پاٽ3

پاٽ3: ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾: پاٽ وليج، ڪلري، مٺو واهڻ، چانڊيا، الهورايو چانڊيو، بهرام چانڊيو، محمد آباد، آندل چانڊيو، محرم چانڊيو، رحيم برهماڻي ۽ ڏاتاڻي نالي ڳوٺ شامل آهن. مشهور ڍنڍ چڪڻ به هن ديهه ۾ آهي. هن ديهه جي اوڀر ۾ سنڌو درياهه آهي. پراڻي پاٽ جا آثار، محمد اسماعيل پنهور جو قبو (جيڪو قلندر شهباز جو صحبتي چيو وڃي ٿو) وغيره به هن ديهه ۾ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو