حمد

حمد: حمد پابند شاعريءَ ۾ نظم جو اهو نمونو آهي، جنهن ۾ ڌڻيءَ جي ثنا، ساراهه، وڏائي ۽ سندس ڳڻ ڳايا وڃن. حمد جي لفظي معنيٰ ساراهه آهي. هن نظم ۾ڌڻيءَ پاڪ جي ساراهه ڪئي ويندي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ حمد جي صنف اوائلي دور کان موجود ملي ٿي. حمد مذهبي موقعن توڙي عام تقريبن جي شروعات ۾ به پڙهيو ويندو آهي. ريڊيو، ٽيليويزن توڙي مسجدن ۾ عام طور تي چيو ويندو آهي. حمد ڳائڻ وارو احتراماً موسيقيءَ جو گهٽ استعمال ڪندو آهي. سنڌ ۾ حمد جي صنف ۾ شاعري ڪندڙ مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح، تاج محمود امروٽي، مولانا عبدالله چانڊيو، مولانا عبدالله شاهه، محمد صديق مسافر حاجي غلام نبي مهيسر ۽ ٻيا آهن. حمد جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اڄ ته باغن ۾ بهاريون، واهه قدرت رب ڪريم.
اڄ ته ملڪن ۾ ملهاريون، واهه قدرت رب ڪريم.
ڇا ڏسان وڄڙن وراڪا ۽ ٻڌان گجگاهه گوڙ،
ڇا هوائون هيل واريون، واهه قدرت رب ڪريم.
(حاجي احمد ملاح


لفظ حمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو