ٻڍاپور

ٻُڍاپُور: تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ھڪ ديهه، ڳوٺ ۽ ريلوي اسٽيشن، جيڪا ڪوٽڙي- دادو ريلوي لائين تي آھي، ھڪ روايت آھي ته ھيءُ شھر ٻه سئو سال اڳ ٻڍي خان شوري، درياهه جي ساڄي ڪپ تي اڏايو ھو، جو اتان تازو درياهه نصرپور کي ڇڏي ڪوٽڙيءَ کان وھندڙ ھو. ھي شھر ڪوٽڙيءَ کان ويھن ميلن جي مفاصلي تي آھي. جيڪو ڪوھستان سان واپاري سلسلي ۾ سھوليت وارو ھو. گذريل سٺ ستر سالن ۾ ھڪ ته درياهه جي اٿل ھن شھر کي نقصان پھچائيندي رھي آھي ۽ ٻيو ته ھندن جي لڏي وڃڻ ڪري به ھتي جي آبادي گھٽجي وئي آھي. ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ پرڀرو نئون ڳوٺڙو به ساڳئي نالي سان اڏيل آھي. انگريزن جي آخري دؤر ۾ ھن ڳوٺ مان محمد رمضان شورو ھڪ وڏو آفيسر ٿيو، جنھن ڳوٺ جي سڌاري لاءِ گھڻي ڪوشش ورتي. موجوده وقت ۾ ٻڍاپور جو اوج ختم ٿي ويو آھي، باقي ھاري ناري ۽ مزدور طبقي جا ماڻھو ھت رھندڙ آھن، جيڪي پنھنجا اباڻا ڪک سنڀاليو ويٺا آھن. ھتي پرائمري اسڪول، پوليس ٿاڻو ۽ پوسٽ آفيس موجود آھن. ديهه ٻڍاپور ۾ ھيٺيان ڳوٺ شامل آھن. ٻڍاپور، جان محمد ماڇي، ڪرڙ چارو، مٺائي کوسو، سونو زرداري، خشڪ پنائي، کوسا، بريار، جان محمد ميسو، خان کوسو'>دريا خان کوسو، چارا، دلو بولياڻي کوسا، ماڇي ڳوٺ، وريل ٿيٻو، صوبدار کوسو، ڏتو خان بوکياڻي، سدا بھار زمڪاڻي، سدا بھار واهه، منگياڻي ماڇي ٻيلو، سدا بھار ڪئنال منگياڻي، الھيار زمڪاڻي، اسٽيشن ٻڍاپور، ميسا، دري خان ۽ شنگو مڪواري .
هڪ روايت موجب ٻڍاپور جي نسبت ٻُڌ سان پڻ ٻُڌائي وڃي ٿي. شهر جي قدامت ان طرف ڌيان ڇڪائي ٿي .


لفظ ٻڍاپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو