آبپاشيءَ لاءِ پاڻيءَ جو ڪئنال

آبپاشيءَ لاءِ پاڻيءَ جو ڪئنال

آبپاشي

آبپاشي: زرعي زمين کي پاڻي پھچائڻ واري سرشتي کي ”آبپاشي“ چئبو آھي. سنڌ ۾، پنج ھزار سال اڳ ”موھن جي دڙي“ واريءَ تھذيب ۾ آبپاشيءَ جو بھترين نظام موجود ھو. اڄ به سنڌو درياهه جو پاڻي آبپاشيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اڳين وقتن ۾ سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا ٽي طريقا ھوندا ھئا: (1) چرخي، (2) موڪي ۽ (3) بوسي. پھرئين طريقي کي ”چاڙھي واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو، ڇو ته ھن طريقي ۾ ھرلي يا نار ذريعي پاڻي مٿي کڻي، زمين ڏانھن نيڻو پوندو ھو. جيڪڏھن زمين ھيٺاھينءَ ڏانھن ھوندي ھئي ۽ ڪنھن ڪڙئي يا شاخ مان پاڻي زمين ڏانھن وھي سگهندو ھو ته انهيءَ سرشتي کي ”موڪي“ يا ”وھڪري واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو. جڏھن واهه ۾ پاڻيءَ جي سطح اوچي ھوندي ھئي ته قدرتي طرح ھيٺ ٻنيءَ ۾ پاڻي پھچي سگهندو ھو. آبڪلاڻيءَ جي مند جـَهڪي ٿيندي ئي ھاريءَ کي ھرلو يا نار ڪتب آڻڻو پوندو ھو، جنھن طريقي کي ”چرخي“ سڏيو ويندو ھو. ٽئين طريقي کي ”بوسي“ سڏبو ھو. اھو طريقو خشڪ فصلن، خاص ڪري ڪڻڪ ۽ دالين جي فصلن اپائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو ھو. ٻوڏن جي وقت ۾ ٻنيون ٻارا سڀ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندا ھئا ۽ جڏھن ٻوڏون ھٽي وينديون ھيون، ته اڌ سڪل وٽائتي زمين کي دستوري طرح ھر ڏيئي، کيڙي پوک ڪئي ويندي ھئي ۽ انهيءَ پوک کي زمين ۾ اچي ويل پاڻيءَ مان ريج ملندو ھو. سمن جي دؤر ۾، پھريون دفعو، ڄام نندي (نظام الدين) جي وزيراعظم دولهه دريا خان واھ کوٽايا. ھن ان سلسلي ۾ ساڪري پرڳڻي ۽ ٺٽي جي آسپاس ”خانواهه“ ۽ سيوھڻ لڳ پٽ باران ۾ ”ساوه واهه“ کوٽايا. ڪلهوڙن جو دؤر، سنڌ جي زراعت، آبادي ۽ پورھيتن لاءِ سونھري دؤر ھو. ڪلهوڙا پاڻ آبادگار ھئا ۽ زرعي پيشي کان پوريءَ طرح واقف ھئا، تنھنڪري سندن حڪومتي دؤر ۾ آبپاشيءَ جي نظام ۾ وڏي تبديلي آئي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ھيٺيان نوان واهه کوٽايا ويا: پراڻ، نارو، اڙل، گوني، پڃاري، گونگڙو، لکي، سيتا، بگهاڙ، امرڪس، نورواهه، نصرت واهه ۽ سرفراز واهه، جيڪي اڄ تائين موجود آھن. ٽالپرن جي دؤر ۾ به ڪافي واهه کوٽايا ويا، جن مان باگو واهه، مارک واهه ۽ کورواهه قابل ذڪر آھن. انگريزن پنھنجي دؤر حڪومت ۾، سنڌو درياهه تي سکر وٽ بند ٻڌايو، جيڪو ”سکر بئراج“ جي نالي سان مشھور آھي. ھن بئراج تي دنيا جو وڏي ۾ وڏو نهري نظام قائم آھي. ھن وقت آبپاشيءَ جي مقصد سان سنڌ ۾ ٽي بئراج اڏيل آھن: سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج، جن جي واھن تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. سکر بئراج مان ست وڏا واهه نڪرن ٿا، جن ۾ ساڄي پاسي کان اتر اولهه ڪئنال يا کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان اڀرندو نارو، اڀرندو خيرپور ڪئنال، روھڙي ڪئنال ۽ الهندو خيرپور ڪئنال نڪرن ٿا. ھنن واھن تي 75 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. گڊو بئراج مان چار وڏا واهه: بيگاري سنڌ فيڊر، ڊيزرٽ پٽ فيڊر، گهوٽڪي پٽ فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال نڪرن ٿا، جن مان 2 واهه: بيگاري سنڌ فيڊر (بي. ايس فيڊر، جنھن کي عام طور گڊو واهه سڏيو ويندو آهي.) ۽ ڊيزرٽ پٽ فيڊر ساڄي پاسي کان، جڏهن ته گهوٽڪي پٽ فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال کاٻي پاسي کان نڪرن ٿا. اهي چارئي واهه سنڌ جي 23 لک ۽ بلوچستان جي 7 لک ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا. ڪوٽڙي بئراج مان چار واهه نڪرن ٿا، جن جا نالا ڪلري بگهاڙ، لائين چئنل، ڦليلي ۽ پڃاري آھن. ھنن واھن تي حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن جي 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.


لفظ آبپاشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو