بيداري

بيداري: هفتيوار ”بيداري“ کاٻي ڌر جي نامياري سياستدان ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام لغاريءَ ميرپور خاص مان 1969ع ۾ جاري ڪئي. جيڪا لوڏن لمن جي باوجود ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري رهي. هن هفتيوار جو گهڻو تڻو مواد سياسي، ثقافتي ۽ هارين جي حقن جي باري ۾ هوندو هو. هن جو پبليشر، ايڊيٽر، ڪامريڊ پاڻ هو.، جيڪا سچائي پريس، سچائي منزل مان ڇپبي هئي. 1977ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي جي سزا ٻڌائڻ بعد ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ احتجاج ٿيو ۽ پريس تي پابنديون لڳيون. ضياءُ الحق ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن جا ڊڪليئرشن رد ڪيا. تڏهن ڪامريڊ لغاري پنهنجي ٻنهي هفتيوار اخباربيداري‘ ۽ ’سچائي‘ جا ڊڪليئريشن دوستن کي ڏنا ته جيئن اهي عوام جو آواز اٿاريندا رهن. 1978ع ۾ ”بيداري“ حيدرآباد جي دوستن جي ٽيم کي ڏني ويئي، جن ۾ علي حسن ۽ سهيل سانگي شامل هئا. ”بيداري“ جا رسالي جي سائيز ۾ اڃا 12-10 پرچا شايع ٿيا هئا ته حيدرآباد واري رابطه آفيس تي پوليس چڙهائي ڪئي ۽ اتي پيل سمورو سامان ضبط ڪيو. ٻن ڏينهن بعد حڪومت ڊڪليئريشن رد ڪرڻ جونوٽيفڪيشن جاري ڪيو.


لفظ بيداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.00.00  عيسوي

بيداري: هفتيوار ” بيداري “ کاٻي ڌر جي نامياري سياستدان ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام لغاريءَ ميرپور خاص مان 1969ع ۾ جاري ڪئي .


1977.00.00  عيسوي

1977ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي جي سزا ٻڌائڻ بعد ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ احتجاج ٿيو ۽ پريس تي پابنديون لڳيون . ضياءُ الحق ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن جا ڊڪليئرشن رد ڪيا . تڏهن ڪامريڊ لغاري پنهنجي ٻنهي هفتيوار اخبار ’ بيداري ‘ ۽ ’ سچائي ‘ جا ڊڪليئريشن دوستن کي ڏنا ته جيئن اهي عوام جو آواز اٿاريندا رهن .



اخبارون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چوڏس
رائيس مارڪيٽ رپورٽ
جاڳرتا
سنڌ زميندار
ٽالپر اخبار
آزاد سنڌ
دي اسٽوڊنٽ هيرالڊ
شيوڪ اخبار
تيج اخبار جيڪب آباد
الامين
اخبارون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون