ٻگرو

ٻَگِرو: گاهه جو ھڪ قسم. ٿر ۾ ھيءُ ٻوٽو ھر ھنڌ ٿئي ٿو، پر نرم زمين ۾ گھڻو ٿيندو آھي. مريڙي ۽ للر کان گھڻو پکڙيل ٿيندو آھي. ان جي ڏانڊي اڇي رنگ جي پر ڦيڦي ٿئي ٿي. منجھس اڇي رنگ جا وڻندڙ گل ٿيندا آھن، جن مان ڦريون ڦٽي نڪرنديون آھن. پن ۾ پنج ڦاڪون ٿينديون اٿس. ان ۾ سائي رنگ جون ڦريون به ٿين، جيڪي پچڻ بعد ناسي رنگ جون ٿين ٿيون، جن جي ڀاڄي، ٿري ماڻھو شوق سان کائيندا آھن. اٺ، ھن ٻوٽي کي چاهه سان کائيندو آھي ۽ ٻيو چوپايو مال به کائي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو