جن

جن: اسلامي نقطئه نظر مطابق جن خدا تعاليٰ جي خلقيل مخلوق آهي، جيڪو انسانن جيان فنا ٿيندو آهي. هي باهه جي تخليق آهي. انسانن جيان هن کي به اختيار مليل آهي ته ’خير‘ ۽ ’شر‘ مان ڪنهن جي به چونڊ ڪري ۽ مٿن ’جزا‘ ۽ ’سزا‘ پڻ واجب آهي. قرآن شريف جي اصطلاح ۾ آيل آهي ته جن نظر نه ايندڙ مخلوق آهي، جڏهن ته ڪجهه ملائڪ به ’جنن‘ ۾ شمار ٿين ٿا. جنن جي تخليق ڪيئن ٿي؟ ان جي حقيقت ڇا آهي؟ ان جي باري ۾ ڪيترن ئي مفسرن قرآن شريف جي انهن آيتن جي بنياد تي جنن بابت هي لفظ لکيا آهن ته ”هن مخلوق جي باري ۾ ڪيترائي تصور قائم آهن“ اسلامي عقيدي ۾ ’جن‘ جو وجود تسليم ڪيو ۽ مڃيو وڃي ٿو ۽ اڄ به قائم آهي. اوڀر اولهه وارن عربن جو خيال هو ته جنن کي غيب جو علم ٿئي ٿو ۽ خدائي اسرارن تائين سندن ڪا رسائي آهي. اهڙيءَ طرح هُو ’جن‘ کي خدا سان شريڪ ڪندا هئا ۽ انهن جي عبادت ڪندا هئا ۽ جن جي نسل جي اصليت خدا سان ملائيندا هئا. جڏهن ته قرآن شريف ان عقيدي جي ترديد ڪئي آهي ته جڏهن اسان حضرت سليمان عه تي موت جو فيصلو عائد ڪيو ته سندس موت جي خبر ڏيڻ واري ڪائي شيءِ ن هئي سواءِ ان داغ جي، جو ان جي لٺ کي لڳو. اهڙيءَ طرح جڏهن حضرت سليمان عليه السّلام ڪري پيو ته جنن کي ان ڳالهه جو پتو پئجي ويو سو جيڪڏهن هو غيب ڄاڻن ها ته هن ذلت جي عذاب ۾ مبتلا نه ٿين ها (34: 14) . اسلامي عقيدي موجب جن ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪ ’مسلمان‘ ۽ ٻيا ’عارف‘. چيو وڃي ٿو ته جنن ۾ نَرَ ۽ ماد جون ٻئي صفتون آهن ۽ هي گڏجي رهندا آهن. جنن جون سرگرميون رات جي وقت شروع ۽ فجر جي ٻانگ کان اڳ ختم ٿي وينديون آهن .


لفظ جنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


مخلوق - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جن
مخلوق ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون