اعتراض به ڪيا ويا هئا، مثلاً: سورمن ۽ سورمين جي عشق جو بيان يا ڪي ٻيون ڳالهيون ناپسند ڪيون ويون هيون ۽ نقاد لکيو هو ”ناٽڪ ۾ خيال ۽ چرتر (ڪردار) عمل مان ظاهر ٿيڻ گهرجي، پر هتي عمل جي اڻاٺ بلڪ عدم موجودگي آهي“. ڪردارن ۾ سهڻي ميهار، سندن پيءُ ۽ ماءُ، نوڪرياڻيءَ وغيره جي عملن تي به -تنقيد- ڪئي وئي ۽ سهڻي ميهار جي بي حجاب ملڻ ۽ عشق ڪرڻ کي ننديو ويو هو. سندن -ان- بي حجابيءَ کي بي حيائيءَ ۽ بي فضيلت روش سڏيو ويو هو. ٻوليءَ جي حوالي سان -ان- جي ڪجهه تعريف ڪئي وئي، پر -ان- کي ناٽڪ جي ڏانءَ جي -ٻولي- نه سمجهيو ويو.
هڪ ٻيو ناٽڪ ”شڪنتلا“ نالي سنسڪرت مان ڪلياڻ آڏواڻيءَ ترجمو ڪري 1946ع ۾ ڇپرايو جنهن جو اصل ليکڪ ڪاليداس هو. هن ڪتاب تي به’سنڌو‘ رسالي ۾ -تنقيد- ٿي هئي. جنهن ۾ -ان- جي ٻوليءَ کي سپڪ سوادي سڏيو ويو، پر ڪٿي ڪٿي فارسيءَ ۽ عربيءَ کان سواءِ سنسڪرت جا اڻ ٺهڪندڙ لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪرڻ تي -تنقيد- ڪئي وئي هئي.
ورهاڱي کان اڳ -جن- سنڌي رسالن باقاعدي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، -تن- ۾ ماهوار ”سنڌو“ ماهوار ”اديب سنڌ“ ۽ ٽه ماهي ”مهراڻ“ شامل هئا. انهن رسالن لکندڙ عالمن ۽ اديبن مان ڪيترائي نقاد طور متعارف ٿيا، -جن- جا تنقيدي مضمون شايع ٿيندا رهيا. انهن مان ”مهراڻ“ جي -اشاعت- اڃا تائين -جاري- آهي.
تنقيد نگاريءَ جو سلسلو ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ به -جاري- رهيو آهي. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، علامه دائود پوٽو، محمد صديق مسافر، لطف -الله- بدوي، پروفيسر لوڪومل ڪيسواڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، لعلچند امر ڏنومل، منگهارام ملڪاڻي، ڄيٺمل پرسرام، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عبدالواحد سنڌي ۽ ٻيا ورهاڱي کان اڳ -تنقيد- نگاريءَ ۾ اڳڀرا رهيا. -پاڪستان- کان پوءِ جي اهم نقادن ۾ غلام محمد شاهواڻي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، جي. ايم. سيد، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم ’خليل‘، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، مولانا دين محمد وفائي، احسان بدوي، -اسد- -الله- شاهه ٽکڙائي، پروفيسر غلام علي الانا، سراج -الحق- ميمڻ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، ذوالفقار راشدي، ڊاڪٽر قاضي خادم ۽ ٻين جا نالا اهم آهن. جديد سنڌي ادب ۾ -تنقيد- نگاريءَ جي سلسلي ۾ محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر فهميده حسين، عبدالقادر جوڻيجي، -بدر- اڄڻ، -تاج- بلوچ، ولي رام ولڀ، حيدر علي لغاري، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سحر امداد، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اتم، لعل پشپ، شيام جئسنگهاڻي، پرم ابيچنداڻي، پريم پرڪاش، آنند کيماڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، هريش واسواڻي، ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، موتي پرڪاش، لکمي کلاڻي، پروفيسر هيري شِوڪاڻي، عبدالواحد آريسر، جامي چانڊيي، -تاج- جويي، -بدر- ابڙي ۽ ٻين -تنقيد- جي حوالي سان گهڻو لکيو آهي.
سنڌ ۾ ٻن اهم -ترين- شاعرن ”شاهه لطيف“ ۽ ”شيخ اياز“ تي سڀ کان وڌيڪ -تحقيق- به ٿي آهي ته -تنقيد- به، خاص ڪري -اياز- تي گهڻن ئي رخن کان لکيو ويو آهي. جڏهن ته شاهه صاحب تي ورهاڱي کان اڳ ئي ڪيترن عالمن -تحقيق- ڪئي ۽ تنقيدي تجزيي نگاريءَ ۾ شامل ٿئي ٿي. شاهه لطيف تي -تحقيق- ڪندڙ ليکڪائن ۾: ڊاڪٽر درشهوار سيد، پروفيسر امينا خميساڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين سرِفهرست آهن ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ ج.ع منگهاڻي، ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو، ڊاڪٽر ام ڪلثوم ۽ تهمينه مفتيءَ لطيفيات جي حوالي سان -تحقيق- ڪئي آهي، سندن تحقيقن دوران تنقيدي پهلو به موجود آهن. ڊاڪٽر درشهوار، ايڊمبرا يونيورسٽيءَ مان ”The Poetry of Shah Latif“ جي عنوان سان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. پروفيسر امينا خميساڻيءَ شاهه جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ عنوان سان پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. جڏهن ته شيخ -اياز- تي سندس حياتيءَ ۾ ئي فني ۽ نظرياتي حوالن سان -تنقيد- ٿيندي رهي آهي، پر مڪمل تنقيدي شعور سان -اياز- تي محمد ابراهيم جويي، مولانا گراميءَ، رسول بخش پليجي، ولي رام ولڀ، عبدالواحد آريسر، امداد حسينيءَ، رشيد ڀٽيءَ، قربان بگٽيءَ، -اعجاز- منگيءَ، اڪبر لغاريءَ، جامي چانڊيي ۽ -تاج- جويي سميت ڪيترن ليکڪن ۽ شاعرن مضمون ۽ مقالا لکيا آهن ۽ اهو سلسلو سندس وفات کان پوءِ به -جاري- رهيو.
جيڪڏهن گذريل پنجاهه- سٺ سالن تي نظر ڦيرائبي ته -تنقيد- ۽ -تنقيد- نگاريءَ بابت هيٺيان ڪتاب ۽ نقاد اهم نظر ايندا:
1948ع ۾ ڊاڪٽر شيخ ابراهيم ’خليل‘ جو ڪتاب ”رهنمائي شاعري“ جو ٽيون ڀاڱو ڇپيو، جنهن ۾ شعر جي سڀني فني رخن تي روشني وڌي وئي. -ان- کان اڳ ”رهنمائي شاعري“ جي پهرئين ڀاڱي جي بيان ٽئين ۾ شعر و شاعريءَ جي خلاف ٿيل ڪجهه ڳالهين جو تنقيدي جواب ۽ چوٿين بيان ۾ شعر و شاعريءَ جي اثر کي مثالن سان بيان ڪيو ويو آهي. -ان- پهرئين ڀاڱي جو ٻيو ڇاپو وري 1956ع ۾ ڇپيو.
1949ع ۾ جي. ايم. سيد جو مشهور ڪتاب ”پيغام لطيف“ اداره انسانيت، حيدرآباد پاران ڇپيو، هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ، -ان- دور جي سماجي ۽ سياسي منظرنامي کان سواءِ شاهه لطيف جي -تخيل- ۽ فڪر بابت اهم مضمونن سان گڏ شاهه لطيف ۽ علامه اقبال جي نظرين تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. اڄ تائين هن ڪتاب جا ڪيترا ڇاپا مختلف اشاعتي ادارن شايع ڪيا آهن.
1961ع ۾ سرور علي ’سرور‘ جي هڪ تنقيدي -تصنيف- ”ڪارڻي“ (شاهه عليه الرحمة جو فلسفو) شايع ٿي.
1964ع ۾ غلام محمد گراميءَ جو طويل مقالو ”مشرقي شاعري جا قدر ۽ رجحانات“ منظر عام تي آيو.
1965ع ۾ شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي ادب ۽ تنقيد“، رونق پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيد، نقاد ۽ سماجي مسئلن تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي.
1966ع ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڀارت مان ڇپيو، بعد ۾ 1977ع ڌاري حيدرآباد جي زيب ادبي مرڪز طرفان -ان- جو ٻيو ڇاپو شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب، ادبي -تاريخ- ۽ -تنقيد- ۾ بنيادي ڪتاب چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. منگهارام ملڪاڻيءَ جا بعد ۾”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي نثر جو جائزو“ ۽ ”آلوچنا- سمالوچنا“ عنوان سان پڻ تنقيدي ڪتاب ڇپيا آهن.
1966ع ۾ شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو ڪتاب ”تنقيد ۽ تجزيو“ ڇپجي آيو، جيڪو تنقيدي ادب تي هڪ اهم ڪتاب آهي.
1967ع ۾ نامياري نقاد رسول بخش پليجي جو ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“ ڇپيو، هيءُ ڪتاب ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ادب خلاف گمراهه ڪن مهم جي جواب ۾ مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي روزاني خادم وطن ۾ ڇپيا هئا.
1971ع ۾ پروفيسر احسان بدويءَ جو ڪتاب ”تنقيد ۽ -تنقيد- نگاري“ ڇپيو، ليکڪ هنن مضمونن کي پنهنجي ادبي ۽ تنقيدي شعور جا پهريان نقش سڏيو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ سچل سرمست جي -اردو- ڪلام جي جائزي سان گڏ -پير حسام الدين راشدي- ۽ لطف -الله- بدويءَ جي تحريرن تي -تنقيد- به لکي آهي، -جن- سندس نظر ۾ سچل سرمست سان انصاف نه ڪيو آهي. -ان- کانسواءِ احسان بدويءَ سنڌي غزل جي ابتدا ۾، مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ ۽ علامه اقبال جي ڪتاب ”بال جبريل“ تي به تنقيدي نگاهه وڌي آهي.
1971ع ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو ڪتاب ”سنڌي علم، ادب/ اصول ۽ اهڃاڻ“ڇپجي آيو، جنهن ۾ تنقيدي پهلو اُجاگر ٿيل آهن.
1971ع ۾ ئي ڊاڪٽر -ارجن شاد- جو ڪتاب ”بيوس ۽ نئون دور“پڌرو ٿيو، جنهن جي پهرئين باب ۾ هن سنڌي شاعريءَ جي ارتقا بيان ڪندي ”گل“، ”سانگي“، ”مرزا قليچ بيگ“ ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي ۽ پوءِ ساڳئي باب ۾ ”بيوس“ جي قلمي صلاحيتن

کي بيان ڪيو آهي. ٻئي باب ۾’بيوس‘ جي شعري مجموعي ”شيرين شعر“ جو تنقيدي -جائزو- ورتو ويو آهي. ٽئين باب ۾ ٻارن لاءِ لکيل سندس ڪتاب ”مؤجي گيت“ جو تنقيدي -جائزو- پيش ڪيو آهي. -ان- کانسواءِ ”گرونانڪ جيون ڪوتا“ ۽ ”بيوس گيتانجلي“ ڪتاب جو -جائزو- بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1978ع ۾ ڇپيو.
1972ع ۾ ”ڪهاڻي ڪلا جو وڪاس جي عنوان سان لعل پشپ جو ڪتاب ڇپجي آيو، جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ بابت تنقيدي مواد شامل آهي. ساڳئي سال 1972ع ۾ لعل پشپ جو ٻيو ڪتاب ”درشٽي ۽ درسني“ ڇپيو، جيڪو پڻ تنقيدي ادب جو اهم ڪتاب آهي.
1975ع ۾ ”نوان افق“ عنوان سان جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ بابت ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ وشنو ڀاٽيا، ايشور چندر، موهن ديپ، -برج- موهن، ناري پدم، گورڌن تنوائي، آنند کيماڻي، هريش واسواڻي، هيري شِوڪاڻي، پريم پرڪاش ۽ شيام جئسنگهاڻي جي ڪهاڻين جو تنقيدي -جائزو- ورتل آهي.
ان عرصي ۾ تحقيقي مقالن/ ٿيسز جي ڇپجڻ ۽ انهن تي به -تنقيد- جو سلسلو شروع ٿيو، ڇو ته -تحقيق- جي ڪم ۾ -تنقيد- جو عنصر پڻ ضرور هوندو آهي. مئي 1978ع ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جو تحقيقي مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ سنڌالاجي، ڄامشوري پاران شايع ٿيو، جنهن جو نگران ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. هن ٿيسز ۾ پنج باب شامل آهن، -جن- ۾: ”سماج“، ”ٻولي ۽ ڪلچر“، ”سنڌي ٻوليءَ جو ادب ۽ -ان- جو سماجي اڀياس“، ”اشارن واري -ٻولي- ۽ -ان- جو سماجي اڀياس“ ۽ آخر ۾ ”علم، معنيٰ ۽ -ان- جي سماجي حيثيت“ شامل آهن.
1980ع ۾ الهداد ٻوهئي جو ڪتاب ”تنقيدون“ منظر عام تي آيو. -ان- ڪتاب ۾ مغرب جي تنقيدي لاڙن تي روشني وڌل آهي ۽ -ان- موجب ڪن سنڌي تحريرن جو -جائزو- ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ خاص طور مارڪسي تنقيدي معيارن جي اپٽار هئي. ساڳئي ئي سال 1980ع ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر تنقيدي جائزو“ ڇپيو.
1980ع ۾”عزيز: شخص ۽ عالم“ نالي سان پوپٽي هيراننداڻي جو ڪتاب ڇپيو، پوپٽيءَ جو ٻيو به ڪتاب ”تنقيدي مضمون“ 1984ع ۾ ڇپيو.
1980ع ۾ ئي ممتاز مهر جو ڪتاب ”ويچار“ ڇپيو، جيڪو پڻ اهم تنقيدي ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ -ان- وقت سنڌيءَ ۾ آيل نون لاڙن موجب لکيل ادب تي -تنقيد- شامل هئي، جنهن ۾ جديد شعور جو وهڪرو ۽ ٻيا لاڙا شامل آهن.
1981ع ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ڇپيو، جنهن ۾ افساني جي حوالي سان تفصيلي بحث ٿيل آهي.
1981ع ۾ مراد علي مرزا ”ادبي -تنقيد- جا اصول“ ڪتاب ترجمو ڪيو، جيڪو اصل ’پروفيسر ليسلي ايبرڪرامبي‘ جو لکيل هو، جيڪو سنڌيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيو.
1981ع ڌاري قربان علي بگٽيءَ جو ڪتاب ”سيڻ مٽائن سون تي“ فڪر و نظر پبليڪيشن پاران ڇپيو، جيڪو پير علي محمد راشدي ۽ سندس ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي جائزي تي مشتمل آهي.
1983ع ۾ ڊاڪٽر -اياز- قادريءَ جي ٿيسز ”سنڌي غزل جي اوسر“، سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿي، جنهن ۾ تنقيدي لحاظ کان سنڌي غزل جي اهم شاعرن جي غزلن جو -جائزو- ورتو ويو آهي.
1983ع ۾ ڊاڪٽر در محمد -پٺاڻ- جو ڪتاب ”جو ڪيو مطالعو مون“ عنوان سان تنقيدي سلسلي جو ڪتاب ڪويتا ساهتيه مالها، احمد آباد، ڀارت ۾ ڇپيو.
1983ع ۾ نامور نقاد رسول بخش پليجي جو ادبي -تنقيد- تي ڪتاب ”سندي ذات هنجن“ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد پاران شايع ٿيو، اڳتي هلي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي ساهت گهر طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ -ٽين دنيا- جي ملڪن ۾ تنقيدي معيار مقرر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنل آهي ۽ ادب ۾ مدي خارج، رجعت پسند موضوع آڻڻ جي خلاف راءِ آهي.
ساڳئي ئي سال 1983ع ۾ ممتاز مهر جو ڪتاب ”سنڌ ۾ سنڌي ڪهاڻي جي اوسر“ ساهت ڌارا، ڪراچيءَ وارن ڇپايو.
1984ع ۾ هريش واسواڻيءَ جو ڪتاب (2004ع) ڇپيو، جيڪو 1940ع کان 1984ع تائين جي سرجيل ادب جي، جائزي تي مشتمل تنقيدي ڪتاب آهي.
1984ع ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جو ڪتاب ”ادب جا فڪري محرڪ“ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻوهئي صاحب ادب، فڪر ۽ -تنقيد- جي حوالي سان تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. -ان- ڪتاب جي اٺين باب ۾ -تنقيد- جي فڪري ڪردار تي به روشني وڌي وئي آهي.
1985ع ۾ هريش واسواڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي تنقيد“ ساهتيا اڪادمي نيو دهليءَ پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ اهم اديبن جا مختلف تنقيدي مضمون شامل آهن.
1985ع ۾ ئي -بدر- ابڙي جو ڪتاب ”تنقيد- ارتقائي جائزو“ ڇپجي منظر عام تي آيو، جيڪو -تنقيد- جي ارتقا بابت بهترين معلوماتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ -بدر- ابڙي يورپ ۾ آيل نئين سجاڳيءَ، حيات سڌار نظرين تي روشني وڌي آهي ۽ شاهه لطيف جي فن بابت نظريي تي نئين انداز ۾ لکيو آهي.
1986ع ۾ خاڪي جويي جو ڪتاب ”ترقي پسند ادب جا معيار“ ڇپيو، جنهن جو مهاڳ مرحوم فقير محمد لاشاريءَ لکيو. هن ڪتاب ۾ خاڪي جويي مارڪسوادي -تنقيد- کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ساڳئي سال 1986ع ۾ ذوالفقار راشديءَ جو ڪتاب ”ڪسوٽي“ سڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي طرفان ڇپيو، جنهن ۾ تنقيدي مضمون شامل آهن.
1987ع ۾ شيخ -اياز- جو ڪتاب ”خط انٽرويو ۽ تقريرون“ شايع ٿيو، جنهن ۾ شامل مضمونن ۽ تجزين ۾ تنقيدي پهلو نمايان آهي.
1988ع ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڪتاب ”ترورا“ سهڻي پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو، جيڪو هائيڪو، آزاد نظم، ادب ۽ سائنس کان سواءِ ڪتابن تي لکيل تجزين ۽ تنقيدن جو مجموعو آهي.
1988ع ۾ پريم پرڪاش جي شاعريءَ تي لکيل تنقيدي مقالن جو ڪتاب ”ڪوتا“ مارڪيٽ ۾ آيو، 1989ع ۾ سندس تنقيدي مقالا ”ڪهاڻي“ سنڌي ڊراما ورڪشاپ، -احمد آباد- پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
1991ع ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ علامت نگاري“ جي عنوان سان سنڌ -ثقافت- کاتي طرفان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي جديد مغربي معيارن موجب پرکڻ جي روايت برقرار رکي وئي آهي. جنهن جي شروعات ڊاڪٽر تنوير عباسي ”شاهه لطيف جي شاعري“عنوان سان 80 واري ڏهاڪي ۾ ڪئي هئي.
1991ع ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ”سنڌي -ثقافت- ۽ شاهه لطيف“ ڀٽ شاهه تحقيقي مرڪز طرفان شايع ڪئي وئي. هن ڪتاب ۾ لطيف جي شاعري ۽ -ثقافت- جي اثر کانسواءِ ڪلام جي -ٻولي- ۽ فني پهلوءَ تي بحث ڪيل آهي.
1992ع ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“سنڌ -ثقافت- کاتي پاران شايع ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين، شاهه جي سورمين جي ڪردارن تي نئين انداز سان روشني وجهي، ڪي نيون روايتون وڌيون آهن، جنهن سان سنڌيءَ ۾ ”Woman Studies“ جو نئون موضوع سنڌيءَ ۾ متعارف ٿيو. تنقيدي حوالي سان اڳ ۾ ڪيل -تنقيد- ۽ -تحقيق- سان اختلافي راءِ رکي وئي آهي.
1992ع ۾ پروفيسر -ارجن شاد- جي ڪتاب ”سنڌي غزل“ جو ٻيو ڇاپو، خليل پبليڪيشن، سکر پاران شايع ٿيو.
1993ع ۾ -تاج- جويي جو ڪتاب ”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري ڇپي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هن جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس بهتر نموني پيش ڪيو آهي. هن مجموعي ۾ -استاد- بخاري، راشد مورائي، -اياز- گل، خاڪي جويي ۽ ٻين نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن جي شاعريءَ تي اهم تجزيو پيش ڪيل آهي. -ان- کانسواءِ ڪتاب ۾ ”هائيڪو“ جي ڪجهه اهم شاعرن تي به تنقيدي شعور سان تبصرو ڪيل آهي.
1994ع ۾ ”ٻوهئي جون تحريرون“ ڪتاب ناز سنائيءَ پاران ترتيب ڏئي، سنڌي ساهت گهر پاران ڇپايو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا مختلف ڪتابن ۾ لکيل مهاڳ ۽ ٻيا اهم تجزياتي مضمون شامل ڪيا ويا آهن.
1994ع ۾ ئي -تاج- جويي جو جديد سنڌي شاعريءَ جي اڀياس جي سلسلي ٻيو ڪتاب، ”تلسين جي سرهاڻ“ نالي سان مارڪيٽ ۾ آيو، جيڪو پڻ تجزياتي ۽ تنقيدي شعور سان لکيل آهي.
1995ع ۾ ”ڇنڊ ڇاڻ“ جي عنوان سان ستيش روهڙا جو ڪتاب آديپور (ڀارت) مان شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادبي -تنقيد- جون نيون تقاضائون، هند ۾ سنڌي نثر ۽ ٻوليءَ جو اڀياس، سنڌي ادب جا دور ۽ منزلون، پرمانند ميوارام بابت تنقيدي مقالو ۽ ٻيا مضمون شامل آهن.
1996ع ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو ڪتاب ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ منظر عام تي آيو. 1997ع ۾ هيري -ٺڪر- جو ڪتاب ”تحقيق ۽ تنقيد“ ڇپيو، جنهن ۾ هن سنڌي ڪهاڻي، پراڻن دستخطن جي پڙهڻي، شاهه لطيف، سنت ڪا وير ۾ ساميءَ جي مقام، قاضي قادن جي پوکي، روحل فقير، ڀارت ۾ لوڪ ادب، ڀارت ۾ ادبي شخصيتون ۽ سنڌي مضمون نويسيءَ تي تنقيدي مقالا شامل آهن. 1998ع ۾ ”ساهتيه جي پرک“ نالي سان ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب شايع ٿيو.
1997ع ۾ ”لپ ڀر مهراڻ“ عنوان سان ريٽا شهاڻيءَ جي تنقيدي مضمونن جو ڪتاب سهڻي پبليڪيشن جئپور شايع ڪيو، جنهن ۾ هن -آغا سليم- جي ناول ”همه اوست“، منگهارام ملڪاڻيءَ جي ناٽڪ نويسيءَ ۾ يوگدان، ذوالفقار سيال جي ڪتاب ”ڳاڙها هٿ پيلا چهرا“، مريم مجيديءَ جي شعري مجموعي ”سرودم دکم دکم“، پشپا ولڀ جي شاعري ”دريءَ کان ٻاهر“ ۽ -آغا سليم- جي ڪتاب ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“ جو -جائزو- ورتو آهي.
1997ع ۾ ”وفائيءَ جا ڪتاب عالمن ۽ اديبن جي نظر ۾“ ڪتاب جي -اشاعت- وفائي اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان ٿي، جنهن ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ جي ڪتابن تي لکيل عالمن ۽ اديبن جا مهاڳ ۽ تبصرا شامل ڪيا ويا آهن. جنهن جي ڪجهه تحريرن ۾ تنقيدي ۽ تقابلي انداز به محسوس ٿئي ٿو.
1998ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”شاهه لطيف چيئر“ طرفان ”شاهه ۽ سنڌ“ جي سري هيٺ ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ پڻ هند ۽ سنڌ جي عالمن اديبن شاهه جي ڪلام، فلسفي، ٻوليءَ، موسيقي ۽ سندس شاعريءَ ۾ موجود مزاحمتي لاڙن تي، تحقيقي ۽ تجزياتي مقالا پيش ڪيا، -جن- مان ڪي اڳتي هلي ٻن جلدن ۾ شايع ٿيا.
ان کانسواءِ هر سال شاهه ڀٽائيءَ جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ به اهڙن مقالن جو سلسلو -جاري- رهي ٿو، جيڪو پوءِ -ثقافت- کاتي طرفان هر سال ڪتابي صورت ۾ شايع ٿئي ٿو. انهن ڪتابن کي ترتيب ڏيندڙن ۾ حميد سنڌيءَ، -تاج- جويو، منظور احمد قناصرو، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻيا شامل آهن ۽ هر سال ڪنهن هڪ سـُر تي تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا لکڻ جي روايت هلندي پئي اچي.
1998ع ۾ سنڌ جي وڏي شاعر شيخ -اياز- جي فن ۽ فڪر تي -ٻه ڪتاب- شايع ٿيا، -جن- ۾ جامي چانڊيي جو ڪتاب ”سنڌي ادب ۽ تنقيد- اينٿالاجيءَ“ جو پهريون حصو سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپايو. -تنقيد- نگاريءَ جي ڏس ۾ هي اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ -اياز- جي فني توڙي نظرياتي حوالي سان تنقيدي مقالا شامل آهن، جيڪي نامور نقادن محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر، -امير- علي چانڊيي ۽ ڪتاب جي مرتب جامي چانڊيي جا به لکيل آهن. جڏهن ته ٻيو ڪتاب نصير مرزا جو سهيڙيل ”سامي سج وڙاءُ“ جيڪو -بالاچ- پبليشرز، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، جو شيخ -اياز- جي وفات تي لکيل تاثرن ۽ مقالن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان سراج تائين ۽ حسن مجتبيٰ کان جامي چانڊيي تائين، جي ٽهيءَ جا لکندڙ شامل آهن.
1998ع ۾ نامور ڏاهي محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب ”ادب، ٻولي، تعليم“، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادب، -ٻولي- ۽ -تعليم- بابت پُر مغز مضمونن کي چونڊي شايع ڪيو ويو آهي، -ان- جو پهريون ڀاڱو جويي صاحب ۽ گرامي صاحب جي لکيل 56-1955ع جي ادارين ۽ ادب دوستن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ تجزياتي ۽ تنقيدي پهلو به شامل آهي. اهو ڪتاب جويي صاحب جي چونڊ لکڻين تي ٻڌل چئن جلدن واري ڪتاب ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جي سلسلي جو ٻيو ڪتاب آهي.
1998ع ۾ ڇپيل ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ”ساهتيه جي پرک“ پڻ تنقيدي زمري ۾ اچي ٿو.
1999ع ۾ ”سنڌي ادب ۾ -تنقيد- نگاريءَ“ جي عنوان تي بدرالدين اڄڻ جي لکيل پي. ايڇ. ڊي ٿيسز، سنڌ ريڊرس فورم، حيدرآباد طرفان شايع ٿي. اها ٿيسز هن شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ مرحوم جي رهنمائيءَ ۾ شروع ڪئي هئي، پر تڪميل ۽ ڇپجڻ تائين ڊاڪٽر صاحب حيات نه رهيو. هن ڪتاب ۾ تنقيد، -تنقيد- جي قسمن، -تنقيد- جي تاريخ، نقادن جي وصف ۽ تنقيدي ادب جو -جائزو- سٺي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. مجموعي طور هن ڪتاب ۾ سنڌي ادب ۾ -تنقيد- نگاريءَ جي -تاريخ- بيان ڪئي وئي آهي.
1999ع ۾ ڊاڪٽر -بشير احمد- ’شاد‘ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڀلارو ڀٽ ڌڻي“ شايع ٿيو، جنهن ۾ شاهه لطيف جي فڪر تي سنڌ جي 20 نامور اسڪالرن جا چونڊ مقالا شامل ڪيل آهن، -جن- مان اڪثر مقالن ۾ تنقيدي پهلو پڻ ملي ٿو.
2000ع ۾ -بدر- ابڙي جو ڪتاب ”سنڌ جو شاهه“ ڇپيو، جيڪو ’شاهه لطيف چيئر‘ پاران شايع ڪيو ويو. -ان- ڪتاب ۾ -بدر- ابڙي نئين انداز ۾ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ڪن اڻ ڇهيل عنوانن تي مقالا لکي نئين روايت وڌي.
ساڳئي سال 2000ع ۾ -تاج- جويي جو ڪتاب ”مان ورڻو هان“ (شيخ اياز: هڪ اڀياس)، مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ پاران ڇپايو ويو. جنهن ۾ -اياز- جي فني ۽ فڪري سگهه تي لکيو ويو آهي. -ان- ڪتاب ۾ -تاج- جويي، -اياز- جو ٻين شاعرن سان تقابلي -جائزو- ۽ تنقيدي حوالي سان پرک به بيان ڪئي آهي.
2000ع ۾ ”بدلجندڙ دور ۽ تنقيد“ جي نالي سان آنند کيماڻيءَ جو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن ۾ هن موهن ڪلپنا، پرم ابيچنداڻيءَ، شيام جئسنگهاڻيءَ جي تنقيدي جائزي سان گڏ سنڌي ڪهاڻي، نئين ڪهاڻيءَ جي مفهوم ۽ بدلجندڙ دور ۽ -تنقيد- وغيره موضوعن تي لکيو آهي.
2001ع ۾ ”گڏيل تنقيد“ نالي لعل پشپ جو ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ شيخ -اياز- جي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي“ ۽ گني سامٿاڻيءَ جي ڪهاڻين، جدت ۽ سنڌي ساهت ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول، رومانويءَ جي فراريت ۽ ٻين موضوعن تي -تنقيد- ڪيل آهي.
2001ع ۾ ”جيون ۽ ساهت“ عنوان سان ريٽا شاهاڻيءَ جي تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو ڪتاب پريم -آڏواڻي- فرينڊ سرڪل پويني طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.
2002ع ۾ -تاج- جويي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”ساميءَ تي هڪ نظر“ پريم ساگر پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپيو، هن ڪتاب ۾ ساميءَ جي شاعريءَ تي تمام اهم -تنقيد- ٿيل آهي، ڪتاب ۾ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي نقادن جا نوان پراڻا مقالا گڏ ڪيل آهن.
2002ع ۾ ساميءَ تي هڪ ڪتاب ”سامي ساگر بوند“ به ڇپيو، جيڪو ڊاڪٽر -انور- فگار هڪڙي جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ پڻ ساميءَ جي ڪلام جي پرک بيان ڪيل آهي.
2002ع ۾ ئي ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو مختلف ڪهاڻين تي تنقيدي -جائزو- ”ڪٿا کان ڪٿا تائين“ ڀاشا پرڪاشن آديپور مان شايع ٿيو.
2002ع ۾ ئي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب ”ڪٺمال“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ مختلف صنفن تي 60 کان وڌيڪ مقالا شامل آهن، -جن- مان شاهه، سچل ۽ خواجه محمد زمان جي شاعريءَ کان سواءِ جديد عالمي لاڙن جي سنڌي ادب تي اثر بابت لکيو ويو آهي.
2002ع ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“ شاهه لطيف چيئر، ڪراچي پاران شايع ٿي، جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ فڪري ڌارائن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ سنڌيءَ ۾ مختلف لاڙن هيٺ لکيل ڪتابن ۽ انهن جي ليکڪن جو تنقيدي اڀياس شامل ڪيو ويو آهي.
2002ع ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڪتاب ”ادبي تنقيد- فن ۽ تاريخ“ جو ٻيو ڇاپو، سڌارن ۽ واڌارن سان ڇپجي آيو.
2002ع ۾ ج. ع منگهاڻيءَ جو ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي...“ شاهه لطيف چيئر پاران ڇپيو، جنهن ۾ هن شاهه جي ٻوليءَ بابت بحث ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ هن ڪوهستان جي لهجي موجب شاهه جي ٻوليءَ ۾ پرک ڪئي آهي.
2003ع ۾ اي. جي. اتم جو ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ نئين دنيا پبلشرز ممبئي طرفان ڇپيو، جيڪو هڪ اهم تنقيدي ڪتاب آهي.
2003ع ۾ ”جديد سنڌي ڪهاڻي“ جي موضوع تي رئوف نظاماڻيءَ جو ڪتاب، انڊس پبليشرز پاران پڌرو ٿيو، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ کانسواءِ سنڌي ادب ۾ -تنقيد- جي ڪمزوريءَ تي به لکيو ويو آهي.
2003ع ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو پي. ايڇ. ڊي جو مقالو ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ ڇپيو، جنهن ۾ هن هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شروعاتي ناول نگارن تي تنقيدي انداز ۾ لکيو آهي.
2003ع ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جو سنڌي ادب جي اهم شخصيتن جو تنقيدي اڀياس ”لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو وهه اوڀار“ عنوان سان سنت ڪنور فائونڊيشن -احمد آباد- مان شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف ۽ ڀڳتي هلچل کانسواءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي، پرمانند ميوارام، ’موهن، گنو ۽ لعل‘ ٽي مکيه ڪهاڻيڪار، منگهارام ملڪاڻي، -تاريخ- نويس ۽ نقاد، شاهه سچل ۽ ساميءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي هڪ نئين نظر وغيره جي موضوعن تي لکيو آهي.
2003ع ۾ نامور شاعر ڪرشن راهيءَ جي تنقيدي مضمونن خاص ڪري بيوس جي شاعري، ورهاڱي کان پوءِ سنڌو شاعري، نارائڻ شيام جي شاعري، سنڌي نظم، غزل، سرحد جي هن -پار- ۽ هن -پار- جي ادب تي مشتمل ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو.
2004ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ -تشبيهه- نگاري ۽ استعاري نگاريءَ جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز شاهه لطيف چيئر، ڪراچيءَ پاران شايع ٿي، جنهن ۾ -تشبيهه- نگاري ۽ استعاري نگاريءَ جي صنعت تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ -ان- جي استعمال جي پرک ڪئي آهي.
2004ع ۾ سنڌي تنقيدي ادب ۾ سماجياتي (Sociological) اڀياس ڪرڻ جي روايت ڊاڪٽر تنوير جوڻيجي وڌي. -ان- سلسلي ۾ عورتازاد وومين ريسرچ ۽ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران سندس ڪتاب ”عورت، سماج ۽ ڏاڍ“ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت تي روشني وجهڻ کانسواءِ سنڌي ليکڪائن جي لکڻين جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي آهي.
2004ع ۾ ئي شيخ عبدالرزاق ’راز‘ جو ڪتاب ”سنڌي غزل جو تجزيو“ سنڌالاجيءَ پاران ٻيهر شايع ٿيو. غزل جي صنف جي تنقيدي اڀياس جو هي بنيادي ۽ اهم ڪتاب آهي.
2004ع ۾ تنقيدي مضمونن تي مشتمل، آنند کيماڻيءَ جو ڪتاب ”ڪنڊن جي سڳنڌ“ نئين دهليءَ جي انڊس فائونڊيشن طرفان ڇپجي آيو، جنهن ۾ هن احساس جا تهه، زندگيءَ جي بغل مان، سوچ جا درجا عنوانن هيٺ تنقيدي مضمون ڏنا آهن.
2005ع ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو سهيڙيل ڪتاب ”پائي پٽ ڪڻا“ گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد پاران ڇپيو. جنهن ۾ ادب جي مختلف پهلوئن کان سواءِ سنڌ جي ليکڪن جا 40 کن تنقيدي مضمون گڏ ڪري ڏنا ويا آهن.
ساڳئي سال 2005ع ۾ اسحاق سميجي جو ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ نئون -جنم- پبلڪيشن، حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ -تاج- بلوچ، امداد حسيني، -اياز گل- ۽ شبنم گل جي شاعريءَ جي تنقيدي بحث کان علاوه شيخ -اياز- تي امداد حسينيءَ جي ڪيل -تنقيد- جي موٽ ۾ به هڪ تنقيدي مضمون شامل آهي.
2005ع ۾ -آغا سليم- جو ڪتاب ”شيخ اياز: صدين جي صدا“ سنڌي ادبي بورڊ، پاران شايع ٿيو، جيڪو -اياز- جي شاعريءَ بابت تنقيدي مضمونن تي ٻڌل آهي.
2005ع ۾ سنگت پبلڪيشن، پاران -تاج- جويي جو هڪ ڪتاب ”شاهه، سنڌ ۽ هندستان“ ڇپيو، جنهن ۾ مختلف صنفن جا مضمون، مثلاً: سوانحي، انٽرويو ۽ ڪي تنقيدي تجزيا به شامل آهن.
2006ع ۾ ج. ع منگهاڻيءَ جو ڪتاب ”شاهه لطيف جي ٻولي-تحقيقي جائزو“ ڇپيو. هن اهم ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي ۾ ڪتب آيل لفظن کي پنهنجي طور سمجهڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ هن پنهنجي تر، يعني لسٻيلي ۽ ڪوهستان ۾ مروج لهجي مطابق لفظن جون معنائون ڪري ٻين مختلف عالمن ۽ شارحن پاران ڏنل معنائن سان نه صرف اختلاف ڪيو آهي، پر سخت لهجي ۾ احتجاج به ڪيو آهي. هي ڪتاب شاهه لطيف چيئر، ڪراچيءَ پاران ڇپيو هو.
2006ع ۾ ڊاڪٽر شمس سومري جو ڪتاب ”تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا“، شمس سومرو يادگار سٿ، -ٺل- پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر شمس سومري ادبي -تنقيد- جي کوٽ کي ذهن ۾ رکي شعوري طور -ان- کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، -ان- ڪتاب ۾ هيٺيان عنوان اهميت رکن ٿا: (1) ادب جا منطقي اثر، (2) ويچار سنسار، (3) ڪهاڻي (جنهن ۾ هن موهن ڪلپنا کي ديو ڪهاڻيڪار سڏيندي هند ۽ سنڌ ۾ ڪهاڻيءَ جي -ترقي- تي روشني وڌي آهي)، (4) ناول (هن سراج جي ناولن ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۽ ”مرڻ مون سين آءُ“ کي تاريخي پس منظر ۾ سنڌ جي سماجي حالتن جي حوالي سان پرکيو آهي.
2006ع ۾ واسديو موهي جو ڪتاب ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ“، سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي غزل بابت تنقيدي تجزيو به شامل آهي.
2007ع ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي جو ٻيو تنقيدي ڪتاب ”شاهه لطيف جو علامتي شعور“ نالي روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي مختلف سرن ۾ سندس شعوري علامتن جي آڌار تي شاعريءَ جو تنقيدي -جائزو- ورتو آهي. اهو موضوع سندس 90ع جي ڏهاڪي واري پي. ايڇ. ڊي جي عنوان ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ علامت نگاري“ جو تسلسل محسوس ٿئي ٿو.
2007ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ظفر عباسيءَ جو ڪتاب ”شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون“ ڇپيو، جنهن کي فني اصولي ۽ نصابي (Academic) -تنقيد- جو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
2007ع ۾ جامي چانڊيي جو ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ تنقيد- اينٿالاجي“ جو حصو ٽيون ”افسانوي ۽ فڪري ادب“ سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ڪجهه پراڻا، ڪجهه بنهه نوان مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن. ساڳئي سلسلي کي برقرار رکندي جامي چانڊيي جا ٻه ٻيا تنقيدي ڪتاب ”افسانوي ۽ فڪري ادب“ ۽ ”ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري“ پڻ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران 2007ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا.
2007ع ۾ ”سنڌي ناول ڪٺگهري ۾“ عنوان سان پروفيسر هيري شوڪاڻيءَ جا سنڌي ناول چونڊ تنقيدي مضمون، اکر پبليڪيشن الهاس نگر پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.
2008ع ۾ جامي چانڊيي جو ٻيو ڪتاب ”ادب، سياست ۽ سنڌي سماج“ ڇپجي آيو، جيڪو پڻ تنقيدي سلسلي جي ڪڙي آهي.
2008ع ۾ ڊاڪٽر سحر امداد جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ”شعور، شاعر، شاعري“، سنڌي ادبي بورڊ، پاران شايع ٿيو.
ساڳئي ئي سال آزاد قاضيءَ جو ڪتاب ”ادب جي تعميري واٽ“ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو پڻ تنقيدي ڪتابن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
ڊسمبر 2008ع ۾ نامور نقاد هيري -ٺڪر- جي تنقيدي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”انڊلٺ“ پوجا پبليڪيشن دهليءَ مان شايع ٿيو، جنهن ۾ برطانوي حڪومت دوران بندش هيٺ آيل ادب، برطانوي دور ۾ سنڌي مضمون نويسي، سنڌي ريڊيو نيوز ۽ تبصري جي ٻولي، ڀارت مان نڪرندڙ سنڌي اخبارن جي معيار، گذريل پنجاهه سالن دوران سنڌي مضمون جي ترقي، سنت ڪبير ۽ پرسرام ضياءَ جي شاعريءَ وغيره تي مضمون شامل آهن.
2009ع ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“ (نثري ادب)، -اوسر- اشاعتاڻو، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌي ادب جي تهذيبي ۽ تاريخي عمل جي روشنيءَ ۾ -جائزو- بيان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌي ادب ۾ تنقيدي شعور کي به اجاگر ڪيو اٿائين.
جنوري 2010ع ڌاري مرحوم -انور- پيرزادي جي تحريرن جو ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ -انور پيرزادو- اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ مرحوم جي لکيل مضمونن، ڪتابن جي پيش لفظ کان علاوه ڪيترائي تنقيدي مضمون پڻ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جيئن ”امر جليل پنهنجي ڪهاڻين جي روشنيءَ ۾“ ۽ ”سنڌي -ترقي پسند ادب- تي اگهاڙپ جا الزام ڇو؟“ وغيره -تنقيد- ۽ تجزيي تي مشتمل مضمون اٿس.
ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين سنڌي -تنقيد- نگاريءَ جي حوالي سان ٿيل ڪم جو مختصر -جائزو- ۽ منظرنامو مٿي پيش ڪيو ويو آهي، -ان- وچ ۾ ڪي ٻيا به اهم ڪتاب ضرور شايع ٿيا هوندا ۽ اهو تنقيدي سلسلو اڄ تائين -جاري- آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تنقيد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تنقيد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


لفظ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آچاريه
اضحِي
اُمي
امير
انتخاب
انتخاب1
انتخاب2
انتخاب 3
اولو
اَهن
اَهنڪار
آسڻ
آقا
آڪهه
آڪاش واڻي
آمين
تڪ
ڀاٽڙا
تڪيو ڪلام
تل4
تلقين
تمن
تن
تن 2
تنقيد
تور
تور 4
ثقافت
تربت
ثور2
ٽاپ2
تسبيح
تشبيهه
تشريح
ٽانڪي
تصنيف
ٽائوٽ
ٽائون
تعميه
ٽڪاڻو
توڪل
تحقيق
تحقيق ۽ تنقيد
تخت
تخت سليمان
تڏو 2
تڏو 3
تڏِي
تَرِ
تِتِرَ کَرڙي
ٽيڪس
ٽيم
ٽينڊر
تاوِيل
پات
پاٿاريدار
پاٺ
پادر
پارچو
پاساڙو
پاکَرَ
پاڳارو
پاڻو
پاڻي
پاڻياري
پاڻي کولڻ
پاهورو
پاهورو1
پَٻُ
پتلو
پٿر3
پٿرجڻ
پٿرو
پَٽُ3
پٽڪي
پٽو
پٽاهڙ
پٽيالو
پٽيدار
جمهوريت
پٺارڪ


.....لفظ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن