چوڏس

چوڏس (اخبار): هفتيوار آکاڻين جي اخبار 1929ع ڌاري ڪراچيءَ مان سنسار سماچار پرنٽنگ پريس جو مالڪ آسودو مل اڌارام ماکيجا ڪڍندو هو. اخبار جي قيمت هڪ آنو هوندي هئي. هن اخبار ۾ شاعري، افسانا ۽ ٻيون مختصر خبرون شايع ٿينديون هيون. هن اخبار ۾ هندو ۽ مسلمان ليکڪ پنهنجون تخليقون ڇپائيندا هئا. اخبار جي مستقل ليکڪن ۾ ديپچند جسارام کتري، لڇيرام ڀٽاڻي، گورڌن شرما، درگداس شاهاڻي، کيمچند مهتاڻي، جڳت ڀاٽيا، حبيب الله ڀٽو، محمد يوسف مجرم قابل ذڪر هئا. چوڏس اخبار اڳتي هلي روزاني اخبار ۾ تبديل ٿي.


لفظ چوڏسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو