ٻاٽيڀڙ

ٻاٽيڀڙ

ٻاٽيڀڙ

ٻاٽيڀڙ Chestnut Bellied (or Indian Sandgrouse) Pterocles exustus / ):هي پکي 29 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿئي ٿو. نر ۽ ماديءَ جا رنگ مختلف ٿين ٿا. پکيءَ جو پيٽ هلڪي سليٽي رنگ جو ٿئي ٿو. نر کي ڇاتيءَ تي ڳاني نما ڪاري ليڪ ٿئي ٿي ۽ پڇ ڊگهو ۽ نوڪدار هوندو اٿس. هن جي ميرانجهڙي پُٺيءَ تي ڪارڙا چِٽ ٿين ٿا. ماديءَ جو پيٽ اخروٽي ٿئي ٿو ۽ ان تي ڪاريون ڌاريون ٿين ٿيون. ڳچيءَ ۽ مٿي تي ڪارا چٽ، پُٺيءَ تي تتر کرڙي ڌاريون ۽ سنهو نوڪدار پڇ ٿئيس ٿو، جيڪو اڏامڻ مهل اڃا به واضح نظر ايندو آهي .


لفظ ٻاٽيڀڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو