رُونَهارو

رُونَهارو: هيءُ هڪ قسم جو پکي آهي، جنهن جا پرَ هلڪا ڪارا، پيٽ اڇو ۽ بت ڪارانجھڙو ٿيندو آهي، چهنب سنهي بدڪ جھڙي ۽ ڳچي به ڏاڍي سهڻي ۽ ڊگھي ٿيندي آهي. هن پکيءَ جي مٿي تي چوٽي ٿئي ٿي. رونهارو پرڏيهي پکي آهي ۽ سدائين ويڳاڻو ۽ وائڙو رهندو آهي. منڇر ۾ اچڻ کانپوءِ هن پکيءَ کي پوئتي جي اون گھڻي هوندي آهي. هن پکيءَ جو گوشت ڪافي لذيذ ٿئي ٿو. هي گاهه ۽ ڏوڏا کائيندو آهي. سنهڙا ڪوڏ ( کانکڙو) گهڻا کائيندو آهي. هيءَ پکي هر سال سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو