ترين

ترين: هڪ ذات. سراباني پٺاڻن مان شرفيون (شرف الدين) کي پنج پٽ ٿيا، جن مان ٻئي پٽ جو نالو ”ترين“ هو، جنهن جي اولاد کي ”ترين“ چون ٿا. ترين مان تور، تور اسپن ۽ ابدال ٿيا، اهي سڀ افغاني ”پٺاڻ“ آهن. تور، اسپن ۽ ابدال، ترين جا پٽ آهن، جن جي پٺيان سندن پاڙي جا نالا پيا. سنڌ ۾ ترين ۽ تور شڪارپور ۾ رهن ٿا. سنڌ جو قومپرست شاگرد اڳواڻ اقبال ترين ۽ پاڪستان جو هاڻوڪو خزاني وارو وزير شوڪت ترين هن ذات سان تعلق رکن ٿا .


لفظ ترينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو