بخارا شهر ازبڪستان جو سيٽ لائيٽ تان ورتل فوٽو، گگل ارٿ

بخارا شهر ازبڪستان جو سيٽ لائيٽ تان ورتل فوٽو، گگل ارٿ

ازبڪستان ملڪ ۾ بخارا شهر جي نشاندهي

ازبڪستان ملڪ ۾ بخارا شهر جي نشاندهي

بخارا شهر جون تاريخي عمارتون

بخارا شهر جون تاريخي عمارتون

بخارا شهر جون تاريخي عمارتون

بخارا شهر جون تاريخي عمارتون

بخارا شهر جي سبزي بازار

بخارا شهر جي سبزي بازار

بخارا

بخارا: هيءُ شهر هن وقت ’ازبڪستان‘ ۾ شامل آهي، جيڪو آڳاٽي وقت ۾ عالم اسلام ۽ وچ ايشيا ۾، خصوصاً اسلامي تهذيب ۽ تمدن جو عظيم الشان مرڪز رهيو آهي. هيءُ شهر زوافشان درياهه جي نشيبي وهڪري واري وڏي نخلستان ۾ آباد آهي. هيءُ علائقو ”ماوراءَالنهر“ جي جاگرافيائي اصطلاح سان به سڃاتو ويندو آهي. اسلام کان اڳ بخارا جو ذڪر ورلي ملندو هو. بخارا جو آڳاٽو ذڪر ستين صدي عيسويءَ جي چيني ماخذن ۾ ملي ٿو، پر شهر جو نالو ”پوهر“ ڄاڻايل آهي، جيڪو اڳتي هلي ”وِهارا“ (خانقاه) ٿيو ۽ جڏهن عربن جي فتح کان پوءِ هن شهر جي تاريخ عربن مرتب ڪئي ته ”بخارا“ ۾ تبديل ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته عربن جو پهريون لشڪر 54هه/ 674ع ۾ عبدالله بن زياد جي قيات ۾ بخارا تي حملي آور ٿيو. ان زماني ۾ بخارا تي ترڪ بيواهه راڻي ’قُبح خاتون‘ حڪمران هئي، جيڪا پنهنجي نابالغ پٽ جي طرفان قائم مقام هئي. 91 هه/ 710ع ۾ قُتيبه بن مسلم پنهنجن دشمنن کي شڪست ڏيئي،
شاه بخارا جي حيثيت سان بخار خدات (شاه بخارا) مقرر ٿيو. اهوئي قُتيبه بن مسلم هو، جنهن بخارا ۾ اسلامي حڪومت کي مضبوط بنيادن تي استوار ڪيو هو. رمضان 121هه/ 738ع تائين ڪيترائي ڀيرا ترڪن بخارا تي حملا ڪيا، پر بخارا تي عربن جو قبضو جاري رهيو. شاه بخارا شروع شروع ۾ هڪڙي سٺي مسلمان وانگر زندگي بسر ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ بخارا سنڌ جر سرحدن کان ڪافي پري آهي، ان هوندي به بخارا تي منگول حملن، اندروني فسادن ۽ رياستي افراتفريءَ سبب اتان اُپکنڊ ڏانهن وڏيون هجرتون ٿيون آهن. انهن هجرتن سبب سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي وايومنڊل تي هڪ خاص اثر پيو آهي. ڪربلا جي واقعي کانپوءِ ايران ۽ بخارا طرف لڏي ويل اڪثر سادات ڪٽنب وقت به وقت ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل ۽ قتل غارت سبب افغانستان رستي ڪشمير ۽ پنجاب کان ٿيندا سنڌ يا دهليءَ طرف لڏيندا ويا. جديد فارسي ادب جو فروغ بخارا مان ئي ٿيو. ايران جي گهڻن شهرن وانگر جاگرافيدانن بخارا کي ٽن وڏن حصن ۾ ورهايو آهي: (1) قلعه، (2) خاص شهر يعني شهرستان، ۽ (3) مضافات شهر، جيڪو قديم شهر ۽ اسلامي عهد ۾ تعمير ڪيل فصيل جي وچ ۾ آباد هو. قلعو قديم ترين زماني ۾ انهيءَ هنڌ هو، جتي هينئر به موجود آهي. هيءُ قلعو 716 هجريءَ ۾ ڪئين ڀيرا تباهه ٿي، ٻيهر ٺهندو رهيو. زوال واري زماني ۾ به بخارا، اسلامي علم ۽ دانش جو مرڪز رهيو ۽ انهيءَ حيثيت سان ئي ان جي مشهوري ۽ ناموري قائم رهي. 6 صدي هجري/ 12 صدي عيسويءَ ۾ علماءَ جو هڪ معزز خاندان ’آل برهان‘ بخارا ۾ هڪ قسم جي ديني حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هيءُ علائقو ٿوري عرصي لاءِ آزاد ٿي ويو. 604هه/ 1207ع ۾ جڏهن هڪڙي عوامي (شيعا) بغاوت جي ڪري، انهن کي شهر کان نڪرڻو پيو ته کين غيرمسلم آقائن
وٽ پناهه وٺڻي پئي. انهيءَ سال هيءُ شهر، محمد بن ترڪش خوارزم شاهه
جي حڪومت ۾ اچي ويو. هُن قلعي جي نئين سر مرمت ڪرائي ۽ ٻيون عمارتون اڏايون.
ابن الاثير جي بيان مطابق 4 ذوالحج 616هه/ 10 فيبروري 1220ع تي بخارا شهر، چنگيز خان جي لشڪر جي اطاعت قبول ڪئي. قلعي تي قبضو ٻارهن ڏينهن کان پوءِ ٿيو. شهر کي تاراج ڪيو ويو. جامع مسجد ۽ چند محلاتن کي ڇڏي، سڄي شهر کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو، پر بخارا جلد ئي پنهنجي اصلي حالت تي اچي ويو، تنهنڪري چنگيز خان جي جانشين جي عهد ۾ شهر جو ذڪر ڳتيل آباديءَ واري شهر ۽ علم و دانش جي مرڪز طور ڪيو ويندو آهي. 905هه/ 1500ع جي لڳ ڀڳ بخارا تي شيباني خان جي سرڪردگيءَ ۾ اُزبڪن جو قبضو ٿي ويو ۽ ٻن مختصر دورن ۾ (916هه/1510ع کان پوءِ شيباني قتل ٿيو ۽ ٻئي دور (1153هه/1740ع) ۾ روس جي انقلاب تائين انهن جي هٿ هيٺ رهيو. ازبڪن جي قبضي هيٺ آيل سڀ علائقا، حڪمران خاندان جي ملڪيت سمجهيا ويندا هئا. خان جو تختگاهه سمرقند هو. شيباني خاندان جي ٻن حڪمرانن عبيدالله بن محمود ۽ عبدالله بن اسڪندر جو دارالسلطنت بخارا هو، سندن ئي طفيل بخارا ٻيهر سياسي ۽ فڪري زندگيءَ جو مرڪز بنجي ويو. انهن کان پوءِ ايندڙ حڪمرانن به بخارا کي حڪومت جو مرڪز بنايو. اهڙيءَ طرح سمرقند جي اهميت ختم ٿي وئي. 10 صديءَ هجري/ 16 صدي عيسويءَ ۾ روس ۽ ازبڪ رياستن جي وچ ۾ واپاري تعلقات قائم ٿيا. 17 ۽ 18 صديءَ ۾ وچ ايشيا مان ايندڙ واپارين ۽ تارڪين وطن جون بستيون، جيڪي نوبوسڪ ۾ آباد هيون، اهي به روس ۾ بخارست جي نالي سان مشهور هيون. سن 1740ع ۾ نادر شاهه بخارا فتح ڪيو. وقت سان بخارا سوويت يونين جو حصو ٿي ويو ۽ هاڻي ازبڪستان جو هڪ اهم شهر آهي.

روڊ ذريعي بخارا سان ٻيا شهر
Bukhara - Andizhan 919
Bukhara - Samarkand 268
Bukhara - Fergana 905
Bukhara - Karshi 161
Bukhara - Khiva 470
Bukhara - Kokand 804
Bukhara - Nukus 556
Bukhara - Shakhrisabz 284
Bukhara - Tashkent 557
Bukhara - Termez 383
Bukhara - Urgench 435
ذريعو؛http://www.visit-uzbekistan.com/


لفظ بخاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0054.00.00  هجري

چيو وڃي ٿو ته عربن جو پهريون لشڪر 54هه/ 674ع ۾ عبدالله بن زياد جي قيات ۾ بخارا تي حملي آور ٿيو . ان زماني ۾ بخارا تي ترڪ بيواهه راڻي ’ قُبح خاتون ‘ حڪمران هئي ، جيڪا پنهنجي نابالغ پٽ جي طرفان قائم مقام هئي


0674.00.00  عيسوي

چيو وڃي ٿو ته عربن جو پهريون لشڪر 54هه/ 674ع ۾ عبدالله بن زياد جي قيات ۾ بخارا تي حملي آور ٿيو . ان زماني ۾ بخارا تي ترڪ بيواهه راڻي ’ قُبح خاتون ‘ حڪمران هئي ، جيڪا پنهنجي نابالغ پٽ جي طرفان قائم مقام هئي


1220.02.10  عيسوي

ابن الاثير جي بيان مطابق 4 ذوالحج 616هه/ 10 فيبروري 1220ع تي بخارا شهر ، چنگيز خان جي لشڪر جي اطاعت قبول ڪئي . قلعي تي قبضو ٻارهن ڏينهن کان پوءِ ٿيو . شهر کي تاراج ڪيو ويو . جامع مسجد ۽ چند محلاتن کي ڇڏي ، سڄي شهر کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ، پر بخارا جلد ئي پنهنجي اصلي حالت تي اچي ويو


0710.00.00  عيسوي

91 هه/ 710ع ۾ قُتيبه بن مسلم پنهنجن دشمنن کي شڪست ڏيئي ، شاه بخارا جي حيثيت سان بخار خدات ( شاه بخارا ) مقرر ٿيو . اهوئي قُتيبه بن مسلم هو ، جنهن بخارا ۾ اسلامي حڪومت کي مضبوط بنيادن تي استوار ڪيو هو


1200.00.00  عيسوي

6 صدي هجري/ 12 صدي عيسويءَ ۾ علماءَ جو هڪ معزز خاندان ’ آل برهان ‘ بخارا ۾ هڪ قسم جي ديني حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هيءُ علائقو ٿوري عرصي لاءِ آزاد ٿي ويو



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن ابدال
ٽنڊو مير نور محمد
شاهپور جهانيان
دنبالو
ٽنڊو طيب
ٿاڻو عارب خان
لاڙڪاڻو شھر
ٽنڊو مير محمود خان
سبي
اسلام ڪوٽ
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون