چوڏس2

چـوڏس (تـٿ): وڪـرمـي سـنبـت جـي هـر مـهيـنـي جـي چوڏهين تاريخ کي ’چوڏس‘ چوندا آهن. هن تٿ کي ٻين تٿن جي ڀيٽ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هن تٿ تي سنڌ ۽ راجسٿان ۾ هندو ديوين جي پوڄا ڪندا آهن. بڊي مهيني (آگسٽ- سيپٽمبر) جي چوڏس تي سنڌ جي ٿرپارڪر واري ڀاڱي ۾ هرهيار (نزد چيلهار)، ڇَهَي، ٻاراچ، مٺي، ننگرپارڪر، چُوڙيي ۽ کاروڙي سميت مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مالهڻ (ماتا جيءَ) جا وڏا ميلا لڳندا آهن ۽ ڪيترا ياتري ڀاوَ چاڙهي، باسون باسيندا آهن. سڀ کان وڏو ميلو هريار (چيلهار) ۾ لڳي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو