انصاري

انصاري: مديني منوره جي انصارن مان آهن، هي به محمد بن قاسم سان گڏ آيا هئا ۽ سنڌ ۾ آباد ٿي ويٺا. ايس صادق علي ڪتاب ”سنڌ، بلوچستان ۽ افغانستان جون مسلمان قومون“ صفحي 63 تي لکي ٿو ته عرب جي شيخن مان جريمه پاڙي مان انصاري آهن ۽ سپيا به انصاري آهن. ڪن روايتن موجب انصاري، حضرت ايوب انصاري (خالد ابن زيد) جي اولاد، الخضراج قبيلي مان آهن، جن نبي صلعم جن جي مدد ڪئي هئي، جن مان حضرت ابو ايوب النجار خزرجيءَ کي ممتاز حيثيت هئي، جن کي انصار (مددگار) چيو ويو، جيڪي بعد ۾ انصاري (غير قريش) سڏجڻ لڳا. حضرت ابو ايوب جي اولاد مان مخدوم محمد مراد انصاري سيوهڻ ۾ رهندو هو، جنهن جو شجرو هن ريت آهي: محمد مراد انصاري (مخدوم هاشم ٺٽوي جا شاگرد) بن حافظ محمد يعقوب بن محمود عرف حافظ ممون بن حاجي عبدالرحمان شهيد بن عبدالرحيم بن محمد انس بن عبدالله بن محمد جابر بن محمد خالد بن مالڪ بن ابو عوف بن حسان بن سالم بن الشعت بن مت بن ثعليه بن جنيد بن مقدوم بن شرجيل بن اشعت بن مت ايوب بن خالد انصاري خزرجي (وفات 52هه قسطنطنيه).


لفظ انصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو