ٻيڙو

ٻيڙو

ٻيڙو

ٻيڙو: پاڻيءَ ۾ ترندڙ خاص قسم جي اڏاوت، جيڪا ڪاٺ جي تختن وغيره مان جڙي ۽ بحري سفر ۾ ڪم اچي. روايت آھي ته اول حضرت نوح عليه السلام کي خدا جي طرفان عظيم سيلاب (ٻوڏ) جو اطلاع ڏنو ويو ۽ کيس مڇيءَ جي نموني ٻيڙو تيار ڪرڻ لاءِ ھدايت ڏني وئي، ان کي ’نوح نبيءَ جو ٻيڙو‘ چوندا آهن. ان کان پوءِ ٻيڙن ٺاھڻ جو ھنر دنيا ۾ متعارف ٿيو .
قديم سنڌ ۾ ٻيڙن جي موجودگيءَ جو پتو موهن جي دڙي واري تهذيب مان به ملي ٿو، جڏھن عدن، مصر ۽ کنڀات کان سوداگريءَ جو مال کڻي ٻيڙياتا، بنگال، سريلنڪا ۽ انڊونيشيا ڏانھن ٻيڙا ھاڪاريندا ھئا. راجا ڏاھر جي دور ۾ سنڌ جا دريائي ڌاڙيل سامونڊي ٻيڙن کي ڦريندا ھئا، سورھين/ سترھين صدي عيسويءَ تائين سنڌ جا ٻيڙياتا ٻيڙن ۾ سوداگريءَ جو مال کڻي سريلنڪا ۽ جاوا تائين ويندا ھئا، جو شاھ جي رسالي ۾ سڄا سارا ٻه سر (سري راڳ ۽ سامونڊي) ٻيڙن، سوداگرن، سمنڊ جي لھرين ۽ طوفانن وغيره جي داستانن سان ڀريل آھن .
ان وقت ٻيڙن تي ڪپڙي جا وڏا سڙهه هڻي سفر ڪبو هو، اهڙن ٻيڙن کي غوراب به چوندا ھئا، تان جو سترھين صدي عيسويءَ ۾ دخاني ٻيڙا ھلڻ لڳا، جيڪي ٻاڦ جي طاقت تي ھلندا ھئا. دخاني جھازن ۾ تبديلي آئي ۽ وڏا وڏا پاڻيءَ جا جھاز ٺھيا، جيڪي ھزارين مڻ وزن سامان کڻي ھلندا ھئا، اڄ ڏينھن تائين اھي ئي جھاز ھلندڙ آھن. سنڌ جيئن ته درياهي خطو ھو، جنھن جي وچ مان وڏو وسيع درياهه جاري ھو، نه فقط درياھ، پر درياھ مان نڪتل ڦاٽن ۽ واھن ۾ به وڏا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ھلنديون ھيون، جيڪي مٿي ملتان ۽ پشاور تائين آمد و رفت جو ذريعو ھيون. ڏھاڪو سال کن اڳ ڪياماڙيءَ جي پراڻي دڪي وٽ 3 يا 4 سئو سال اڳ جا زبون ٿيل بحري ٻيڙا بيٺل ھوندا ھئا .


لفظ ٻيڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو