اصحابي

اصحابي: همير جي ڀڙي کان اتر طرف کٻڙن جي ويڙهه ۾ هڪ وڏي قبر آهي، جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته اها قبر ڪنهن اصحابيءَ بزرگ جي آهي، جيڪو اسلام جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر تقريباً 15 فٽ ڊگهي آهي. هن لاءِ صديق فقير صادق جي روايت آهي ته کيس ڪشف جي ذريعي اهو معلوم ٿيو ته قبر وارو بزرگ اصحابي آهي، تنهنڪري سڀ ماڻهو هن جي تعظيم خاطر هتي ايندا آهن ۽ ختمو بخشي هليا ويندا آهن.
اصحابيرسول پاڪ جي صحبت ۾ ويهندڙن کي چيو ويندو آهي. بعد ۾ اصطلاحن بزرگن کي سڏيو ويو، جيئن: ”عبدالله شاهه اصحابي“ وغيره.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پنهنجي تصنيف ”بياضِ هاشمي“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ”حضور صلي الله عليه وسلم جن سنڌ ۾ تبليغ لاءِ پنج اصحابي موڪليا، جن مان ٻه واپس ويا ۽ باقي ٽن سنڌ ۾ ئي وفات ڪئي.“


لفظ اصحابيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو