ايوڌيا

ايوڌيا / اجوڌيا: ايوڌيا ڀارت ۾ هڪ ڌرمي اهميت وارو شهر آهي، جيڪو فيض آباد کان ڇهه ڪلوميٽر پري آهي، جنهن جي آبادي اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهن تي مشتمل آهي. اها هندن جي هڪ وڏي تيرٿ يا زيارت گاهه طور مشهور آهي، ڇو ته اهو نه صرف شري رام جي جنم ڀومي آهي، پر خود رامائڻ ۾ ذڪر ڪيل ڪيترن واقعن سان لاڳاپيل آهي. اٿرويد ۾ ايوڌيا کي ديوتائن جو اڏيل شهر ۽ سرڳ (جنت) جهڙو شاهڪار سڏيو ويو آهي، پر موجوده دور ۾ اهو هڪ غريباڻو شهر آهي، جنهن ۾ مندرن جي گهڻائي آهي. ان کانسواءِ هتي باندر به گهڻائيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن شهر کي ان وقت وڏي شهرت ملي جڏهن اتي موجود بابري مسجد کي اهو چئي شهيد ڪيو ويو ته بابر بادشاهه اها مسجد 500 سال اڳ شري رام جي جنم واري جاءِ تي اڏائي هئي.

http://en.wikipedia.org/wiki/Ayodhya


لفظ ايوڌياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو