پري

پري: لوڪ ڪهاڻين جو غير معمولي سونهن رکندڙ خيالي ڪردار. پرين بابت روايت آهي ته ڪوهه قاف ۾ رهن ٿيون. کين پَرَ هوندا آهن، جن سان اڏامنديون آهن ۽ هر هنڌ وڃي سگهن ٿيون. نهايت سهڻيون ٿينديون آهن.
مشرقي ادب جي ڪهاڻين ۾ پرين کي خاص مقام حاصل آهي. خاص طرح سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ پرين جو ڪردار آکاڻيءَ ۾ رس ۽ چس پيدا ڪندو آهي.
ڏند ڪٿائي قصن ۾ آهي ته پريون غير فطري طاقت جون مالڪ، خـوبصـورت ۽ پـرن واريـون هـونديـون آهـن، اڳئيـن وقـت ۾ ماڻهو پرين جي وجود تي يقين رکندا هئا ۽ اڃا تائين ڪيترا ماڻهو انهن سان، ڪيترائي واقعا منسوب ڪن ٿا. انهن ماڻهن مطابق پريون ٻن قسمن جون آهن: نيڪ ۽ بد، انهن ٻنهي ۾ غلبي ۽ اقتدار جي ڪشمڪش جاري رهي ٿي. انهيءَ ڪشمڪش جو اثر انساني فعلن، ڪردارن، حرڪتن ۽ ارادن تي به ٿيندو آهي. قديم انگريزي ادب ۾ انهيءَ قسم جي پرين جي هڪ الڳ دنيا نظر اچي ٿي. انهن مان ڪن کي مضمونن ۽ ڊرامن جي ڪردارن طور پيش ڪيو ويو آهي. شيڪسپيئر جو ڊرامو ”مِڊ سَمَر نائِيٽ ڊِرِيم“، پرين جي ئي هڪ ڪهاڻي آهي. اوڀر جي ادب ۾ به جنن ۽ پرين کي مختلف ڪهاڻين ۾ جڳهه ڏني وئي آهي. الف ليليٰ ۾ ته انهن جي مڪمل معاشري جي هڪ لفظي تصوير ڪڍي وئي آهي.


لفظ پريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو