بنديچا

بَنديچا: ”جوکين“ جو هڪ قبيلو. ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ بنديچا قبيلي جي باري ۾ هيٺين معلومات ڏنل آهي ته ”هيءُ بلوچ قبيلو آهي، جيڪو حب واري علائقي ۾ ڪِيلو، لئاراڻي ۽ پٻ جبل جي ’لڪ ڪُراڙي‘ وارين ايراضين ۾ آباد آهي. راڌا سندن سردار گهر آهي، جن جا ٻه پاڙا آهن: هڪ مرزاڻي ۽ ٻيا دُراڻي. هيٺيان بنديچا راڄ راڌن جا ڀائر آهن: سجا، موسي پوٽا يا موسا، بُليجا، کُريڙا، باندڻ پوٽا، ساربي پوٽا، ٽونڊي پوٽا ۽ نوت .


لفظ بنديچاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو