تشريح

تشريح: هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’کولڻ، وضاحت ڪرڻ، بيان ڪرڻ ۽ ڀيٽ ڪرڻ‘. ا صطلاح جي معنيٰ ٿيندي ’ڪنهن جي حسن يا علم جو بيان‘. آڳاٽي وقت ۾ هيءُ لفظ ’تشريح‘ جسماني جوڙجڪ ۽ بناوت جي علم جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو. جنهن ۾ جسم جي شريانين جو اڀياس، مختلف حيواني شڪلين جي بناوت جو اڀياس ۽ ان جي واڌ ويجهه جو اڀياس شامل هو.
هونئن ادبي اصطلاح ۾ ڪنهن شعر يا عبارت جي سمجهاڻيءَ کي تشريح چئبو آهي .


لفظ تشريحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو