بخاري

بُخارِي: سنڌ جي ساداتن جي مشهور قبيلن (لڪياري، مٽياري،بخاري) مان هڪ قبيلي جو نالو، جن جا وڏا بخارا مان آيل هئا. سنڌ ۽هند جا سمورا بخاري سادات، جلال الدين سرخ پوش بخاري رحمة الله عليه جو اولاد آهن. کين 3 فرزند هئا. (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد بهاؤالدين،(3) سيد محمد.سيد سرخ بخاريءَ سيد بدرالدين رضويءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. بخارا کان سڌو بکر آيو ۽ پوءِ ملتان ڏانهن ويو ۽ حضرت شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي دست مبارڪ تي بيعت ڪري، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سکر، بخاري ساداتن جو قديم مسڪن هو، تنهنڪري گهڻا بخاري پير هن شهر ۾ ئي آرامي آهن: جهڙوڪ مخدوم نوح بخاري، جيڪو قلعي بکر اندر ستل آهي، سيد سومر شاهه بخاري ۽ سيد بقا شاهه وغيره.


لفظ بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو