ايمان

ايمان: عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مفهوم آهي. دل سان مڃڻ، يقين ڪرڻ. اسلامي اصطلاح ۾ ”ايمان مجمل“ (مختصر) جيڪو هڪڙي خدا ۽ پيغمبر اسلام تي ايمان آڻڻ ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ کان چوندا آهن. اسلام جي پهرئين ڪلمي ”لاالہ الا الله محمد رسول الله“ جي لفظن سان ان جو اظهار يا اعتراف ڪيو وڃي ٿو. ايمان مفصل (واضح) ۾ الله تعاليٰ، ان جي فرشتن، جملي نبين، خدائي (احڪامن جي) ڪتابن ۽ قيامت کي مڃڻ، ۽ ائين به مڃڻ ته خير، شر ۽ مقدر ان جا ئي بنايل آهن، ان طرح جي يقين ۽ اقرار لاءِ عربيءَ ۾ هيٺيان لفظ آهن: ”آمنت بالله وملائکتہ وکتبہ ورسلہ واليوم الآخر والقدر خيره وشره من الله تعاليٰ والبعث بعدالموت“.


لفظ ايمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو