اڪڙ

اِڪَڙَ: هيءُ ٻوٽو عام طرح سڄي سنڌ جي، ٻنين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ ٻوٽو سخت زمين ۾ جتي پاڻيءَ جي مار هوندي آهي، اُتي اُڀرندو آهي. ست، اٺ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو. پارڪر جي علائقي ۾ جام ٿيندو آهي. هن جي ڇوڏن ۾ تاندورا ٿيندا آهن، جن کي ڪڍي، گڏ ڪري، اُن مان رسا ۽ نوڙيون وٽي، کٽن لاءِ واڻ ٺاهيندا آهن. اَڪڙ کي ”ايڪڙ“ ۽ ”جتر“ به چون ۽ هاري ڪلر ۽ سم واريءَ زمين ۾ خاص ڪري پوکيندا آهن ڇو ته هي ٻوٽو ڪلر ۽ سم کي چوسي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو