پوليس

پوليس

پوليس

پوليس: پوليس لفظ اصل ۾ Protection Of Life In Civil Establishment جو مخف آهي. يعني ماڻهن جي زندگين جي بچاءَ جو کاتو. قديم يونان ۾ سڀ کان اول هن قسم جي اداري جو ملي ٿو. جڏهن غلامن کي سزائون ڏيڻ وارا جج مقرر ڪيا ويندا هئا ته انهن کي ’پولس‘ سڏيو ويندو هو. سڀ کان اول اٿينس ۾ سٿين (Sythian) غلامن جي ٽي سو ماڻهن جي مٿان پوليس جو پهرو ويهاريو ويو. جيئن ٽن سون جي غلامن جي ميڙ کي ضبط ۾ رکي سگهجي. انهن ضبط رکندڙن کي به ’پوليس‘ سڏيو ويو. ان زماني ۾ ڏوهارين ۽ قيدين کي ضبط ۾ رکڻ لاءِ جيڪي شخص مقرر ڪيا ويندا هئا، انهن کي به ”پوليس“ سڏيو ويندو هو. يونانين کان پوءِ رومي وٽ به آگسٽس جي زماني ۾ ان قسم جي کاتي جو تصور ملي ٿو. انهن کي ويجيليس سڏبو هو. 17 ۽ 18 صديءَ ۾ پوليس جو تصور مغرب وارن وڌيو ۽ فرانس جي قانوندانن ۽ عالمن هن اداري کي هٿي ڏني ۽ تصور کي چٽو ڪيو. 1705ع ۾ نڪولاس ڊيلامر (Nicholas Delamer) پوليس تي Trait de la Police نالي ڪتاب لکيو. ان کان پوءِ پوليس جي قانونن تي هڪ ڪتاب جرمني ٻوليءَ ۾ Poliz eiwissenchaft نالي لکيو ويو، پر سڀ کان اول لوئس چوڏهين جي دور 1665ع ۾ هن قسم جي پوليس مغرب جي وڏي شهر پئرس ۾ مقرر ڪئي وئي، جنهن کي فرانس جي پارليامينٽ قانوني طور 15 مارچ 1667ع ۾ باقاعده منظور ڪيو. ان کان پوءِ ٿوري گهڻي ڦير سان پوري يورپ ۾ پوليس جو تصور اڀريو.
پوليس، حڪومت جو انتظامي کاتو آهي، جيڪو ملڪ ۾ امن امان ۽ حفاظت جي لاءِ ذميوار هوندو آهي. پاڪستان ۾ ٻن قسمن جي پوليس فورس ڪم ڪري ٿي، هڪ مرڪزي پوليس جيڪا مرڪزي حڪومت جي ماتحت هوندي آهي ۽ ٻي صوبائي پوليس، جيڪا مقامي حڪومت جي حڪم هيٺ هوندي آهي. مرڪزي حڪومت جي پوليس بين الاقوامي ۽ غير ملڪي ماڻهن جي چر پر تي نگراني رکندي آهي، صوبائي پوليس ڏوهن جي روڪ ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ذميوار هوندي آهي، فرضن جي حوالي سان پوليس جا ڪيترائي شعبا آهن، جن ۾ تفتيشي کاتو (Investigation Department)، رشوت ٽوڙ کاتو، دهشتگردي روڪ پوليس، هٿياربند پوليس ۽ جيل پوليس وغيره.
پوليس جا فرد، جيڪي قانون تي عمل ڪرائيندا آهن، حڪومتي قاعدن کي برقرار رکندي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ مقرر هوندا آهن. ڪيترن ملڪن ۾ پوليس کي سياسي نوعيت جا ڪم به ڪرڻا پوندا آهن. يورپي ملڪن ۾ پوليس کاتي جو تعلق مرڪز سان هوندو آهي، پر آمريڪا ۾ هيءُ کاتو مقامي اختيارين جي هٿ هيٺ آهي. اسڪاٽ لئنڊ يارڊ، برطانيا جي پوليس جو مشهور تفتيشي ادارو آهي، جنهن کي 1829ع ۾ سر رابرٽ جي نظام مطابق ٻيهر منظم ڪيو ويو. اهو ادارو تفتيش جي سلسلي ۾ ٻين ملڪن جي مدد به ڪندو رهي ٿو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ان واقعي جي جاچ لاءِ حڪومت جي گذارش تي 2008ع ۾ اسڪاٽ لئنڊ يارڊ جي هڪ ٽيم پاڪستان اچي، تفتيش ڪئي هئي. جڏهن ته آمريڪا ۾ باقاعدي پوليس فورس جي قيام کان پوءِ 1844ع ۾ نيويارڪ سٽي آرگنائيزيشن ٺاهي وئي. اتي ايف. بي. آءِ جي اداري ”جاسوسي“ کان سواءِ ڪو ٻيو باقاعدي وفاقي پوليس جو ادارو ڪونهي.
سنڌ ۾ پوليس نظام 1843ع ڌاري سر چارلس نيپئر متعارف ڪرايو، جنهن جي نگراني برطانوي فوج جا اعليٰ عملدار ڪندا هئا، ان وقت پوليس فورس نهايت منظم ۽ ايماندار ليکيو ويندو هو. اڳتي هلي 1860ع ڌاري هندستان ۾ راڄ ڪندڙ برطانوي حڪومت هڪ پوليس ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جون واڳون مسٽر ايڇ. ايم ڪورٽ جي هٿ ۾ ڏنيون ويون. ان پوليس ڪميشن ۾ واضح ڪيو ويو ته پوليس جون ذميواريون فوج کان اڳ سِول سطح جون هونديون، جڏهن ته تنظيمي ڍانچو ۽ ڊسيپلين فوج وانگر مضبوط هوندو. پاڪستان ۾ موجوده پوليس کاتي جو نظام ان ساڳئي چارٽر تحت لاڳو آهي. هر صوبي جي پوليس جيان سنڌ پوليس جو انتظامي ڍانچو به ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مختلف پوليس آفيسرن جي هٿ هيٺ عوام جي حفاطت لاءِ مقرر ٿيل آهيپوليس جي مکيه ذميوارين ۾ عام ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ؛ ٿاڻن جي مقرر حدن ۾ ڏوهن کي روڪڻ؛ منشيات ۽ غير قانوني عملن خلاف ڪارروائي ڪرڻ؛ پيشه ور ڏوهارين جي ڳولا ڪري کين گرفتار ڪرڻ، شڪي ماڻهن تي نگاهه رکڻ؛ سماجي نا انصافين، زنا ۽ ٻين غير اخلاقي سرگرمين خلاف مقرر قانون تحت ڪارروائي ڪرڻ؛ دهشتگرديءَ کي روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ؛ ڦورن ۽ ڌاڙيلن کان عام شهرين جي حفاظت ڪرڻ؛ غير قانوني گاڏين جي چرپر کي روڪڻ ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻي ڏوهارين کي عدالت تائين پهچائڻ وغيره شامل آهن.
هر صوبي ۾ پوليس جو اعليٰ سربراهه آءِ. جي (انسپيڪٽر جنرل) هوندو آهي. جڏهن ته ڊي. آءِ. جي سطح جا مختلف آفيسر مختلف ڊويزنن ۾ مقرر هوندا آهن. ڪراچي جيئن ته سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شهر آهي، اتي پوليس جو مکيه ذميوار آفيسر سي. سي. پي. او سڏجي ٿو. ٿاڻن جي سطح تي هڪ اسٽيشن هائوس آفيسر مقرر هوندو آهي، جنهن جي ماتحت اي. ايس. آءِ ڪندا آهن ۽ مقرر حدن ۾ گشت ڪري عوامي حفاظت ۽ مدد ڪرڻ سندن فرضن ۾ شامل آهي.
پوليس کاتي تي ڪرپشن جا الزام به لڳندا رهيا آهن، ان نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندي پرويز مشرف جي دؤر ۾ ”پوليس آرڊر 2002“ نافذ ڪيو ويو. هن وقت ملڪ ۾ هر ننڍي وڏي شهر ۾ وَن فائيو (15) نالي مددگار پوليس جو ٽيمون به جوڙيل آهن، جن کان ڪنهن به واقعي، حادثي يا هنگامي صورت ۾ ڪنهن به قسم جي فون تان 15 نمبر ملائي سندن مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي.


لفظ پوليسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو