پيهون

پيهون: پيهون يا پينهون، چانورن مان ٺهندا آهن ۽ سرزمين سنڌ جو خاص کاڌو آهن. جيڪو گھڻو ڪري ماڻهو خاص موقعن تي گھرن ۾ چاڙهيندا آهن. پيهون سارين کي اوٻاري ۽ ڀُڃي، ننگھه ۾ ڪُٽي ٺاهيندا آهن. پيهون چانورن وانگر ئي ٿيندا آهن، پر اُهي ڪُٽڻ سبب چِپٿرا ٿيندا آهن، جن کي رَڌي کائبو آهي. ڪڏهن پُسائي کِيـر سان به کاڌا ويندا آهن.
پيهن جي رڌڻ جو طريقو هي آهي ته ديڳڙيءَ يا ديڳڙي ۾ گيهه، ڦوٽا ۽ کنڊ ۽ ٿورو پاڻي وجھي، اُن کي دمي ڇڏبو آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ پيهون تيار ٿي ويندا آهن. پيهون عام طرح ڳرو کاڌو سڏيو ويندو آهي.


لفظ پيهونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو