ٻرڻو

ٻرڻو

ٻرڻو

ٻُـرڻـو White-eyed Pochard, Ferruginious Duck /Aythya nyroca /: بدڪ جو قسم. 40 سينٽي ميٽر جسامت واري ھيءَ بدڪ پري کان ڪاري نظر ايندي آھي. ھن بدڪ جا نر مادي لڳ ڀڳ ھڪجھڙا ٿين ٿا، پر نَر وڌيڪ چمڪدار ھوندو آھي. ھن جي سِسي گـھِري ناسي ۽ پٺي چمڪدار ڪارسري سائي ھوندي آھي. ڇاتيءَ جو رنگ ناسي ۽ پيٽ اڇو ٿئي ٿو. اھا ٽُٻڻي بدڪ جو مثالي نمونو آھي، جيڪا پاڻيءَ ۾ اندر ئي اندر ترندي ۽ سنهيون ۽ ڊگهيون مڇيون کائيندي آهي. ٻُرڻو بدڪ پنڌ جي سُٺي نه آھي ڇو ته ان جون ٽنگون جسم ۾ ڪافي پوئتي ھونديون آھن. اڪثر ڍنڍن تي پوکن ويجھو ڇر تي ڏسبي آھي. ھي پکي افزائش نسل ڪشمير ۾ ڪندو آھي ۽ سياري ۾ ھندستان جي اترين ۽ مرڪزي علائقن ۾ پکڙجي ويندو آھي. ھن بدڪ جي نَر جي اڇي اک ۾ ڪاري پُتلي ھوندي آھي جڏھن ته ماديءَ جي اک اڇي ڪونه ٿئي .


لفظ ٻرڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو