تيرٿ

تيرٿ: مندر وانگر تيرٿ آسٿان روحاني توڙي دنياوي زندگي ۾ اهم مقام رکي ٿو. تيرٿ لفظ جي معنيٰ آهي ”چؤنڪ“ يا ”چو واٽو“ يا تانگهو پاڻي، جتان جهاڳي منزل جي طرف وڌجي. پوڄاري پاڻ کي ڪنهن قوت جي قريب يا ڪن حالتن ۾ پاڻ کي ٻڌل محسوس ڪندو آهي.
تيرٿ ڪنهن رشي يا سنت جي نالي منسوب ٿيل جاءِ، ڪيترين حالتن ۾ قدرتي نظارن جي زيارت گاهه به هوندي آهي، جيڪا ڪا ندي، ڪو چشمو به ٿي سگهي ٿو. جتي ياتري اچي اشنان ڪري، پاڻ کي پوتر ڪندا آهن. تيرٿ ياتريءَ کي زندگيءَ جي سفر ۾ نرواڻ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيندو آهي. جين ڌرم وارن وٽ به تيرٿ ٿين ٿا. ان جي ياترا هندو ڌرم وارن کان ڪي قدر مختلف آهي. جين ڌرم وارن جي تيرٿ ياترين کي تيرٿنڪرا چئبو آهي، جڏهن ته هندو ڌرم وارن جي تيرٿ ياترين کي تيرٿ پنٿي چون. تيرٿ ڪن ديوتائن، ديوين، سنتن ۽ مهاسنتن جي ڄمڻ ۽ ديهانت وارن هنڌن کي ڪوٺجي ٿو. اهي تيرٿ گهڻو ڪري ڏورانهن هنڌن، پاڻي يا قدرتي نظارن، چشمن وغيره جي ويجهو هوندا آهن. ياتري وڏو ڪشٽ ڪٽي اتي پهچي پوڄا پاٺ ڪندا آهن. هندستان ۾ ڪافي هنڌن تي تيرٿ موجود آهن، پر سنڌ ۽ بلوچستان جي حدن ۾ هنگلاج جو تيرٿ، لڪي ضلع ڄامشوري ۾ ڌارا تيرٿ ۽ ننگرپارڪر ۾ ساڙڌرو تيرٿ، سکر ضلعي ۾ ساڌ ٻيلو تيرٿ آسٿان آهن، جڏهن ته سکن جو وڏي ۾ وڏو تيرٿ آسٿان نانڪانه صاحب پنجاب ۾ موجود آهي. جتي هر سال هزارين ياتري اچن ٿا .


لفظ تيرٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


عبادتگاهه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيرٿ
عبادتگاهه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون