کجين جي هڪ باغ جو منطر

کجين جي هڪ باغ جو منطر

باغ ۾ نارنگين جا وڻ (نارنگيون)

باغ ۾ نارنگين جا وڻ (نارنگيون)

هڪ خوبصورت باغ جو منظر

هڪ خوبصورت باغ جو منظر

باغ

باغ: اهو زمين جو ٽڪرُ، جنهن تي ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي جمالياتي ذوق مطابق وڻ، ٻوٽا ۽ ساوڪ پوکي سينگاريو هجي. ننڍي باغ کي ”باغيچو“ چوندا آهن. اها زمين، جنهن ۾ ميون وارا گهڻا وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيل هجن، اُن کي گلزار ۽ چمن جي نالن سان به سڏيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي ۽ هندي ٻولين جا ڪيترائي نالا آهن، جيڪي سڄي باغ يا باغ جي ڪنهن به حصي جي ترجماني ڪندڙ آهن، جيئن: ’چمن‘، ’گلزار‘، ’مرغزار‘، ’گلستان‘، ’بوستان‘، ’روضه‘، ’جنت‘، ’فردوس‘ ۽ ’حديقہ‘. ’چمن‘ باغ جي انهيءَ مرڪزي حصي کي چوندا آهن، جتي ويهڻ جو انتظام هجي، ڇٻر يا ساوڪ سان سڌا ٻارا ٺاهي، پاسن کان گل ڦل پوکيل هجن. ’گلزار‘ اهو هنڌ، جتي قدرتي طرح پاڻمرادو گل ڦل ڦُٽا هجن يا پنهنجي ڪوشش سان گل پوکجن. ’مرغزار‘ قدرتي چراگاهه ۽ وِيءَ، جتي ساوڪ هجي. ’گلستان‘، جنهن هنڌ گل پوکيل هجن. هن کي ’بوستان‘ به چئبو. ’بوستان‘، هيءُ عربي لفظ ”بُستان“ آهي، جنهن کي ’حديقه‘ جو مترادف قرار ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ عام استعمال ۾ وسيع معنيٰ رکي ٿو. باغ کي به بوستان جي بدران استعمال ڪندا آهن. ’جنت‘ لفظ جو مادو ’”جِن“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڍڪڻ، پهرڻ (پوش). ’جنتان باغ کي چوندا آهن، جنهن جي وڻن زمين کي ڍڪي ڇڏيو هجي. انهن گهاٽن وڻن کي به ’جنت‘ سڏيندا آهن، جن زمين کي ڍڪي ڇڏيو هجي. ’فردوس‘ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي باغ، بستان، سرسبز وادي، روضو. ’الزجاج‘ جي لکڻ موجب فردوس اُها جاءِ آهي، جتي اُهي سڀ شيون جمع هجن، جيڪي بُستانن ۾ ٿينديون آهن. خاص ڪري انگورن جي باغ کي به ’فردوس‘ چيو وڃي ٿو. ’حديقه‘ ميويدار وڻن واري هنڌ کي چئبو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته حديقه اهو وڻن وارو باغ آهي، جنهن جي چؤڦير ڀت آيل هجي. خصوصاً انگورن ۽ کجور جي باغ کي حديقه چوندا آهن. ٻني ٻاري جي معنيٰ ۾ به حديقه استعمال ڪندا آهن. باغن جو سلسلو قديم زماني کان هلندو اچي ۽ انساني تهذيب ۾ باغن کي هميشه اهميت حاصل رهي آهي. آدم جي ظهور سان گڏ اسان کي باغ جو ذڪر ملي ٿو: وَ قُلْنَا يٰٓا آدَمُ اسْکُنْ اَنْتَ وَ زَوْجُكَ الْجَنَّةَ وَكُلَا مِنْهَا رَغَدًا حَيْثُ شِئْتُمَا (البقره) ۽ پڻ ڏسو ڪتاب ”پيدائش-2“ جتي لکيل آهي ”۽ خداوند خُدا عدن ۾ يورپ ڏانهن هڪڙو باغ لڳايو ۽ آدم کي، جنهن کي هن ٺاهيو هو، اُتي رکيو... ۽ عدن مان هڪ ندي باغ کي آباد ڪرڻ لاءِ نڪتي“. دنيا جي قديم ترين باغن جي وجود جو ثبوت اسان کي مصر ۽ چين ۾ ملي ٿو. مصر جي هڪ ديوار تي باغ جو نقشو واضح آهي، جنهن ۾ حوض به آهي، جنهن ۾ بدڪن، ٻين آبي جانورن، ولين ۽ ٻوٽن جا نقش نگار چٽا ڏنل آهن. انهيءَ حوض جي چؤگرد ميويدار وڻ ۽ گلن وارا ٻوٽا به ترتيب سان نقش ٿيل آهن. چين ۾ باغ عام طرح قدرتي پيداوار آهن، جن جو نقشو چيني مصوريءَ جي نموني ۾ ملي ٿو. چين جي باغن، جاپانين کي به متاثر ڪيو. جڏهن اسين يونان جي باغن تي نظر وجهون ٿا ته سڪندر جي زماني ۾ به اُتي باغن جو وسيع سلسلو نظر اچي ٿو. رومن قوم به (اٽليءَ ۾) يوناني باغن جي طرز تي باغن کي ترقي وٺائي. اسلامي دور ۾ به مسلمانن باغات کي گهڻي ترقي وٺائي، جو اهي قرآني جنت جي تصور کان متاثر هئا. اڪثر آيتن جو مفهوم آهي ته: نيڪ اعمالن جي جزا جنت جي شڪل ۾ ملندي آهي، اها نجات ۽ امن جي جڳهه آهي، ان جا پاسبان دعا ۽ سلامن سان جنت ۾ ايندڙن جو استعمال ڪندا آهن. ڪافور ۽ زنجيل مليل چشما، وهندڙ نهرون، وڻڪار واريون واديون، شاهاڻا شان شوڪت، قيمتي وڳا، اعليٰ زيور، موتين وانگر پکڙيل سهڻا ٻارڙا، سون ۽ قيمتي جواهرات جا جڙادار اُچا تخت، قطارن ۾ صندلن تي سينگاريل گاديلا، باغن ۾ طبقا ۽ ڏاڪا، باغ ۾ وڃڻ لاءِ بيشمار دروازا، بي انتها وسعتون، دعوتن جو اهتمام، سون چانديءَ ۽ جواهرات جا محلات، والدين، زال ۽ اولاد جي صحبت، محبت ۽ مسرت ۾ هڪٻئي سان جُهڪيل خوش گفتاري. مطلب ته جنت ۽ باغ جي لفظ سان جنسي ۽ روحاني، ٻنهي قسمن جي نعمتن سان ڀرپور خوشيءَ واري زندگي مراد آهي، جنهن ۾ نه ڏک آهي نه ڏاکڙو ۽ نه خوف آهي، نه خطرو، جتي هر قسم جون خوشيون ۽ نعمتون ڪثرت سان موجود آهن ۽ هر تمنا پوري ٿيندي آهي. قرآن شريف جي جنت واري باغ جي تصور سان، مسلمان حڪمرانن پنهنجي پنهنجي دور ۾ باغات کي بارونق بنائڻ ۾ خاص ڌيان ڏنو. وچ مشرق، مشرق ۽ يورپ ۾ مسلمانن جي باغبانيءَ جي شوق جي سلسلي جا ڪيترائي ڪارناما تاريخ جي زينت بڻيل آهن. سنڌ پرڳڻو، قديم تهذيب جو مرڪز رهيو آهي ۽ سنڌو درياهه، سنڌ لاءِ قدرت جو تحفو آهي. هتي نهرون، واهه، ڪڙيا ۽ ڪسيون جام آهن، تنهنڪري سڄو ملڪ ڄڻ ته باغ مثل آهي. هر هنڌ وڻڪار آهي. ساوڪ ۽ سبزي جو انت نه آهي. اسلام جي فتوحات وقت به سکر، بکر، سيوهڻ، منصوره ۽ ديبل ڄڻ ته گلزار بڻيل هئا. عربن جي فتح کان پوءِ جيڪي سياح سنڌ ۾ آيا، تن سنڌ جي سرسبزيءَ، خوشحاليءَ ۽ امن امان متعلق ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، ماتليءَ واروسڄو تعلقو ’فتح باغ‘ جي نالي سان مشهور هو. ان کان سواءِ گهڻيون ديهون ۽ ڳوٺ اڃا به ”باغ“ جي نالي سان مشهور آهن. جيئن ’ٻاروچو باغ‘ ۽ ’باغ يوسف‘ وغيره. انگريزن جي دور ۾ جڏهن مسلمانن کان زمينون ۽ جاگيرون کسي اُنهن کي سمورن معاشي وسيلن کان محروم ڪيو ويو، تڏهن هندو سيٺين به ڪن شهرن ۾ انگريزن جي مدد سان پنهنجن نالن سان باغ باغيچا ٺهرايا. انگريزن پنهنجي دور ۾، سرڪاري (ميونسپل جي طرفان) خرچ تي هر هنڌ باغ ٺهرايا. ڪراچيءَ ۾ ’گانڌي گارڊن‘، ’جمشيد نسروانجي باغ‘، ’کوڙي گارڊن‘ ۽ ’رام باغ‘ وغيره. حيدرآباد شهر ۾ انگريزن جي دور جا ڪيترائي سرڪاري باغ موجود آهن.


لفظ باغھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو