انساني آباديءَ جو هڪ منظر

انساني آباديءَ جو هڪ منظر

آبادِي

آباديءَ مان مراد ڪنهن ملڪ يا ڪنهن صوبي ۾ رهندڙ ماڻهن جو جملي تعداد آهي، جن ۾ هر مذهب، نسل ۽ قوم جا ماڻهو شامل هجن. پاڪستان قائم ٿيڻ وقت سنڌ صوبي جي آبادي 70 لکن تائين هئي، جيڪا 1981ع جي آدمشماريءَ موجب وڌي هڪ ڪروڙ 90 لک تائين پهچي وئي. 1999ع ۾ سڀني ضلعن جي رپورٽن مطابق سنڌ صوبي جي آدمشماري ٽن ڪروڙن کان مٿي ۽ هن وقت چئن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ٿي چڪي آهي. اها واڌ رڳو سنڌ جي آباديءَ ۾ ڪا نه آئي آهي، پر اهو سڄيءَ دنيا جو حال آهي. سنڌ ۾ ته ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڀارت مان ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن. ان کان سواءِ هتي ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن توڙي بنگلاديش، برما، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن مان به ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن، جيڪا واڌ غير فطري آهي. گڏيل قومن واري اداري جي رپورٽ مطابق جون 1990ع تائين سڄيءَ دنيا جي آبادي 5 ارب 30 ڪروڙ هئي، جيڪا ”يونيسڪو“ جي رپورٽ موجب 2000ع تائين 6 ارب 40 ڪروڙ ٿيڻ جو امڪان هو. عالمي بئنڪ جي 2000 جي رپورٽ موجب پاڪستان جي ڪل آبادي ان وقت 14 ڪروڙ 80 لک ۽ واڌ جي شرح 2.7 سيڪڙو هئي. ميڊيا جي غير سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت (2009ع) پاڪستان جي آبادي 17 ڪروڙ 62 لک کان به وڌيڪ آهي. جڏهن ته سرڪار پاران تازي آدمشماريءَ بابت تياريون ڪيون پيون وڃن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو