ٻرا

ٻُرا: ھڪ قبيلو، جيڪو لسٻيلي جي مختلف قبيلن مان ھڪ وڏو قبيلو آھي. ھيءُ قبيلو اٿل، وندر ۽ منھبار وارن علائقن ۾ آباد آھي. مانڊڙا، دودا، باکڙا، ڪاتيار (ڪوري) ۽ وڇاڻي، ٻرن جا ڀائر آھن. ھڪ روايت موجب ھيءُ قبيلو برفتن سان ملي ٿو. ھن طرح جو برفت قبيلي جو وڏو سردار ”آري ٻرو“ ھو، جنھن کي عيسب نالي پٽ ٿيو. عيسب کي ٻه پٽ ٿيا. دودو ۽ ٻرو، دودي جي اولاد مان ”دودا“ ٿيا ۽ ٻري جي اولاد مان ”ٻرابرادري بڻيا، مثلاً ٻرن جو سردار گھر ”دريساڻي“ آھي، جنھن مان ”سرماڻ مريداڻي“، ھڪ روايت موجب اصل ”سمو درس“ آھي. ٻئي طرف برھماڻي ٻرن جو سلسلو برفتن سان ملي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو