اردو لپيءَ جو نمونو

اردو لپيءَ جو نمونو

اردو

اُردو: اردو پاڪستان جي اٺ سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي آهي ۽ پوري ملڪ جي قومي ٻولي آهي. پاڪستان ۾ اها پرائمريءَ کان سواءِ مٿين سطح تائين لازمي مضمون طور پڙهائي وڃي ٿي. مختلف يونيورسٽيون اردو ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون پڻ ڏين ٿيون. امريڪا، يورپ جي ملڪن، چين ۽ جاپان جي يونيورسٽين ۾ پڻ هن ٻوليءَ جي تعليم ڏني وڃي ٿي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ هن جي هنديءَ يا هندستانيءَ سان هڪجهڙائي ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ ڇهن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان پير سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ اردو ٻوليءَ جو مولد سنڌ کي ڄاڻايو آهي. اردو ٻوليءَ جي اڪثر عالمن، محققن ۽ لسانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اردو هڪ مخلوط ٻولي آهي، جيڪا هندستان ۾ مسلمانن جي اچڻ کانپوءِ اتر هندستان ۾ وجود ۾ آئي ۽ ان تي دهليءَ ۽ ان جي آس پاس جي ٻولين جا نمايان اثر پيا. ان هوندي به مختلف عالمن ان جي پيدائش يا وجود ۾ اچڻ واري علائقي بابت مختلف رايا ڏنا آهن. بقول مسعود حسين خان جي ته اردو، دهلي ۽ ان جي آسپاس وجود ۾ آئي؛ حافظ محمود خان شيرانيءَ جي بقول اها پنجاب ۾؛ سيد سلمان ندويءَ جي مطابق واديءِ سنڌ ۾ ۽ سهيل بخاريءَ موجب مشرقي مهاراشٽر ۾ ڄائي، ساڳيءَ طرح محمد حسين آزاد وري ان کي برج ڀاشا مان نڪتل ۽ گيان چند جين ان کي ’کڙي ٻولي‘ مان ٺهيل ڄاڻائين ٿا- ٻئي طرف شوڪت سبز واريءَ جو اهو نظريو آهي ته اردوءَ جو سرچشمو پالي ٻولي آهي. بهرحال اهي سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته ”اردو هڪ خالص هندستاني ٻولي آهي، جنهن جو ڍانچو اتان جي ئي ٻولين جي خمير مان تيار ٿيو آهي. لفظي ذخيري ۾ هند- آريائي، عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ شامل آهن“ (مقالو: پروفيسر مرزا خليل احمد بيگ بحواله ”اردو زبان اور اردو رسم الخط، مرتب: پروفيسر فتح محمد ملک، مقتدره قومي زبان، اسلام آباد 2008ع). قديم اردوءَ ۾ باقاعدي شاعريءَ جو آغاز قطب شاهي درٻار ۾ ٿيو. قلي قطب شاهه (988هه تا 1020هه/1580ع تا 1611ع) پهريون شاعر هو، جنهن جو ڪلام مختلف صنفن ۾ دکني اردوءَ ۾ اسان تائين پهتو آهي. مرزا غالب اردو ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، ان کانسواءِ ٻين اهم شاعرن ۾ مير تقي مير، مير درد، داغ ۽ سودا شامل آهن. نثر نگارن ۾ منشي پريم چند، ڪرشن چندر، عصمت چغتائي ۽ قرة العين حيدر وغيره نمايان آهن. پاڪستان جي موجوده سرحدن اندر ان جا وڏا شاعر ۽ اديب علامه محمد اقبال، فيض احمد فيض، جميل الدين عالي، احمد فراز ۽ پروين شاڪر چئي سگهجن ٿا. نثر نگارن ۾ احمد نديم قاسمي، سعادت حسين منٽو، جميل جالبي، فرمان فتح پوري وغيره شامل آهن. قديم دور ۾ اسان کي سنڌ ۾ هڪ مقبول عام اردو شاعر جو پتو ملي ٿو. انهيءَ شاعر جو نالو مير محمد فاضل بکري هو، جيڪو ”تاريخ مِعصومي“ جي مصنف مير معصوم بکريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ هنديءَ ۾ فصيح بليغ شعر چوندو هو، جيڪو گهڻي قدر مقبول عام هو، ليڪن افسوس جو سندس ڪلام ڪٿي به ڪو نه مليو. تاريخ ِ ”ذخيره الخوانين“ ۾ لکيل آهي ته، ”هن اردو ٻوليءَ ۾ ڪمال درجي جي فصاحت جا شعر چيا، جيڪي تمام گهڻا مقبول هئا“. اردو لپي: اردوءَ کي نستعليق نموني تي پنهنجو رسم الخط آهي، جيڪو عربي- فارسي اکرن جي مدد سان ٺاهيو ويو آهي ۽ پنهنجي نموني جو آهي. هيءَ ٻولي هند-يورپيائي، هند- ايراني، هند-آريائي وچين خطي جي هندستاني ٻولين مان آهي. هيءَ حرفي پدي قسم جي لپي آهي، جنهن ۾ سڀاويڪ طور ’آ‘ سر / حرف علت شامل رهي ٿو. ٻيا سر زيرن زبرن ۽ شدن مدن وسيلي ظاهر ڪبا آهن. اردو پاڪستان جي رابطي جي به ٻولي آهي، جيڪا، ايران، افغانستان، هندوستان، گهانا، آمريڪا، برطانيه وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اردو، هندي زبان سان مشابهت رکندڙ زبان آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي جا تمام گهڻا لفظ شامل آهن. هن الفابيٽ ۾ وينجنن جو تعداد 35 آهي. بلڪل فارسي خط جو ئي نمونو آهي. هن ۾ واڌو ڌوڪڻا آواز 15 عدد آهن، جن جي بنياد تي ڪي عالم سمجهن ٿا ته هيءَ اصل هند- ايراني ٻولين جي نک مان نه پر شايد دراوڙي ٻولين جي خاندان مان آهي. اردو لپيءَ جو نمونو هتي ڏسي سگهجي ٿو:


لفظ اردوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو