باريجا

باريجا/ باريچا: هيءَ ذات اصل ۾ سنڌ جي دادو ضلعي جي رهاڪو آهي ۽ اتان اچي لس ٻيلي جي دُريجيءَ واري ڀاڱي ۾ آباد ٿي آهي. هڪ روايت موجب باريچن جو وڏو ڏاڏو قلندر شهباز جو معتقد هو ۽ سندس تحمل سببان کيس ’باري‘ سڏيو ويو ۽ پوءِ سندس اولاد ’باريجا‘ يا ’باريچا‘ سڏجڻ لڳو. لسٻيلي ۾ باريچا ”فقير گهر“ ڪري ليکيا وڃن ٿا.


لفظ باريجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو