رنگ

رنگ

رنگ

رنگ (Color): رنگ هڪڙي بصري يا نظري ادراڪي خاصيت آهي، جيڪا انساني اک ۾ مختلف وسيع شعاعن يا روشنيءَ جي ترڪيبي جُزن جي حساسيت جي ڪري انساني ادراڪ ۾ ايندي آهي. ائين چئي سگھجي ٿو ته روشنيءَ جو طبعي مظهر، يا برقي ڪششي جزا (جيڪي ڪنهن پرزم (منشور) مان گذرڻ کانپوءِ ٽُٽي پنهنجي خاصيت ظاهر ڪندا آهن) پنهنجي ڇڪ سبب انساني نهار ۽ ادراڪ جو سبب بڻجندا آهن، تن کي ’رنگ‘ چئبو آهي. شين جي اها خاصيت، جنهن سان روشنيءَ کي جذب ڪري، ان مان ڪنهن به هڪ جزي يا خاصيت کي منعڪس ڪري اک تي وجھجي ۽ جنهن جي اثر سان اک کي ان جو ادراڪ ٿئي. روشني يا سج جا ڪرڻا ستن رنگن جا مرڪب آهن، جن ۾ ڳاڙهو، ترنجي، پيلو، سائو، اڇو، نيرو ۽ واڱڻائي اچي وڃن ٿا. اهي سمورا رنگ ٽن بنيادي رنگن: نيري، ڳاڙهي ۽ پيلي جا مرڪب آهن. انهن ٽنهي رنگن کي مصوريءَ جي دنيا ۾ Primary Colors چوندا آهن. ڳاڙهو ۽ پيلو گڏجي نارنگي، پيلو ۽ نيرو گڏجي سائو نيرو ۽ ڳاڙهو گڏجي واڱڻائي رنگ ٺهندا آهن. ائين ئي ٻيا مختلف رنگ ٺهندا آهن. انهن ٽنهي روشنين يا رنگن جي ملڻ سان مرڪز ۾ سفيد (اڇو) رنگ يا روشني ٺهندي آهي.
رنگن جي درجي بنديءَ ۽ انهن جي طبعي خاصيتن جو مدار روشنيءَ جي نڪرندڙ مواد ۽ مشاهدي هيٺ ايندڙ طبعي خاصيتن تي آهي، ڇو ته بصري (نهار) ادراڪ ۾ ايندڙ برقي مقناطيسي لهرون انساني اک جي حساس مخروطي جيوگھرڙن کي مختلف شدتن سان متاثر ڪنديون آهن. ان ڪري ائين چئي سگھجي ٿو ته رنگ انساني اک کي متاثر ڪرڻ واري شدت ۽ سگهه مان به سڃاڻي سگھجن ٿا. رنگن جي سڃاڻپ ۽ تعين ڪرڻ وارو علم ڪروميٽڪس (Chromatics) آهي ۽ انهيءَ علم ذريعي سمجھڻ واري فني مهارت کي ڪلريميٽري ٽيڪنيڪ چيو وڃي ٿو.
رنگ جي ملاوت (Color Mixture): رنگ جا بنيادي حواس ٽي آهن: ڳاڙهو، پيلو ۽ نيرو، جن جي ميلاپ سان ٻيا سڀ رنگ حاصل ڪري سگھجن ٿا. ڳاڙهي رنگ کي پيلي رنگ سان ملائي نارنگي رنگ ٺاهي سگھجي ٿو. پيلي ۽ سائي رنگ کي ملائڻ سان پيلاڻ مائل سائو (Yellowish Green) يا ساواڻ مائل پيلو (Greenish Yellow) رنگ ٺاهي سگھجي ٿو. پيلي ۽ نيري رنگ ملائڻ سان سائو، سائي ۽ نيري رنگ کي ملائڻ سان ساواڻ مائل نيري Greenish Blue) يا نيري سائي (Bluish Green) رنگ جون ملاوتون حاصل ڪري سگھجن ٿيون. نيري ۽ ڳاڙهي رنگ کي ملائڻ سان واڱڻائي (Violet) ۽ ارغواني (Purple) رنگ ٺاهي سگھجي ٿو. ٻن رنگن جي گڏجڻ سان اڇو يا سليٽي رنگ ٺهي وڃي ته ان رنگ کي تڪميلي رنگ (Complementary Color) چئبو آهي. پيلو، نيرو، ڳاڙهو ۽ سائو تڪميلي رنگ آهن، جيڪڏهن انهن کي ملايو وڃي ته انهن ۾ اڇي يا سليٽي چمڪ وڃي بچندي آهي. انهن کي معدوم جوڙا به چيو ويندو آهي، ڇو ته انهن جي ملائڻ سان رنگ غائب به ٿي ويندو آهي ۽ رڳو چمڪ وڃي بچندي آهي. جڏهن ڪا شيءِ روشنيءَ جي سمورن رنگن کي منعڪس ڪندي آهي ته اها شيءِ اڇي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پر جيڪڏهن ڪا شيءِ روشنيءَ جا سمورا رنگ پنهنجي اندر جذب ڪري ڇڏي ته اها ڪاري نظر ايندي آهي.
ڪروميٽڪس موجب اک ۽ دماغ ۾ رنگن جي ادراڪ، رنگن جي نظرين ۽ بصري (نهار) ادراڪ ۾ ايندڙ برقي مقناطيسي شعائن جي طبعيات جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. منشور مان نڪتل مقناطيسي برقن يا روشنيءَ جي ٽٽل جزن جو بنهه ننڍڙو حصو اک کي ڏسڻ واري حد (بصري سطح) تي اثر ڪندو آهي. انساني اک 380 نينوميٽرن کان 740 نينوميٽرن تائين انهن وسيع شعاعن يا ڊگهين لهرن جو ادراڪ ڪري سگھندي آهي. هي شعاع مختلف طريقن سان انساني اک کي متاثر ڪندا آهن، جنهنڪري مختلف رنگ نظر ايندا آهن. انساني اک جي ريٽينا ۾ رنگن جي وصول ڪرڻ جون ٽي صورتون آهن يا ائين سمجھجي ته انساني اک جي ريٽينا ۾ ٽي جيوگھرڙا آهن، جيڪي انهن شعاعن کي ٽن مختلف صورتن ۾ وصول ڪن ٿا. انهيءَ صورت مان هڪڙي صورت اها آهي، جيڪا 420 نينوميٽر يعني ارغوني روشنيءَ لاءِ حساس آهي، جنهن کي الٽرا وائليٽ شعاع به چئبو آهي، اُها مخروطي (تراشيل) جيوگھرڙن ذريعي ادراڪ ۾ اچي ٿي. انهن تراشيل جيوگھرڙن جا ٻيا به قسم 564 نينوميٽر نيري روشني ۽ 534 نينوميٽر سائي روشنيءَ لاءِ حساس آهن، شين يا جسمن کان موٽ کائيندڙ روشني ڪيترن شعائن يا لهرن تي مشتمل ڇو نه هجي، اها جڏهن انساني اک تي پوندي آهي ته انساني اک جو نظام ان کي ٽن رنگن ۾ ظاهر ڪندو يا محسوس ڪندو آهي. اک ۾ موجود اهي جيوگھرڙا سڀني رنگن کان ٿورو يا گھڻو متاثر ٿيندا آهن. متاثر ٿيندڙ جيوگھرڙن ۾ پيدا ٿيل برقي وهڪري جو پيغام دماغ کي پهچندو آهي ۽ انهيءَ بنياد تي انساني دماغ رنگ ادراڪ ڪندو آهي.
هڪ اندازي موجب انساني اک ڏهه ملين يعني هڪ ڪروڙ رنگن جي سڃاڻپ ڪري سگھي ٿي، جيئن ته ٽي بنيادي رنگ آهن ۽ باقي بي انت رنگ انهن جي مختلف مقدار يا انداز جي ملڻ سان ٺهندا آهن. رنگ سائنسي حوالي سان روشنيءَ جا مختلف شعاع يا ٽٽل جزا آهن، جيڪي ڪنهن به شيءِ جي وجود کان موٽ کائي انساني اک جي بصري ادراڪ ذريعي دماغ ۾ سڃاڻپ حاصل ڪن ٿا، پر دنيا جي مختلف لغتن ۽ دنيا جي ادب ۽ لوڪ ادب ۾ رنگن جون معنائون مختلف ورتيون ويون آهن. رنگن کي مختلف معنائن ۽ محاورن ۾ ڪتب آندو ويو آهي، تنهن کانسواءِ دنيا جي ڪيترن معاشرن ۾ رنگن کي علامت طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. سنڌي لغت ۾ رنگ جون ڪيتريون ئي معنائون آهن، جن ۾ رونق، سوڀيا، خوبي، حسن، سهڻائيءَ سميت ٻيون انيڪ معنائون ۽ مفهوم آهن. ائين ئي جواني، طور طريقو، حالت، ٺاهه ٺوهه، دنيا جي جوڙ، جنگ جي ميدان ۽ ٻين ڪيترن لفظن کي رنگ جي مفهوم ۾ ورتو ويندو آهي. رنگ جتي هڪ وکر سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو ڪنهن ڪپڙي يا شيءِ کي ڏنو ويندو آهي.
سفيد (اڇو) رنگ امن جي علامت، ڳاڙهو رنگ خطري، سائو رنگ سر سبزيءَ ۽ خوشحاليءَ، ڪارو رنگ ڏک ۽ الم، ناسي رنگ الهام، پيلو رنگ بيماريءَ ۽ خزان جي علامت سمجهيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ رنگ کي صفت طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن رنگروٽ، رنگا رنگ، رنگيلو، اتي ڪيترن ئي محاورن ۾ پڻ رنگ کي ڪتب آندو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۽ لغت ۾ رنگ کي ٻٽين معنائن ۽ مفهومن ۾ پڻ ورتو وڃي ٿو، جيئن:
رنگ اڏامڻ = رنگ جھَڪو ٿيڻ ۽ شرمسار ٿيڻ/ لڄي ٿيڻ.
رنگ لائڻ = سهڻو ڪرڻ، رنگين بنائڻ، چار چنڊ لڳائڻ.
رنگ ڄمائڻ= رنگ چاڙهڻ- محفل مچائڻ.
رنگين مزاج = رنگيلو، عياش
اهڙا ٻيا به ڪيترائي ٻٽا لفظ آهن، جيڪي عام معنيٰ سان گڏوگڏ مقصد، طبيعت ۽ خصلت واري معنيٰ به ڏين ٿا. نانڪ يوسف جي هڪڙي سٽ آهي ته:
سڄڻ سانگي سانگ تي آيو،
رنگ جوڙي تان رنگ ڀرمايو.
جڏهن ته بلا شاهه جو صوفياڻو ڪلام آهي ته:
انت بحر دي ڪل نه ڪائي،
رنگيءَ رنگ بنايا، الله آدمي بنايا.
رنگ ماڻهوءَ جي جذبن ۽ امنگن جي ترجماني به ڪندا آهن، جن سان سندن طبيعت، فطرت ۽ ڪيفتن جو اندازو ڪري سگھبو آهي.


لفظ رنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو