چندور

چندور (ٻوٽو): هي ٻوٽو ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي ٿيندو آهي، پر ڪارونجھر جبل ۾ خاص ڪري ٿئي ٿو. هي خوشبوءَ وارو ٻوٽو آهي. هن کي عورتون وارن ۾ خوشبوءِ طور استعمال ڪنديون آهن. هن ٻوٽي کي مال به شوق سان کائيندو آهي. هن ٻوٽي جي ڪاٺيءَ مان هڪ خاص قسم جو معجون مهمائي ٺاهيندا آهن. جيڪو ڀڳل ٽُٽل جو علاج آهي. هن جو کونئر ٿڪل مال کي کارائيندا آهن ته سگهو ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو