پير

پير: انساني جسم جو هڪ عضوو، پير، پڳ، زمين تي لڳل پير جو نشان، پيرو، ڪنهن ڏوهيءَ (چور) کي جهلڻ لاءِ، ان جي پيرن جي نشان تي هلي، ان جي ٺڪاڻي تي پهچي وڃبو آهي. جيڪڏهن پيرن جا نشان ڊهي ويا هوندا ته پوءِ چوندا ”پير وڃائجي ويو“. ان معنيٰ ۾ شاهه صاحب جو بيت آهي:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي واسطي يا تعلق لاءِ ”پير کڻڻ“ يا پير ڀرڻ اصطلاح طور ڪم ايندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڌر سان رستو يا تعلق هوندو آهي ته چوندا فلاڻي سان ’پير پنڌ‘ جو رستو آهي.


لفظ پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو