ذڪر

ذڪر: الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ کي ’ذڪر‘ چئجي ٿو. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته:
”اي ايمان وارو! الله تعاليٰ جو ذڪر گھڻو ڪندا ڪريو ۽ صبح ۽ شام ان جي تسبيح بيان ڪندا ڪريو“ (احزاب: 41). ان کان سواءِ به ڪيترين ئي آيتن ۾ ذڪر جو حڪم آيو آهي. حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه و سلم جن فرمايو ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي: ”آءٌ ٻانهي سان اهو ئي معاملو ڪندو آهيان، جيڪو هو مون مان گمان ڪندو آهي. پوءِ جڏهن هو مون کي ياد ڪندو آهي ته مان به ان کي ياد ڪندو آهيان. جيڪڏهن ٻانهو منهنجو ذڪر ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪندو آهي ته مان به سندس ذڪر ان کان بهتر يعني فرشتن جي ميڙ ۾ ڪندو آهيان. جيڪڏهن ٻانهو مون ڏانهن هڪ گرانٺ جيترو متوجهه ٿيندو آهي ته مان ان ڏانهن هڪ هٿ جيترو متوجهه ٿيندو آهيان. جيڪڏهن اهو هڪ هٿ وڌندو آهي ته مان ان ڏانهن ٻه هٿ وڌندو آهيان.“ (بخاري، مسلم، ترمذي).
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته الله تعاليٰ وٽ فرشتن جي هڪ جماعت اهڙي آهي، جيڪا ذڪر جي مجلسن کي ڳوليندي رهندي آهي. کين جتي ذڪر جي مجلس نظر ايندي آهي ته اهي به ان مجلس ۾ ويهي رهن ٿا. جڏهن اها مجلس پوري ٿيندي آهي ته فرشتا آسمان ڏانهن هليا ويندا آهن. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به انهن کان پڇندو آهي ته فرشتؤ، ڪٿان ٿا اچو؟ فرشتا عرض ڪندا آهن، اسان روءِ زمين ۾ تنهنجي اهڙن ٻانهن کان پيا اچون، جيڪي تنهنجي وڏائي، تسبيح، پاڪائي ۽ حمد بيان ڪري رهيا هئا (مسلم). رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ذڪر ڪرڻ واري ۽ ذڪر نه ڪرڻ واري جو مثال زنده ۽ مرده وانگر آهي. الله تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ وارو زنده آهي ۽ نه ڪندڙ مئل. (مسلم، بخاري، مشڪوٰت).
مشهور محدث ابن قيم پنهنجي رسالي الوابل الصيب ۾ ذڪر جون 44 فضيلتون بيان ڪيون آهن، جن مان ڪجهه هي آهن: الله تعاليٰ جو ذڪر شيطان کي ڀڄائي ٿو ۽ ان جي طاقت کي ٽوڙي ٿو. الله تعاليٰ جي رضامنديءَ جو سبب ٿئي ٿو. دل مان فڪرن، وهمن ۽ غمن کي ڪڍي ٿو ۽ دل ۾ خوشي ۽ سرور پيدا ڪري ٿو. چهري ۽ دل کي منور ڪري ٿو، رزق وڌائي ٿو، الله تعاليٰ جو قرب ۽ محبت پيدا ڪري ٿو. الله جي عذاب کان نجات جو ذريعو ٿئي ٿو. جهنم کان بچائي ٿو. الغرض دنيا ۽ آخرت جون سڀ خوشيون ذڪر ڪندڙ کي نصيب ٿين ٿيون.
ذڪر ۽ ذڪر ڪرڻ جو طريقو: ذڪر عام طور تي الله تعاليٰ کي ڪنهن به طرح زبان ۽ دل سان ياد ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو، پر جيڪو خصوصي ۽ سنت نبويءَ مطابق ذڪر آهي، اهو ’لاَ اِاـــٰھَ اِلاَّ اللهُ‘، ’اِلاََ اللهَ‘، ’اَللهُ اَللهُ‘ ۽ ’هُو‘ جو ذڪر آهي. طريقت جا صاحب بزرگ به انهيءَ طريقي سان ذڪر جي تلقين ڪندا آهن. قادري طريقي وارا جھري (ڏاڍيان) ۽ نقشبندي حضرات خفي (هوريان دل ۾) ذڪر جي تلقين ڪندا آهن.


لفظ ذڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو