چنڊول

چنڊول

ڳاڙهه- کنڀو چنڊول

ڳاڙهه- کنڀو چنڊول

ڪلانڊرا چنڊول

ڪلانڊرا چنڊول

طوطي چنڊول

طوطي چنڊول

چنڊول

چنڊول (پکي): چنڊول هڪ قسم جو پکي آهي، جيڪو گھڻو ڪري سنڌ جي جابلو ڀاڱن ۾ ملي ٿو. هن جا کنڀ تمام سهڻن رنگن وارا ٿين ٿا ۽ مٿي تي تاج نما چوٽي ٿئي ٿي. هن جو شمار حلال پکين ۾ ٿئي ٿو. ماڻهو هن جو شڪار ڪندا آهن. هيءَ جسامت ۾ ڳيري جي قد جيترو ٿئي ٿو. حڪيمن موجب چنڊول جو گوشت ڪاڙهي، شوروو ڪري پيارڻ سان: فالج، لقوي، مثاني ۽ گڙدي جي پٿري، پاسي ۽ سيني جي سور جي بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي. هن جا ٻيا به هيٺيان قسم آهن.
چنڊول (ڳائيندڙ): يوريشائي چنڊول سريلي آواز جي ڪري مشهور آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ Skylark چوندا آهن. هي کليل فصل وارين زمينن ۾ گهڻائيءَ ۾ ملي ٿو. سندس ٿاڪ گهڻو ڪري يورپ ۽ ايشيا ۾ آهن. هي سردين ۾ اترين پاسن کان هجرت ڪري آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا ڏانهن هليا وڃن ٿا. چنڊول پنهنجا گهر ميدانن ۾ ٺاهين ٿا ۽ 4 کان 3 آنا ڏين ٿا ۽ هڪ کان ٻه ٻچا پيدا ڪن ٿا.
عام چـنڊول/ هُـڙيو(Eurasian or Common Sky lark/ Alauda arvensis) : چنڊول پکيءَ جي هن قسم کي ننڍو چنڊول (Small Skylark /Alauda gulgula) به چوندا آهن. هيءُ 17 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن جا نر ۽ ماد رنگ روپ ۾ هڪجهڙا ٿيندا آهن. چنڊول جو رنگ پٿريلو ناسي ٿيندو آهي. هن جي اکين مٿان هڪ اڇي ليڪ سان گڏ مٿي تي ننڍڙي چوٽي ٿيندي

آهي. هن جي سڃاڻپ چهڪدار ٻولي آهي. هي زمين تان اڏرڻ وقت پنهنجي مخصوص انداز واري ٻولي ڪندو آهي. هي ٻين پکين وانگر ٻج، اَن ۽ جيت کائيندو آهي. زمين تي مضبوط آکيرو ٺاهيندو آهي. هن جي رهائش جا هنڌ، ميدان ۽ چراگاهه آهن.
ڳاڙهه- کنڀو چنڊول (Red-Winged Bushlark/ Mirafra erythroptera): چنڊول جھرڪيءَ جي شڪل سان ملندڙ جلندڙ هوندو آهي. جسامت ۾ 14 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي. هن جي پُٺي ڦِڪي ناسي ٿئي ٿي، جنهن کي جهرڪيءَ جهڙا پر ٿيندا آهن، جن تي ڳاڙهسرا دڙڳ ٿين ٿا. هن جي پَرن ۽ ڇاتيءَ تي گهرا چٽ هوندا آهن. هن جو پيٽ وارو ڀاڱو اڇو ٿيندو آهي ۽ پَرن جي ٻاهرين ڪناري ڳاڙهي ٿيندي آهي. هن جون ٽنگون ڳاڙهسِريون، هيڊيون ٿينديون آهن.
ڪلانڊرا چنڊول ((Calandra Lark/ Melanocorypha bimaculat: هن جنس جا نر ۽ ماد هڪجهڙا ٿيندا آهن. چنڊول جي پُٺي گهري ناسي ٿيندي آهي، جنهن تي گهريون ليڪون ٿينديون آهن. هن جي ڳچيءَ ۽ پيٽ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو. ڇاتيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڪارا نشان هوندا اٿس. ان کان سواءِ اکين جي مٿان ڀرن وانگر اڇي ليڪ ٿيندي آهي.
طوطي چنڊول(Black-crowned Finch Lark/ Eremopterix nigriceps) : هي پکي به چنڊول جي خاندان مان آهي. هن کي ڪاري مٿي وارو چنڊول به چوندا آهن. هن جي جسامت 13 سينٽي ميٽرن جو ٿئي ٿو. هن جي پٺيِءَ جو رنگ ريتيءَ جھڙو ناسي، ڳچيءَ، پيٽ ۽ مٿي جو رنگ ڪارو، پيشاني، ڳل ۽ ڪنن وارو حصو اڇو ٿئي ٿو. هن جي نر ۽ مادي مختلف رنگن جا ٿين ٿا. مادي ميرانجهڙِي چوٽيءَ واري ٿئي، جيڪا رنگ ۾ جهرڪيءَ جهڙي هوندي آهي. طوطي نما چنڊول جي چهنب ننڍي ۽ ٿلهي ٿئي ٿي. هي سڪل ڍورين ۽ نئين جي ڪنڌين تي رهندو آهي.


لفظ چنڊولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو