پاسراٽيون

پاسراٽيون/ پاسريون: انساني جسم جو سيني (ڇاتيءَ) وارين هڏين جو پڃرو. هي پڃرو اڳيان سيني واري تاڪيءَ سان ۽ پٺ ۾ پٺيءَ واري ڪنڊي سان ڳنڍيل هوندو آهي. انهيءَ پڃري ۾ مٿيون ست پاسريون سيني جي تاڪيءَ سان ڳنڍيل هونديون آهن. باقي ٽي پاسريون به اٺين پاسريءَ سان مليل هونديون آهن ۽ پوءِ ڏهين ۽ يارهين ٻه پاسريون، لنڊيون پاسراٽيون ٿينديون آهن، جيڪي فقط پٺيءَ واري ڪنڊي سان مليل هونديون آهن. انهن پاسراٽين جي پڃري ۾ ڦڦڙ ۽ ٻيا نازڪ عضوا ڌڪن وغيره کان محفوظ رهندا آهن. ڇاتيءَ ۽ پٺيءَ وارين هڏين جي شڪل سنهي، چپٿري ۽ تلوار وانگر وريل ٿئي ٿي. پٺيءَ وارين پاسراٽين کي Vertebrates ۽ سيني يا ڇاتيءَ وارين پاسراٽين کي Thoracic vertebrates چئبو آهي. پٺيءَ ۽ سيني جي پاسي کان ٻارهن پاسراٽيون ٿين ٿيون. سيني يا ڇاتيءَ جون پهريون 7 پاسراٽيون سيني واري هڏي (Breast bone) سان ڳنڍيل ٿين. انهن کي True ribs ۽ سيني جي پنجن پاسراٽين کي False ribs چئبو آهي. انهن مان پهريون پاسراٽيون Costal cartilage سان ڳنڍيل ٿين ٿيون، باقي ٻه پاسراٽيون ڪُرٽڻي هڏيءَ (Cartilage) جي پڇاڙيءَ کان نڪرن ٿيون، جيڪي پيٽ جي ڀِت کي ڇُهن ٿيون، انهن کي لنڊيون پاسراٽيون چئجي ٿو. ڦڦڙن ۾ ايندڙ هوا کي وڌائڻ ۽ گهٽائڻ ۾ پاسراٽين جو عمل دخل هوندو آهي.


لفظ پاسراٽيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو