پيٽ

پيٽ

پيٽ

پيٽ (abdomen): عضون جي تشريح جي علم مطابق، انسانن ۽ ٻين سمورن ڪرنگهي وارن جانورن جي سيني جي هيٺان واري حصي کي پيٽ چئبو آهـي. ان حـصـي ۾ پيشاب ۽ ٻــار جـي پيـدائـش جــا مرڪـزي عـضـوا هـوندا آهـن. کـوپڙي ۽ سيني جي ڀيٽ ۾ پيٽ جي چؤطـرف هڏيون ناهن هـونـديـون، ان ڪــري ان جــي شڪل مختلف ٿي سگهي ٿي. پيٽ جي مختلف عضون ۾ معدو، جگر، پتو، لبلبو، تري، گڙدا، آنڊا، غدود ۽ مثانو شامل آهن، ماديءَ جي پيٽ ۾ ٻچي داني ۽ بيضي داني هوندي آهي، جڏهن ته نر جي پيٽ ۾ پروٽيسٽ غدود هوندا آهن، پيٽ جي عضون کي ٻن تهن وارو سنهو پردو پيريٽونيم ويڙهي رکندو آهي.


لفظ پيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو