روايت

روايت(Tradition) : اُهي سماجي، ادبي، فني اصول يا موضوع، انداز ۽ علامتون، جيڪي هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿين، تن کي ’روايت‘ (پرمپرا: (Tradition چئبو آهي. اديب ڪنهن خاص روايت جا پيروڪار ٿي سگهن ٿا، جيئن: ڪلاسيڪي، روايت پسندي يا نئين ڪلاسيڪيت جا پيروڪار. ڪو به فنڪار روايت پسند يا روايت شڪن (نواڻ پسند) ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪا خاص ادبي تحرير زباني روايت جو جُز ٿي سگهي ٿي. عام طور ماضيءَ جي ورثي کي ’روايت‘ چئبو آهي.
- ڪنهن راويءَ جي ڪيل ڳالهه کي به ’روايت‘ چئبو آهي.


لفظ روايتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو