اسپنگر

اسپنگر: هيءُ هڪ ٻوٽيءَ جو ٻج ۽ پسارڪو وکر آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ”رقطونا“ ۽ فارسيءَ ۾ ”اسپغول“ سڏجي ٿو. هن جا ٻه ٽي قسم ٿين ٿا، جيئن اڇو، ڳاڙهو، ڪارو ۽ اڇو پر ڳاڙهاڻ مائل. هي پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان ڦونڊجي وڃي ٿو.
طبي لحاظ کان آنڊن جي زخم، پيچش ۽ پيٽ ۾ مروڙ جي بيماريءَ ۾ اسپنگر جي تهِي پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان آرام ايندو آهي. اسپنگر کي هلڪي سٽڻ ڪٽڻ سان اُن جون کلون يا تُههَ لهي وڃن ٿا، انهن کلن کي ”اسپنگر جي تُهِي“ سڏبو آهي، جيڪا پڻ پسارڪي وکر ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ پيٽ جي بيماريءَ ۽ خشڪي لاهڻ لاءِ علاج طور ڪم اچي ٿي. اڄڪلهه دوائن جون ڪمپنيون ”اسپغول“ جي نالي سان اسپنگر جي صاف ٿيل تهي پئڪيٽن ۾ تيار ڪري رهيون آهن.


لفظ اسپنگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو