ڀيشم

ڀيشم: هندن جي مذهبي منظوم داستان ”مهاڀارت“ ۾ هيءُ بزرگ ۽ معتبر ڪردار ’ڀيشم پتامهه‘ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. گنگا ندي- ديويءَ مان راجا شانتو کي هڪ پٽ هو، جنهن کي ’شانتنوَ‘، ’گانگييَه‘ ۽ ’ندِي-جا‘ (دريا ڄائو) سڏيو ويندو آهي. جڏهن راجا شانتنُو ٻڍو ٿيو ته سندس خواهش ٿي ته هوُ ڪنهن جوان ۽ خوبصورت زال سان شادي ڪري. سندس پٽ شانتنوَ يعني ڀيشم پنهنجي پيءُ لاءِ ستيه وَتي نالي هڪ ڇوڪري ڏٺي، پر سندس والدين اعتراض ڪيو ته جيئن ته تخت جو وارث ڀيشم هو ۽ ڇوڪريءَ مان پُٽيتو اولاد ٿيو ته اُهو تخت جو وارث نه ٿي سگهندو. پر ڀيشم ساڻن وعدو ڪيو ته هُو تخت جو بلڪل تمنائي نه آهي، تنهنڪري نڪي هو شادي ڪندو ۽ نه ئي ٻارن جو پيءُ ٿيندو. پوءِ شانتنوُ، ستيه وتيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پُٽ ٿيا. پنهنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڀيشم سندس وڏي پُٽ کي تخت تي ويهاريو، پر هُو جلد ئي ڪنهن لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. کانئس پوءِ، سندس ٻيو پٽ وِچتر ويريَه تخت تي ويٺو ۽ ڀيشم سندس محافظ ۽ سنڀاليندڙ ٿي رهيو. هُن پوءِ ڪاشيءَ جي راجا کان سندس ٻه ڌيئرون هٿيارن جي زور تي سندن شاديون وچتر ويريه سان ڪرايائين. جڏهن هُو جوانيءَ ۾ بي اولاد ٿي گذاري ويو ته ڀيشم سندس بيواهن جي نگهباني ڪندو رهيو. ڀيشم جي انتظام هيٺ، ڪرشن دوائپايَن، جيڪو ستيه وتيءَ مان سندس شاديءَ کان اڳ ڄائو پٽ هو، پنهنجي ويڳي ڀاءُ سان گڏ پلجڻ لڳو. اهي ٻئي ٻار پانڊوُ ۽ ڌرتراشٽر هئا. ڀيشم ٻنهيءَ جي پالنا ڪئي ۽ ٻنهي لاءِ هستناپور ۾ پيءُ طور ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ سندن سکيا جي به نظرداري ڪندو رهيو. ڪرُوکيتر ۾ جڏهن لڙائي لڳي ته ڌرتراشٽر جي پُٽن جو طرف ورتائين ۽ کيس سيناپتي (سپهه سالار) بنايو ويو. لڙائيءَ جي ڏهڪاءَ گهٽائڻ لاءِ هُن ڪجهه قاعدا قانون واضع ڪيا ۽ شرط وڌائين ته کيس ارجن سان وڙهڻ لاءِ نه سڏيو ويندو. لڙائيءَ جي ڏهين ڏينهن ڪوروَن جي وڏي ڀاءُ دُريوڌَن جي زور ڀرڻ تي هُن ارجن تي حملو ڪيو، پر کيس بيجا طور تي شِکنڊِي زخمي ڪري وڌو ۽ ارجن کيس ايترا ته تير ٽُنبي ڇڏيا، جو سندس جسم تي ٻن آڱرين جيتري وٿي به نه بچي. ڀيشم جڏهن پنهنجي رَٿ تان هيٺ ڪري پيو ته کيس زمين تان کڻي تيرن جي سيج تي ليٽايو ويو. هوُ جسماني طور زخمي ٿي پيو هو، پر هُن پنهنجي مؤت جو وقت مقرر ڪري ورتو هو، تنهنڪري هُو 58 ڏينهن جيئرو رهيو ۽ ڪيترائي ڊگها اُپديش ۽ سمجهاڻيون ڏيندو رهيو. هُن آخر تائين هڪ خود-انڪاري، عقيدتمند ۽ پرهيزگار جي زندگي گذاري. ’مهاڀارت‘ ۾ کيس ’تَرَ پَنَيڇهُو‘ ۽ ’تال-ڪيتو‘ جي نالن سان به ڄاتو وڃي ٿو.


لفظ ڀيشمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو