ڇيڻو

ڇيڻو: چوپائي مال جي نيڪال ٿيل مادي کي ڇيڻو چئبو آهي. ڇيڻو خاص ڪري ڳئون ۽ مينهن جي نيڪال ڪيل مادي کي چئبو آهي. هنن جانورن جو ڇيڻو سڪائڻ کانپوءِ ٻارڻ جي ڪم ايندو آهي. جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي ڇـيـڻي مـان بـايـو گـئس (bio-gas) ٺاهي وڃي ٿي، ۽ پاڪستان ۾ (سنڌ سميت) ان قسم جا ننڍا ننڍا پلانٽ ڪيترن ڳوٺن ۾ لڳايا ويا آهن، جنهن کي پڻ ٻارڻ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ طبيب دوائن جي تياريءَ ڇيڻن جي ٿڌي باهه تي ڪندا آهن. سڪل ڇيڻي جي ڦلهيار تيل ۾ ملائي گهڻي رت اچڻ واري هنڌ تي رکندا آهن ته رت بند ٿي ويندو آهي. گهر کي راڱي ڏيڻ لاءِ به ڇيڻي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڪتب آندو ويندو آهي. هندو ڌرم ۾ ڳائي مال جي ڇيڻي توڙي پيشاب کي وڏو درجو مليل آهي. ٻڪرين جي نيڪال کي ڦولهڙيون، گڏهه ۽ گهوڙي جي نيڪالي مادي کي لڏ ۽ اٺ جي فضلي کي ليڏوڻا چئبو آهي.


لفظ ڇيڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو