آبت

پاڻيءَ جي ڇڄڻ يا ڇينهري واري وقت بئراجن، واهن، شاخن، واٽرڪورسن، ڪڙين ۽ ڪسين جي کاٽيءَ لاءِ ڇيڙ (جنهن ۾ هر زميندار پنهنجا پنهنجا هاري ڏئي) يا ونگار جي سڏ، ٻنيءَ ٻاري جي ڪم ۾ هڪٻئي جي مدد (جيئن هر ڏيڻ، جهنگ وڍڻ، رونبو ڪرڻ، لابارو ڪرڻ، کاٽي ڪرڻ وغيره) ۽ بنا مزدوريءَ گڏجي ڪم ڪرڻ جي روايت کي آبت چئبو آهي، ان دوران ڪمين ڪاسبين کي مٺوڀت يا ٻيو کاڌو کارايو ويندو آهي.


لفظ آبتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو