ٻوئر

ٻوئر

ٻوئر

ٻُـوئر، ٻُـوئري، ٻُئاري، ٻُھر، ٻـُرڙ Gadwall / Anas strepera /: بدڪ جو قسم. 51 سينٽي ميٽر جسامت جي هن بدڪ جا نر ۽ مادي مختلف رنگن جا ٿين ٿا. نر سرمائي ٿئي ٿو جنهن جو پويون حصو چمڪدار سرمائي اڇو ڪارو هوندو آهي. نَـر کي مٿي ۽ پڇ تي ڪارو چٽو ٿئي ٿو. مادي جو رنگ هلڪو، دڙڳ دڙڳ ٿئي ٿو ۽ اڇن کنڀن جو چمڪدار چٽو ھوندو اٿس. ان جو نمونو نيرڳي (Mallard) جي ماديءَ جهڙو پر پيٽ اڇو ۽ ٽنگون هيڊيون ٿينديون آهن .


لفظ ٻوئرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو