سنت

سُنت (اصطلاح): شرعي احڪامن ۾ فرض ۽ واجب کان سواءِ اهو فعل يا عمل، جيڪو حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پاڻ ڪيو هجي، ان کي اسلامي اصطلاح ۾ سنت چئبو آهي. اهڙي سنت جا ٻه قسم آهن: هڪ سُنتِ مؤڪده اهو فعل يا عمل، جنهن کي حضور نبي ڪريم صه هميشه ڪيو هجي ۽ ڪنهن شرعي عُذر کان سواءِ ڪڏهن به ترڪ نه ڪيو هجي، پر ترڪ ڪرڻ جي پاڻ ڪريمنصه ڪنهن قسم جي تنبيهه نه ڪئي هجي، جيڪو ماڻهو ڪنهن عذر کانسواءِ ڄاڻي واڻي سنت مؤڪده کي ڇڏي ڏي يا ڇڏڻ جو عادي ٿي ويو ته اهو گنهگار ٿيندو. سنت غير مؤڪده: اهو فعل جنهن کي پاڻ ڪريمن صه ڪيو هجي ۽ ڪنهن عذر کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن ڇڏي به ڏنو هجي. ان تي عمل ڪندڙ ثواب ۽ اجر جو حقدار ٿيندو ۽ ان کي ڇڏي ڏيندڙ گنهگار نه ٿيندو. سنت مؤڪده کي اضافي سنت يا عادت به چيو وڃي ٿو.


لفظ سنتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو