آئلسنگاڻي

آئلسنگاڻي: نک (تلريجا ):اصل اروڙنسي آهي. هيءُ بندئي سک آهن. راجا رنجيت سنگهه جي وقت ۾ پنجاب جي ڪن سنگهه اڪالين ۽ هنن بندئي سکن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿي ته سندن وڏو ڏاڏو لڇمڻ سنگهه پنجاب مان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ لاڙڪاڻي کان اڍائي ڪوهه کن پري نائچن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. کيس چار پٽ هئا. آئل سنگهه، گربخش سنگهه، هريسنگهه ۽ گرڏنو سنگهه، جن مان آئل سنگهه جي نالي پٺيان هي ”آئلسنگاڻي“ سڏجن ٿا. نائچن ۾ وڌيا ويجهيا ته اتي سندن هڪ سئو کن گهر ٿيا، پوءِ ڪي لڏي لاڙڪاڻي ويا ۽ ڪي ٻين هنڌ نوڪرين ۾ آهن. هن وقت تائين نائچن ۾ سندن چاليهه کن گهر آهن. اڪثر زمينداري ڪندا آهن، پر ڪي نوڪرين ۾ به آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو