اسان بابت | ڪمپيوٽر ٽيم | انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ٽيم | رابطو ڪريو

اسان بابت

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويب سائيٽ تي ڀلي ڪري آيا 
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هڪ اهم رٿا آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڄاڻ کي هٿي وٺرائيندڙ ۽ سکيا سان لاڳاپيل شين جي معلومات کي ميسر ڪندڙ دستاويز آهي، اسان جو ادارو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ ٻين اشاعتن ذريعي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، گھرن، لائبريرين ۽ ڪم جي جڳهين تي استعمال ۾ ايندڙ وقت سر، لاڳاپيل ۽  ڀروسي جوڳي معلومات ۽ تعليم مهيا ڪري ٿو.

’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ 20 جلدن تي مشتمل رٿا آهي، جنهن جا هن وقت تائين ٻارنهن جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، اسان سنڌ جي هن پهرين جديد انسائيڪلوپيڊيا لاءِ ڪي بنيادي اصول طئي ڪيا آهن، جن موجب هر جلد ۾ 80 سيڪڙو مواد سنڌ سان لاڳاپيل آهي، جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه وهڪرا، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا،  فصل، زمين، ۽ ان سان لاڳاپيل وهنوار ۽ اوزار، آبي ۽ زميني پکي، جانور، حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، علمي، ادبي، سياسي ۽ صحافتي ادارا، قومون، قبيلا، ذاتيون، ريتون رسمون، مذهب، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، ثقافت، هنر، رانديون، روايتون، درگاهون وغيره جڏهن ته ويهه سيڪڙو معلومات ڪائناتي، سائنسي، مذهبي ۽ دنيا جي ٻين موضوع تي شامل آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي تياريءَ لاءِ اداري اند تحقيق واري شعبي جي نگراني ءَ هيٺ ، باقاعدي هڪ سيل قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ريسرچ آفيسر، ريسرچ فيلو، ڊيٽا ڪليڪٽر ۽ ڪارڪن ڪم ڪن ٿا.
هن رٿا جي نگراني چيئرپرسن ۽ سيڪريٽري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ڪندا آهن.
اسان سنڌ جي عالمن، اديبن، تعليم دانن، سياستدانن، فنڪارن، هنرمندن، استادن، والدين، ۽ شاگردن سان گهري لاڳاپي ۾ آهيون، اسان جو ادارو ڊجيٽل سکيا ۾ پڻ اڳڀرو آهي ۽  اداري پاران تيار ٿيل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا هجي، يا ٻيا شايع ٿيل ڪتاب، سافٽ ويئر، ويب ايپليڪيشنس يا ڊيسڪ ٽاپ ايپليڪيشنس، ادبي، علمي، تعليمي سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون يا تربيتي پروگرام هجن، معياري ۽ معلومات سان ڀرپور هوندا آهن. جن مان اوهان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهو ٿا.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا هڪ نظر ۾

    • سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون پراجيڪٽ، عالمي انسائيڪلوپيڊيائن جي سٿ ۾ هڪ جوڳو اضافو ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾، سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن لاءِ پهريون نادر پراجيڪٽ آهي، جيڪو اميد ته ٻين آن لائين انسائيڪلوپيڊيائن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، پنهنجن پڙهندڙن کي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين کي، ڪنهن به موضوع بابت وڌ کان وڌ معلومات پهچائي سگهي ٿو.
    • انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ڊاٽ آرگ (ويبسائٽ) ۽ پرنٽ ٿيل نسخا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊجيٽل پبلشنگ توڙي بڪ پبلشنگ ۾ سڀ کان اڳرا پراجيڪٽ ليکيا وڃن ٿا.
    • هيءَ ويب سائيٽ دنيا ۾ ڪٿي به رهندڙ سنڌين جي هر عمر جي فردن يا گروهن جون معلوماتي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿي.
    • انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پراجيڪٽ شروع ته اڳ ۾ ٿيو هو، ان کي باقاعدي ترتيب ڏئي هڪ جلد جيترو مواد ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي دور ۾ اشاعت لائق بنايو ويو هو، پر پوءِ نئين سر  تاريخ 2008-07-01 کان باقائدي ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾  هي پراجيڪٽ ٻيو ڀيرو هڪ ترتيب ۽ سرگرميءَ سان شروع ڪيو ويو ۽ اڄ تائين هن پراجيڪٽ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي دفتر واري بلڊنگ ۾ منظم نموني هلايو پيو وڃي، هن پراجيڪٽ ۾ 10 کان ڪارڪن ڪم ڪندا آهن. ان کان سواءِ سڄي سنڌ مان عالمن، اديبن، استادن ۽ علم دوست ماڻهن کان به مواد حاصل ڪيو وڃي ٿو، ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان به هر ممڪن مواد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، مواد تيار ٿيڻ بعد مختلف موضوعن  (Subjects) جي ماهر عالمن ۽ اديبن کان مواد نظرثاني ڪرائي ان جي ايڊيٽنگ ڪرائي وڃي ٿي، ته جيئن هر اسم مڪمل ۽ مستند هجي.
    • انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پهريون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سنڌ جو نالي وارو محقق ۽ اديب جناب بدر ابڙو هو، ڪجهه عرصي بعد هن پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر جناب محمد عثمان ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو ھو.
    • انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي هن وقت سڄي ڪم جو نگرانِ اعليٰ ۽ چيف ايڊيٽر، چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آهي.
    • انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا هن وقت تائين يارَھن (11) جُلد مڪمل طور آنلائن ڪيا ويا آهن
    • جڏهن ته انکان پوءِ آيل جُلد ڪمپيوٽر آپريٽر اپلوڊ ڪري رهيا آهن.