سري

سري

سري

سري (پکي): هي پاڻيءَ جو پکي آهي. ڪانئري، کنڀي ۽ ڪڪڙي پکيءَ سان مشابهت رکي ٿو. بدن ۾ ڪڪڙي کان ڳرو ۽ کنڀي کان هلڪو ٿئي ٿو، رنگ ۾ به ڪڪڙي، ڪانئري ۽ کنڀي جھڙو ٿيندو آهي. ڳچي ڏيڍ فوٽ کن ڊگھي ۽ سنهي ٿيندي اٿس. هي پاڻي ۾ ٽٻي هڻي ڳچ منزل ڪري سگھي ٿو. هي عام طور پاڻيءَ جي مٿان ترندو رهندو آهي، پر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ پاڻيءَ جي اندر ٽٻي هڻي تيزيءَ سان نڪري ويندو آهي. هي ٻين ٽوٻن پکين جي ڀيٽ ۾ ٽٻي ذريعي گھڻو تيز هلندو آهي. هي پکي پاڻيءَ ۾ مڇيون جھلي مٿي اڇلائي تيزيءَ سان جھٽي وري هڪ ٻه جھٽڪا ڏيئي ماري پوءِ کائيندو آهي. هي پکي مڇيءَ کي اڇلائي وري جھپي کائڻ ۾ خاص ماهر آهي.


لفظ سريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو